Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 15:1 - Sindhi Bible

1 موآب بابت ڪلام. هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو عار ويران ۽ نابود ٿي ويو؛ هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو قير ويران ۽ نابود ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 موآب جي باري ۾ هي پيغام آهي تہ ”بيشڪ هڪڙيءَ ئي رات ۾ موآب جا شهر عار ۽ قير ويران ۽ نابود ٿي ويا. هائو، هڪڙيءَ ئي رات ۾ موآب ملڪ تي بربادي اچي ڪڙڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 15:1
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن شهر ڊاهي ڇڏيا: ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ زمين جي سڀ ڪنهن چڱي ٽڪر تي پٿر اُڇلائي اُهو ڀري ڇڏيو، ۽ هنن پاڻيءَ جا سڀ چشما بند ڪري ڇڏيا، ۽ سڀ چڱا وڻ وڍي ڇڏيائون: نيٺ ائين ٿيو جو رڳو قيرحراست ۾ هنن ڪجهہ پٿر ڇڏي ڏنا؛ پر کانڀاڻين وارن انهيءَ جي چوڌاري وڃي انهن کي ماريو.


۽ هو الهندي پاسي فلستين جي ڪنڌ تي اُڏامي وڃي لهندا؛ گڏجي اڀرندي جي رهاڪن کي ڦريندا لٽيندا: اهي پنهنجو هٿ ادوم ۽ موآب تي ڊگهيريندا؛ ۽ بني عمون انهن جا تابعدار ٿيندا.


بابل بابت ڪلام جو يسعياہ بن آموص کي رويا ۾ حاصل ٿيو.


جنهن سال ۾ بادشاهہ آخز وفات ڪئي انهيءَ ۾ هيءُ ڪلام نازل ٿيو.


تنهن ڪري منهنجا آنڊا موآب جي لاءِ بربط وانگي آواز ڪندا، ۽ منهنجا اندريان عضوا قيرحارس لاءِ.


اسان موآب جي مغروريءَ جو ٻڌو آهي؛ بلڪ هن جي بيحيائي، ۽ هن جي هٺ، ۽ هن جي ڪاوڙ جو؛ هن جون ٻٽاڪون ڪي بہ ڪين آهن.


تنهن ڪري موآب، موآب جي لاءِ واويلا ڪندو، هرڪو ماڻهو واويلا ڪندو: قيرحراست جي ڪشمش جي ٽڪين لاءِ اوهين بلڪل بدحال ٿي ماتم ڪندا.


ڇالاءِ جو هن جبل تي خداوند جو هٿ رهندو، ۽ موآب پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙيو ويندو، جيئن ڪک لتاڙبا آهن.


۽ هو ڀتين جي مٿانهين ڪوٽ جي ٺلهہ کي هيٺ پٽ تي ڪيرائيندو بلڪ مٽيءَ سان ملائي ڇڏيندو.


مصر، ۽ يهوداہ، ۽ ادوم کي، ۽ بني عمون ۽ موآب کي، ۽ انهن سڀني کي جن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن، ۽ جي بيابان ۾ ٿا رهن: ڇالاءِ جو سڀ قومون اڻ طهريل آهن، ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو دل ۾ اڻ طهريل آهي.


ڇالاءِ جو حسبون مان هڪڙي باهہ نڪتي آهي، سيحون جي شهر مان هڪڙو شعلو هليو آهي: اهو موآب جي شهر عار، ۽ ارنون جي مٿانهين جاين کي ڳهي ويو آهي.


عار جو شهر، جو موآب جي سرحد تي آهي، اتان تون اڄ لنگهي وڃ:


۽ جڏهن تون بني عمون جي ويجهو اچين، تڏهن انهن کي نہ ستائج، نڪي انهن سان جنگ ڪج: ڇالاءِ جو آءٌ توکي بني عمون جي ملڪ مان ڪابہ ملڪيت ڪانہ ڏيندس: ڇوتہ مون اهو بني لوط کي ملڪيت طور ڏنو آهي.


۽ خداوند مون کي چيو، تہ موآبين کي نہ ستاءِ، نڪي انهن سان جنگ ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ توکي انهن جي ملڪ مان ڪابہ ملڪيت ڪانہ ڏيندس؛ ڇوتہ عار جو شهر مون بني لوط کي ملڪيت طور ڏنو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ