Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:3 - Sindhi Bible

3 ۽ اُنهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند توکي تنهنجي ڏک، ۽ تنهنجي تڪليف، ۽ جنهن سخت پورهئي ۾ تون پيو هئين تنهن کان آرام ڏيندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اهڙيءَ طرح خداوند بني اسرائيل کي ڏکن ۽ تڪليفن کان ۽ انهيءَ سخت پورهئي کان آرام بخشيندو، جيڪو کانئن زور زبردستيءَ سان ڪرايو ويندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


۽ منهنجي اُمت سلامتيءَ واري گهر ۾، بي خوف، آرام ۽ فرحت جي جاين ۾ رهندي.


اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.


۽ تون پاڻ، جيڪا ميراث مون توکي ڏني هئي، تنهن کان ڌار ٿيندين: ۽ جنهن زمين جو تون واقف ناهين، تنهن ۾ آءٌ توکان تنهنجي دشمنن جي خدمت چاڪري ڪرائيندس: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي ڪاوڙ جي باهہ ٻاري آهي، جا هميشہ پئي ٻرندي.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊپ نہ ڪر؛ نڪي اي اسرائيل تون پريشان ٿي: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي پري کان بچائيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي هنن جي قيد جي ملڪ کان؛ ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ امن ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ هن کي نہ ڊيڄاريندو.


۽ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ هن جي پاڃاري تنهنجي ڳچيءَ تان ڀڃي ڇڏيندس، ۽ تنهنجا بند ڦوڙيندس؛ ۽ ڌاريا ماڻهو وري اڳتي پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري نہ وٺندا.


انهن جو ڇڏائيندڙ زور وارو آهي؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي: هو انهن جي پاران پوري طرح حجت دليل ڪندو، تہ زمين کي آرام ڏئي، ۽ بابل جي رهاڪن کي بي آرام ڪري.


۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ وري ڪڏهن بہ چُڀندڙ ڪانڊيرو يا سندن چوڌاري ايذاءُ ڏيندڙ ڪنڊو ڪونہ رهندو؛ پوءِ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي صيون لاءِ سخت غيرت آهي، ۽ انهيءَ غيرت ڪري آءٌ سخت ڪاوڙيل آهيان.


۽ آءٌ انهن کي موٽائي آڻيندس، ۽ هو وري يروشلم ۾ رهندا؛ ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ سچائيءَ ۽ صداقت سان سندن خدا ٿيندس.


تنهنڪري بک ۾، اُڃ ۾، اوگهڙ ۾، ۽ سڀني شين جي محتاجيءَ ۾ بہ، جيڪو دشمن خداوند توتي موڪليندو، تنهن جي تون خدمت ڪندين: ۽ جيسين هو توکي برباد نہ ڪندو، تيسين تنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجهندو.


اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ