Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 16:1 - Sindhi Bible

1 سلع، جو بيابان جي پاسي آهي، تنهن کان وٺي صيون جي ڌيءَ جي جبل تائين اوهين انهيءَ زمين جي حاڪم لاءِ گهيٽا موڪليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي موآب جا بادشاهہ! يروشلم جي حڪمران ڏانهن تحفي طور گھيٽا موڪل، اهي پنهنجي شهر سلح کان بيابان جي رستي صيئون جبل تي پيش ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 16:1
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن موآب کي ماريو، ۽ اتي جي ماڻهن کي زمين تي سمهاري، رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين؛ ۽ ٻن رسين جي ماپ جيترا هن مارائي ڇڏيا، ۽ هڪڙي رسيءَ جيترا جيئرا ڇڏي ڏنا. ۽ موآبي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا کڻي آيا.


هن لوڻ واريءَ واديءَ ۾ ادومين مان ڏهہ هزار ڪُٺا، ۽ جنگ ڪري سلع ورتائين، ۽ انهيءَ جو نالو يقتيل رکيائين، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


هاڻي موآب جي بادشاهہ ميسا کي گهڻيون رڍون هيون؛ ۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ کي هڪ لک رڍن ۽ هڪ لک گهٽن جي اُن پهچائي ڏيندو هو.


تنهنڪري تون گهڻي ڪوشش ڪري، اُنهن پئسن سان، ڍڳا، ۽ گهٽا ۽ گهيٽا، سندن کاڌي جي قربانين، ۽ پيئڻ جي قربانين سميت، خريد ڪج، ۽ اُهي يروشلم ۾ پنهنجي خدا جي گهر جي قربانگاهہ تي چاڙهج.


اڄوڪي ڏينهن هو نوب ۾ منزل ڪندو: صيون جي ڌيءَ جي جبل تي، ۽ يروشلم جي ٽڪريءَ تي هو پنهنجو هٿ اُلاري ٿو.


ڀلي تہ بيابان ۽ ان جا شهر، ۽ قيدار جا آباد ڪيل ڳوٺ پنهنجو آواز مٿي ڪن؛ ڀلي تہ سلع جا رهاڪو ڳائين، ۽ جبلن جي چوٽيءَ تان وڏي سڏ پڪارين.


ملڪ جا سڀ ماڻهو اسرائيل جي حاڪم لاءِ اهو نذرانو ڏيندا.


اي ڌڻ جا ٺلهہ، اي صيون جي ڌيءَ جي ٽڪري، اهو تنهنجي لاءِ ٿيندو، يعني اها اڳين حڪومت جا يروشلم جي ڌيءَ جي بادشاهت آهي سا توکي ملندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ