Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 15:5 - Sindhi Bible

5 منهنجي دل موآب لاءِ دانهون ڪري ٿي؛ ان جا سردار ضغر تائين، ۽ عجلت شليشياہ ڏي ڀڄي وڃن ٿا: هو لوحيت جي چاڙهيءَ تائين رئندا مٿي وڃن ٿا؛ هو حورونايم جي رستي تي موت جي دانهن ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 مون کي موآب وارن جي حال تي روئڻ ٿو اچي. ان جا ماڻهو ضغر شهر ۽ عجلت شليشياہ ڏانهن ڀڄي ويا آهن، جن مان ڪي لوحيت شهر جي چاڙهيءَ تي چڙهندي روئندا رڙندا پيا وڃن، ۽ ڪي وري حورونايم شهر جي رستي سان ويندي تباهيءَ تي روئندا دانهون ڪندا ٿا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 15:5
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لوط پنهنجيون اکيون کڻي يردن جو سارو ميدان جو ضغر ڏانهن آهي سو ڏٺو؛ ڇالاءِ جو سدوم ۽ عمورہ کي خداوند برباد ڪيو، تنهن کان اڳي، اهو هنڌ مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر آباد هو.


جو انهن سدوم جي بادشاهہ برع، ۽ عمورہ جي بادشاهہ برشع، ۽ ادمہ جي بادشاهہ سني اب، ۽ ضبوئيم جي بادشاهہ شميبر، ۽ بالع، يعني ضغر جي بادشاهہ، سان جنگ ڪئي.


تون جلدي ڪري اوڏانهن ڀڄي وڃ؛ ڇالاءِ تہ جيسين تون اتي نہ پهچندين، تيسين آءٌ ڪي بہ ڪين ڪري سگهندس. تنهنڪري انهيءَ شهر جو نالو ضغر پئجي ويو.


۽ ساري ملڪ رڙيون ڪري رُنو ۽ ساري قوم لنگهي هلي: بادشاهہ بہ قدرون جي نهر لنگهيو ۽ سڀ ماڻهو بہ لنگهي بيابان جو رستو ڏئي هليا.


۽ دائود زيتونن جي جبل واريءَ چاڙهيءَ تي چڙهي ويو، ۽ چڙهندي روئندو ويو؛ ۽ سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اُگهاڙا هئا: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني جا مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي مٿي چڙهندي روئندا هليا.


پر هاڻي خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مزورن جي سالن جهڙن ٽن سالن جي اندر موآب جي وڏائي، ۽ ان جي وڏي جماعت نفرت جهڙي ڪئي ويندي؛ ۽ جيڪي باقي بچندا سي تمام ٿورا، ۽ ڪين جهڙا ليکيا ويندا.


ڇالاءِ جو خداوند لشڪرن جي خدا وٽان رويا واريءَ وادي ۾ بي آرامي، ۽ موت، ۽ مونجهاري، ڀتين جي ڀڃڻ، ۽ جبلن تائين رڙين ڪرڻ جو هي ڏينهن آهي.


انهن جا پير برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا، ۽ اهي بي گناهہ جو رت وهائڻ لاءِ تڪڙا ٿا ٿين: انهن جا خيال بدڪاريءَ جا آهن؛ انهن جي واٽن ۾ ويراني ۽ بربادي آهي.


پر جي اوهين نہ ٻڌندا تہ منهنجو روح ڳجهيءَ طرح اوهان جي مغروريءَ جي ڪري رئندو؛ ۽ منهنجون اکيون زار زار رئنديون ۽ ڳوڙها وهائينديون، ڇالاءِ جو خداوند جو ڌڻ قيد ٿي ويو آهي.


باقي آءٌ سو تنهنجي پٺيان ڌنار ٿيڻ کان ضدي نہ ٿيو آهيان؛ نڪي مون ويل واري ڏينهن جي خواهش ڪئي آهي: تون ڄاڻين ٿو؛ جيڪي منهنجن چپن مان نڪتو، سو تنهنجي روبرو هو.


منهنجا آنڊا، منهنجا آنڊا! منهنجي دل ۾ اصل درد آهي؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ بي آرام آهي؛ آءٌ ماٺ ۾ رهي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اي منهنجا روح تو قرناءِ جو آواز ۽ جنگ جو نعرو ٻڌو آهي.


شڪست تي شڪست جو هل پيو پوي؛ ڇالاءِ جو سارو ملڪ لٽجي ويو آهي: منهنجا تنبو اوچتو، ۽ منهنجا پردا هڪڙي پل ۾ لٽجي ويا آهن.


حورونايم مان دانهن جو آواز ٿو اچي! لٽ ڦر ۽ وڏي مصيبت!


ڇالاءِ جو لوحيت جي چاڙهيءَ کان هو رئندا مٿي ويندا؛ حورونايم جي لاهيءَ تي هنن موت جي دانهن جو ڏک ڀريو آواز ٻڌو آهي.


بابل جي وٺجڻ جي هل تي زمين ڏڪي ٿي ۽ اها دانهن ملڪن ۾ پئي ٻڌجي.


جبلن جي لاءِ آءٌ رئڻ ۽ رڙڻ شروع ڪندس ۽ بيابان جي چراگاهن لاءِ ماتم ڪندس، ڇالاءِ جو اُهي اهڙا سڙي ويا آهن جو ڪوبہ انهن مان نٿو لنگهي؛ ۽ نہ ماڻهو ڍورن جو آواز ٻڌي سگهن ٿا: هوا جا پکي توڙي جانور ڀڄي هليا ويا آهن.


اي موآب، توسان ويل آهي! اي ڪموس جي اُمت، تون چٽ ٿي آهين: هن پنهنجا پٽ ڀڄائي ڇڏيا، ۽ پنهنجون ڌيون قيدي ڪري، امورين جي بادشاهہ سيحون کي ڏنيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ