Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:6 - Sindhi Bible

6 جي ڪاوڙ ۾ غريبن کي پيا ڌڪ هڻندا هئا، جي غصي ۾ قومن تي حڪومت ڪندا هئا، ۽ اهڙا ظلم ڪندا هئا جو ڪوبہ روڪي نہ سگهندو هون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اهي غصي وچان غير قوم وارن کي پيا ماريندا ڪٽيندا هئا، ۽ غضبناڪ بڻجي مٿن حڪومت ڪندا هئا. اهي انهن ماڻهن تي ظلم پيا ڪندا هئا، جن تي فتح حاصل ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:6
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هن انهن جي مٿان ڪسدين جو بادشاهہ آندو، جنهن سندس پاڪ مڪان وارو گهر، ۽ سندن جوان ماڻهو ترار سان ڪُٺا، ۽ نہ ڪنهن جوان مرد تي رحم ڪيائين، ۽ نہ جوان زال تي، ۽ نہ پير مرد تي، نہ تمام ڪراڙي تي: سڀني کي هن انهي جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


خدا پنهنجي ڪاوڙ کي نہ موٽائيندو؛ رهب جا مددگار هن هيٺ جهڪن ٿا.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


جيئن گجندڙ شينهن ۽ گهمندڙ رڇ، تيئن اُهو شرير ماڻهو جو غريبن تي حاڪم آهي.


۽ منهنجي هٿ قومن جي دولت کي آکيري وانگي لڌو آهي؛ ۽ جيئن ڪو ڇڏي ڏنل آنا گڏ ڪري، تيئن مون ساري زمين گڏ ڪئي آهي: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو کنڀ چوري، يا وات پٽي، يا چون بہ ڪري.


خداوند شريرن جي لٺ ۽ حاڪمن جي عصا ڀڃي ڇڏي آهي


افسوس آهي توتي جو لٽين ٿو، ۽ پاڻ لٽيو نہ وئين؛ ۽ ٺڳي ٿو ڪرين، پر هنن تو سان ٺڳي نہ ڪئي! جڏهن تون ڦرلٽ ڪري بس ڪندين تڏهن تون لٽبين؛ جڏهن تون ٺڳي ڪري بس ڪندين، تڏهن اهي تو سان ٺڳي ڪندا.


۽ اُتر جي سڀني بادشاهن کي، جي ويجهو ۽ پري آهن يا هڪٻئي سان گڏ آهن؛ ۽ زمين جي سطح تي دنيا جون جيڪي بادشاهتون آهن تن کي: ۽ انهن کان پوءِ شيشڪ جو بادشاهہ پيئندو.


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.


اوهين سڀ، جي اُن جي آس پاس آهيو سي اُن تي افسوس ڪريو، ۽ اوهين سڀ جي ان جي نالي جا واقف آهيو سي چئو تہ اها مضبوط لٺ، اهو سهڻو ڏنڊو ڪيئن نہ ڀڄي پيو آهي.


خداوند، لشڪرن جو خداوند، ٿو فرمائي، تہ اي مغرور، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان: ڇالاءِ جو تنهنجو ڏينهن آيو آهي، اُهو وقت، جڏهن آءٌ اچي تنهنجي خبر لهندس.


هنن منهنجيون آهون ٻڌيون آهن: مون کي ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي: منهنجن سڀني دشمنن منهنجي تڪليف جو ٻڌو آهي؛ اُهي خوش ٿيا آهن تہ تو ائين ڪيو آهي: تون اُهو ڏينهن آڻيندين، جنهن جي تو اڳيئي خبر ڏيئي ڇڏي آهي، ۽ هو مون جهڙا ٿيندا.


۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.


هاڻي هو پنهنجي ڄار خالي ڪندو ڇا ۽ قومن کي هميشہ قتل ڪرڻ کان بس نہ ڪندو ڇا؟


هائو مغرور ماڻهو شراب وانگر دغاباز آهي ۽ پنهنجي گهر ۾ نٿو رهي؛ هو دوزخ وانگي پنهنجي گهرج وڌائي ٿو، ۽ موت وانگي آهي جنهن جو ڪڏهن بہ ڍءُ نٿو ٿئي، بلڪ سڀ قومون پنهنجي لاءِ گڏ پيو ڪري، ۽ سڀ خلقتون پنهنجي لاءِ پيو ميڙي.


ڇالاءِ جو جنهن پاڻ رحم نہ ڪيو آهي، تنهن جو انصاف بہ رحم کانسواءِ ٿيندو: رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ