Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 16:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو موآب جون نديون ارنون جي لانگهن وٽ اهڙيون ٿينديون جهڙا گهمندڙ پکي، ۽ جهڙو پکيڙي ڇڏيل آکيرو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 کيس اهو بہ چوائي موڪل تہ ”موآب جون عورتون برساتي نهر ارنون جي گھاٽن تي ملڪ کان ڀڄڻ لاءِ ائين پيون ڦرنديون وتن، جيئن پکي پنهنجن آکيرن مان اٿاريا ويا هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 16:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي موآب جي بادشاهہ ميسا کي گهڻيون رڍون هيون؛ ۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ کي هڪ لک رڍن ۽ هڪ لک گهٽن جي اُن پهچائي ڏيندو هو.


جيئن جهرڪي رلڻ ۾، ۽ جيئن ابابيل اُڏامڻ ۾، تيئن جيڪا لعنت بي سبب آهي سا لهي نٿي.


جيئن ڪو پکي پنهنجي آکيري مان نڪري رلڻ وڃي ٿو، تيئن اُهو ماڻهو آهي جو پنهنجي جاءِ تان نڪري رُلڻ ٿو وڃي.


۽ هيئن ٿيندو جو ڀڄايل هرڻ وانگي، ۽ انهن رڍن وانگي جن کي ڪوبہ گڏ نٿو ڪري، هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي قوم ڏي ورائيندا، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ ڏي ڀڄائيندا.


موآب شرمندو ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو ڀڃي ڀوري ڇڏيو ويو آهي: واويلا مچاءِ ۽ دانهون ڪر؛ اوهين ارنون ۾ خبر ڏجو تہ موآب ويران ٿي ويو آهي.


اي موآب، افسوس آهي تنهنجي حال تي! ڪموس جي قوم نيست نابود ٿي ويئي: ڇالاءِ جو تنهنجا پٽ قيد ٿي ويا آهن، ۽ تنهنجون ڌيئون بند ۾ آهن.


موآب کي کنڀ ڏيو تہ اُڏامي وڃي، ۽ ان جا شهر اهڙا ويران ٿيندا جو ڪوبہ انهن ۾ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


اي موآب، توسان ويل آهي! اي ڪموس جي اُمت، تون چٽ ٿي آهين: هن پنهنجا پٽ ڀڄائي ڇڏيا، ۽ پنهنجون ڌيون قيدي ڪري، امورين جي بادشاهہ سيحون کي ڏنيون.


۽ ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي، جو عروعير شهر آهي، ۽ ماٿريءَ ۾ جيڪو شهر آهي، تنهن کان وٺي جلعاد تائين، اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو: سڀيئي شهر، خداوند اسان جي خدا، اسان جي حوالي ڪيا:


سو انهي وقت اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو: ۽ عروعير، جو ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جلعاد جي ٽڪرائتي ملڪ جو اڌ، ۽ انهي جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا:


انهي وقت اسان امورين جي ٻنهي بادشاهن کان، جيڪي يردن جي هن ڀر رهندا هئا، سندن سارو ملڪ، ارنون جي ماٿريءَ کان وٺي حرمون جبل تائين کسي ورتو.


۽ انهن جي سرحد عروعير کان شروع ٿي جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جيڪو شهر واديءَ جي وچ ۾ آهي، ۽ ميدبا جي پاسي وارو سڄو ميدان؛


تنهن کان پوءِ هو بيابان مان لنگهي، ۽ ادوم جي ملڪ ۾ موآب جي ملڪ کان ڦري ڪري، موآب جي ملڪ جي اُڀرندي پاسي کان آيا، ۽ ارنون جي هن ڀر اچي تنبو هنيائون؛ پر هو موآب جي سرحد اندر نہ آيا؛ ڇالاءِ جو ارنون موآب جي سرحد هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ