13 اهو آهي ڪلام جو گذرئي زماني ۾ خداوند موآب جي بابت فرمايو.
13 هي ئي اهو فرمان آهي، جيڪو خداوند موآب جي خلاف اڳ ۾ فرمايو هو.
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن موآب پاڻ کي حاضر ڪندو ۽ جڏهن هو مٿانهين جاءِ تي پاڻ کي ٿڪائيندو، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان ۾ دعا گهرڻ لاءِ ايندو تہ هو فتحياب نہ ٿيندو.
پر هاڻي خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مزورن جي سالن جهڙن ٽن سالن جي اندر موآب جي وڏائي، ۽ ان جي وڏي جماعت نفرت جهڙي ڪئي ويندي؛ ۽ جيڪي باقي بچندا سي تمام ٿورا، ۽ ڪين جهڙا ليکيا ويندا.
اوهين ڊڄو نہ، ۽ نہ ڪو ڊپ ڪريو: مون توکي اڳيئي اهو نہ ٻڌايو، ۽ نہ ڏيکاريو آهي ڇا؟ ۽ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ نہ، ڪو بہ ٽڪر ڪونهي؛ مون کي ڪوبہ ڪونہ سُجهي!