Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 16:11 - Sindhi Bible

11 تنهن ڪري منهنجا آنڊا موآب جي لاءِ بربط وانگي آواز ڪندا، ۽ منهنجا اندريان عضوا قيرحارس لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تنهنڪري قيرحارست شهر بلڪ سڄي موآب جي لاءِ غم وچان آءٌ ائين آهون ۽ دانهون ٿو ڪريان، ڄڻڪ منهنجي اندر ۾ سُرندو پيو وڄي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 16:11
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي دل موآب لاءِ دانهون ڪري ٿي؛ ان جا سردار ضغر تائين، ۽ عجلت شليشياہ ڏي ڀڄي وڃن ٿا: هو لوحيت جي چاڙهيءَ تائين رئندا مٿي وڃن ٿا؛ هو حورونايم جي رستي تي موت جي دانهن ڪن ٿا.


تنهن ڪري منهنجي ڪمر درد سان ڀريل آهي؛ جيئن ويامندڙ زال کي سور ٿيندا آهن، تيئن مون کي سورن اچي ورايو آهي: مون کي ايترو سور آهي جو آءٌ ٻڌي نٿو سگهان؛ آءٌ اهڙو ڊڄي ويو آهيان جو ڏسي نٿو سگهان.


آسمان تان هيٺ نهار، ۽ پنهنجي پاڪ ۽ جلال واري مڪان مان ڏس، تنهنجا غيرت ۽ تنهنجا قدرت وارا ڪم ڪٿي آهن؟ تنهنجي آنڊن جي اُڪير ۽ تنهنجون رحمتون جي مون تي هيون سي روڪجي ويون آهن.


افرائيم منهنجو پيارو پٽ آهي ڇا؟ جيترا ڀيرا آءٌ هن جي برخلاف ٿو ڳالهايان، اوترا ڀيرا آءٌ هن کي زيادہ شوق سان ياد ٿو ڪريان: تنهن ڪري هن جي لاءِ منهنجن آنڊن کي سيڪ ٿو اچي؛ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ضرور هن تي رحم ڪندس.


منهنجا آنڊا، منهنجا آنڊا! منهنجي دل ۾ اصل درد آهي؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ بي آرام آهي؛ آءٌ ماٺ ۾ رهي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اي منهنجا روح تو قرناءِ جو آواز ۽ جنگ جو نعرو ٻڌو آهي.


تنهن ڪري آءٌ موآب جي لاءِ واڪا ڪندس؛ هائو آءٌ سڄي موآب لاءِ رڙيون ڪندس؛ قيرحرس جي ماڻهن لاءِ هو ماتم ڪندا.


تنهن ڪري منهنجي دل موآب لاءِ، ۽ قيرحرس جي ماڻهن لاءِ بانسرين وانگي ٿي وڄي: تنهن ڪري جيڪو مال هن گڏ ڪيو هو سو چٽ ٿي ويو آهي.


اي خداوند ڏس؛ ڇالاءِ جو آءٌ تڪليف ۾ آهيان؛ منهنجن آنڊن ۾ وٽ ٿا پون؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڦري ويئي آهي؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍي بغاوت ڪئي آهي: ٻاهر ترار ماڻهو کسي وٺي ٿي، ۽ اندر گهر ۾ موت جهڙو حال آهي.


اي افرائيم، آءٌ توکي ڪيئن ڇڏي ڏيان؟ اي اسرائيل، ڪيئن آءٌ توکي ڏيئي ڇڏيان؟ ڪيئن توکي ادمہ جهڙو ڪريان؟ ڪيئن توکي ضبويم جهڙو بنايان؟ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ وٽ ٿي کائي، منهنجون رحمتون ظاهر ٿيون آهن.


تنهنڪري جيڪڏهن مسيح ۾ ڪا تسلي آهي، جيڪڏهن ڪو محبت جو دلاسو آهي، جيڪڏهن روح جي ڪا شراڪت آهي، جيڪڏهن ڪا رحمدلي ۽ مهرباني آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ