Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:22 - Sindhi Bible

22 ۽ لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ هنن جي برخلاف اُٿندس ۽ بابل مان سندن نالو نشان، ۽ جيڪي باقي بچيو آهي سو، ۽ پٽ ۽ پوٽا وڍي ڇڏيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 خداوند قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بابل وارن جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندس ۽ سندن نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس. پوءِ ننڍو هجي توڙي وڏو منجھس ڪوبہ باقي جيئرو نہ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:22
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري ڏس، آءٌ يربعام جي گهراڻي تي خرابي آڻيندس، ۽ يربعام کان سڀ ڪو ڇوڪر وڍي ڇڏيندس، جو اسرائيل ۾ غلام آهي يا آزاد ڇڏيل آهي، ۽ آءٌ يربعام جي گهر کي بلڪل ٻهاري ڇڏيندس جيئن ڪو گند ٻهاري، اهڙو جو سارو گم ٿي ويندو.


خداوند جو ڪلام خالص آهي، انهيءَ چاندي وانگر جا کوري ۾ آزمايل هجي، ۽ ست ڀيرا صفا ڪيل هجي.


انصاف واري جي يادگيري برڪت واري آهي: پر شرير جو نالو سڙي ڪِنو ٿيندو.


هو هڪڙي پرانهين ملڪ مان، آسمان جي تمام ٻاهرين ڀاڱي مان اچن ٿا، يعني خداوند ۽ اُن جي ڪاوڙ جا هٿيار، انهيءَ لاءِ تہ ساري زمين ناس ڪن.


۽ ڏس، اِجهو ماڻهن جو لشڪر، ۽ گهوڙي سوار جوڙو جوڙو ٿي اچن ٿا. ۽ هن ورندي ڏئي چيو تہ بابل ڪريو آهي، ڪريو آهي؛ ۽ ان جي معبودن جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڄي زمين تي اچي پيون آهن.


خداوند اوهان جو نجات ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جي خاطر مون بابل ڏانهن موڪليو آهي، ۽ انهن سڀني کي، يعني ڪسدين کي سندن خوشين جي جهازن تي چاڙهي ڀڄائي آڻيندس.


ڇالاءِ جو اُتر مان اُنهي تي هڪڙي قوم ڪاهيو ٿي اچي جا ان جي ملڪ کي ويران ڪندي، ۽ ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو: اُهي ڀڄي ويا آهن، اُهي نڪري ويا آهن، جهڙا ماڻهو تهڙا مرون.


۽ خداوند تنهنجي نسبت ۾ حڪم جاري ڪيو آهي، تہ تنهنجو نالو وري پوکيل نہ سڏجي: تنهنجن معبودن جي گهر مان آءٌ اُڪريل مورت ۽ پلٽيل مورت وڍي ڇڏيندس؛ آءٌ تنهنجي قبر جوڙيندس؛ ڇالاءِ جو تون ڪميڻو آهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ