28 جنهن سال ۾ بادشاهہ آخز وفات ڪئي انهيءَ ۾ هيءُ ڪلام نازل ٿيو.
28 جنهن سال بادشاهہ آخز وفات ڪئي، تنهن سال خداوند فلستين لاءِ هي پيغام ڏنو تہ
۽ آخز پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ دائود جي شهر ۾ پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ سندس پٽ حزقياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
۽ يهوداہ جي سڀ ڪنهن شهر ۾ هن ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي مٿانهيون جايون ٺهرايون، ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڪاوڙ ڏياريائين.
۽ آخز پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ کيس شهر ۾، يعني يروشلم ۾ دفن ڪيائون، ڇالاءِ جو هن کي اسرائيل جي بادشاهن جي قبرستان ۾ نہ آندائون: ۽ سندس پٽ حزقياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
بابل بابت ڪلام جو يسعياہ بن آموص کي رويا ۾ حاصل ٿيو.
جنهن سال ۾ عزياہ بادشاهہ وفات ڪئي انهي سال ۾ مون ڏٺو تہ خداوند هڪڙي اُتانهين ۽ مٿي رکيل تخت تي ويٺو آهي، ۽ هن جي قبا جي دامن هيڪل کي ڀري ڇڏيو.
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ فلستين دشمنيءَ جي هلت ڪئي آهي، ۽ مدامي دشمني سان اُن کي ناس ڪرڻ جي لاءِ، بلڪ دل جي نفرت سان وير ورتو اٿن.
اسقلون هوا ڏسي ڊڄندو، ۽ غزہ اِهو بہ ڏسي گهڻو ڏک ڪندو؛ ۽ عقرون شرمندو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جي اُميد ناس ٿيندي، ۽ غزہ جي بادشاهي ويندي رهندي ۽ اسقلون ويران ٿيندو.