Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 16:14 - Sindhi Bible

14 پر هاڻي خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مزورن جي سالن جهڙن ٽن سالن جي اندر موآب جي وڏائي، ۽ ان جي وڏي جماعت نفرت جهڙي ڪئي ويندي؛ ۽ جيڪي باقي بچندا سي تمام ٿورا، ۽ ڪين جهڙا ليکيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هاڻي انهيءَ بابت خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”جيئن مزدورن جي ڪم ڪرڻ لاءِ وقت مقرر هوندو آهي، تيئن ٽن سالن جي وقت اندر ئي موآب جو شان وَ شوڪت انهيءَ جي رهاڪن سميت ختم ڪيو ويندو. انهيءَ جا اڪثر ماڻهو ختم ٿي ويندا ۽ باقي ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچندا، سي بہ نہ هجڻ جي برابر هوندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 16:14
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن لابن جي پٽن جون ڳالهيون ٻڌيون، جو چيائون ٿي تہ يعقوب اسان جي پيءُ جو سڀ ڪجهہ کڻي ويو آهي، ۽ اسان جي پيءُ جي مال مان هيترو شان حاصل ڪيو اٿس.


۽ هامان انهن کي پنهنجي وڏي دولت، ۽ گهڻي اولاد، ۽ جن سڀني ڳالهين ڪري بادشاهہ هن جو درجو وڌايو هو تن جو، ۽ ڪيئن هن کي چاڙهي ٻين اميرن، ۽ بادشاهہ جي ملازمن کان مٿي ڪيو هئائين، تنهن جو بيان ڪري ٻڌايو.


تون هن کان ٻئي پاسي نهار تہ هن کي آرام اچي، جيستائين هو مزور وانگر پنهنجا ڏينهن پورا نہ ڪري.


ماڻهوءَ جي لاءِ زمين تي جهيڙو جهڳڙو نہ آهي ڇا؟ ۽ هن جا ڏينهن مزور جي ڏينهن جهڙا نہ آهن ڇا؟


۽ هو الهندي پاسي فلستين جي ڪنڌ تي اُڏامي وڃي لهندا؛ گڏجي اڀرندي جي رهاڪن کي ڦريندا لٽيندا: اهي پنهنجو هٿ ادوم ۽ موآب تي ڊگهيريندا؛ ۽ بني عمون انهن جا تابعدار ٿيندا.


منهنجي دل موآب لاءِ دانهون ڪري ٿي؛ ان جا سردار ضغر تائين، ۽ عجلت شليشياہ ڏي ڀڄي وڃن ٿا: هو لوحيت جي چاڙهيءَ تائين رئندا مٿي وڃن ٿا؛ هو حورونايم جي رستي تي موت جي دانهن ڪن ٿا.


اهو آهي ڪلام جو گذرئي زماني ۾ خداوند موآب جي بابت فرمايو.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يعقوب جي وڏائي گهٽ ڪئي ويندي، ۽ سندس چرٻي ۽ بدن ڏٻرا ٿي ويندا.


ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي تہ هڪ سال اندر، مزورن جي سالن جي موجب، قيدار جي سڀ وڏائي گم ٿي ويندي:


لشڪرن جي خداوند اها رٿ رٿي آهي، انهي لاءِ تہ ساري شان شوڪت جي مغروريءَ کي چٽ ڪري ۽ زمين جي سڀني عزت وارن کي ذليل ڪري.


ڇالاءِ جو هن جبل تي خداوند جو هٿ رهندو، ۽ موآب پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙيو ويندو، جيئن ڪک لتاڙبا آهن.


هو انهيءَ جي وچ ۾ پنهنجا هٿ پکيڙيندو جيئن تارو ترڻ لاءِ پنهنجا هٿ پکيڙيندو آهي: ۽ هو ان جي مغروريءَ کي ان جي هٿن جي چالاڪيءَ سان گڏ لاهي هيٺ ڪندو.


ڇالاءِ جو انهي ٻار کي بدي ڇڏي ڏيڻ ۽ نيڪي پسند ڪرڻ جي خبر پوي تنهن کان اڳي جنهن زمين جي ٻن بادشاهن کي تون ڌڪارين ٿو، سا ويران ٿيندي.


۽ موآب قوم ٿيڻ کان ناس ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خداوند جي مقابلي ۾ وڏو ڪيو آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نڪي زور وارو ماڻهو پنهنجي زور تي فخر ڪري، نڪي دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري:


پر تون انهي جي لاءِ ضرور پنهنجي مٺ کولج، ۽ جنهن ڪم ۾ جيتري هن کي گهرج هجي، اوترو کيس اُڌارو ڏج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ