Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:24 - Sindhi Bible

24 لشڪرن جي خداوند قسم کنيو آهي ۽ فرمائي ٿو، تہ جيئن مون خيال ڪيو آهي تيئن ضرور ٿيندو؛ ۽ جيئن ارادو ڪيو اٿم تيئن ئي ڳالهہ اچي بيهندي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 خداوند قادرِمطلق قسم کڻي فرمائي ٿو تہ ”جيئن مون رٿيو آهي، تيئن ضرور ٿيندو. هائو، جيڪو ارادو مون ڪيو آهي، سو ضرور پورو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:24
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اهو خواب جو فرعون کي ٻہ ڀيرا ڏيکاريو ويو آهي، سو انهيءَ لاءِ تہ اها ڳالهہ خدا مقرر ڪري ڇڏي آهي، ۽ خدا جلد ائين ڪندو.


پر هو هڪڙي خيال جو آهي ۽ ڪير هن کي ڦيرائي سگهندو؟ جيڪي سندس روح ٿو چاهي اهو ئي هو ڪري ٿو.


خداوند قسم کنيو آهي، هو ڦرندو ڪين، تہ تون ملڪ صدق جي طريقي جو هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.


خداوند قومن جي صلاح کي باطل ٿو ڪري: ۽ ماڻهن جون رِٿون بي اثر ڪري ٿو.


اي خداوند تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ عظيم آهن! تنهنجا خيال تمام اونها آهن.


۽ چيائين تہ خداوند قسم کنيو آهي تہ خداوند عماليق سان پيڙهي بہ پيڙهي جنگ ڪندو رهندو.


ماڻهوءَ جي دل ۾ گهڻيون ئي تجويزون آهن؛ پر قائم فقط خداوند جي رٿ رهندي.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


اسور جو منهنجي ڪاوڙ جو لڪڻ، ۽ اها لٺ آهي جنهن جي هٿ ۾ منهنجو عصو آهي،


هاڻي تنهنجا ڏاها ماڻهو ڪٿي آهن؟ ۽ ڀلي تہ اهي توکي ٻڌائين؛ ۽ ڀلي تہ اهي ڄاڻن تہ لشڪرن جي خداوند مصر جي نسبت ۾ ڪهڙي رٿ رٿي آهي.


۽ يهوداهہ جي زمين مصر جي لاءِ خوف جو سبب ٿيندي، جنهن وٽ انهيءَ جو ذڪر ڪيو ويندو سو ڊڄي ويندو، انهيءَ ارادي جي ڪري، جو لشڪرن جي خداوند ان جي برخلاف ڪيو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجا خيال اوهان جا خيال نہ آهن، نڪي اوهان جا رستا منهنجا رستا آهن.


جيئن آسمان زمين کان مٿي آهي، تيئن منهنجا رستا اوهان جي رستن کان، ۽ منهنجا خيال اوهان جي خيالن کان مٿي آهن.


خداوند جي ڪاوڙ تيسين نہ موٽندي جيسين انهي جي پورائي نہ ڪندو، ۽ جيسين هو پنهنجي دل جو ارادو پورو نہ ڪندو: پوئين ڏينهن ۾ اوهين اُهو پوريءَ طرح سمجهندا.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي اوهان جي حق ۾ منهنجا خيال آهن، سي آءٌ ڄاڻان ٿو، اُهي خير سلامتيءَ جا خيال آهن نہ خرابي جا، يعني تہ اوهان جي پڇاڙيءَ ۾ اوهان کي اُميد ڏيان.


تنهن ڪري اي يهوداہ جي سڄي قوم، اوهين جي مصر جي ملڪ ۾ رهو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏسو، مون پنهنجي وڏي نالي جو قسم کنيو آهي تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي واتان اڳتي وري منهنجو نالو نہ نڪرندو، ۽ ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي.


تنهن ڪري اوهين خداوند جي اُها رٿ ٻڌو جا هن ادوم جي برخلاف ڪئي آهي؛ ۽ هن جا اُهي ارادا، جي هن تيمان جي رهاڪن جي برخلاف ڪيا آهن؛ يعني هو انهي کي، گهلي ويندا، بلڪ ڌڻ جي ٻچن کي بہ؛ يقيناً هو ان جي رهڻ جو هنڌ، ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو.


تنهن ڪري جيڪا مصلحت خداوند بابل جي برخلاف ڪئي آهي سا اوهين ٻڌو؛ ۽ هن جا ارادا، جي هن ڪسدين جي ملڪ جي برخلاف ڪيا آهن؛ يقين آهي تہ هو انهن کي گهلي ويندا، يعني ڌڻ جي ٻچن کي؛ يقين آهي تہ هو انهن جي رهڻ جي جاءِ ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو.


اُهو ڪير آهي جو چوي ٿو تہ ائين ٿئي ٿو، جڏهن خداوند اهڙو ڪم نٿو ڪري؟


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان؛ آءٌ ڳالهائيندس ۽ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو پورو ٿيندو؛ انهي ۾ وري دير نہ لڳندي؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي باغي گهراڻا، اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ ڪلام ڪندس ۽ اُهو عمل ۾ آڻيندس.


تون اسرائيل جي جبلن تي ڪِرندين، تون ۽ تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ جيڪي قومون توسان آهن: آءٌ توکي هر قسم جي ڳجهن، ۽ جهنگ جي جانورن جي حوالي ڪندس تہ توکي ڳڙڪائي ڇڏين.


ڇا ڪنهن شهر ۾ قرناءِ وڄائي ويندي ۽ ماڻهو نہ ڊڄندا؟ ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوندي، ۽ خداوند اُها نہ موڪلي هوندي ڇا؟


خداوند، يعقوب جي وڏائيءَ جو هي قسم کنيو آهي، تہ آءٌ هنن جو ڪوبہ ڪم ڪڏهن وساري نہ ڇڏيندس.


انهي مهل يسوع ورندي ڏيئي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏنيون اٿيئي،


تان تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر اڳيئي مقرر ٿيل هو سو پورو ڪن.


جيئن تہ هن پنهنجي مرضيءَ جو راز انهي پنهنجي چڱي ارادي موجب اسان تي ظاهر ڪيو، جو هن پاڻ ۾ ٺهرائي ڇڏيو هو،


ڇالاءِ جو اسان جن ايمان آندو، سي انهي آرام ۾ داخل ٿا ٿيون. جيئن ڪ هن چيو آهي، تہ ”مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ قسم کنيو هو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا،“ جيتوڻيڪ جهان جي بنياد کان ئي هن جا ڪم پورا ٿيا هئا.


ڇالاءِ جو اهو خداوند جو حڪم هو، جنهن هنن جون دليون سخت ڪيون، تہ اسرائيل سان اچي جنگ ڪن، انهي لاءِ تہ هو کين صفا ناس ڪري ڇڏين، ۽ مٿن ڪابہ مهرباني نہ ٿئي، بلڪ هنن کي چٽ ڪري ڇڏين، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ