Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:19 - Sindhi Bible

19 پر تون پنهنجي قبر مان ائين اُڇلايو ويو آهين، جيئن ڪا ڪراهت جهڙي ٽاري هجي، يا جيئن ڪا ڪُٺلن جي پوشاڪ هجي، جنهن کي ترار سان قتل ڪيو هجين، تہ هيٺ کڏ جي پٿرن ۾ وڃي ڪرن؛ جيئن ڪو ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙبو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پر اي بابل جا بادشاهہ! تو لاءِ تہ ڪو مقبرو ئي ڪونهي، بلڪ تون ائين اڇلايو ويو آهين، جيئن ڪو ڪراهت جهڙو مردار هجي. هائو، جيئن جنگ ۾ مارجي ويلن جا ڪپڙا ڦٽي ڪيا ويندا آهن، جيئن دشمنن جا لاش پهاڙي کڏ جي تري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ۽ جيئن ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو آهي، تيئن ئي تنهنجي لاش کي بہ ڦٽو ڪيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون اُنهيءَ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو خون بہ ڪيو آهي ۽ ملڪيت بہ ڦري آهي ڇا؟ ۽ کيس چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن جاءِ تي ڪتن نبوت جو رت چٽيو، اُتي ڪتا تنهنجو بہ رت چٽيندا.


اخي آب جو جيڪو بہ ماڻهو شهر ۾ مرندو تنهن کي ڪتا کائيندا؛ ۽ جيڪو جهنگ ۾ مرندو تنهن کي هوا جا پکي کائيندا.


تڏهن ياهو پنهنجي لشڪر جي سردار بدقر کي چيو تہ هن کي کڻي نبوت يزرعيليءَ جي ٻنيءَ ۾ اُڇلائي ڇڏ: ڇالاءِ جو ياد هوندءِ تہ جڏهن آءٌ ۽ تون هن جي پيءُ اخي آب جي پٺيان گڏ چڙهيا پئي وياسين، تڏهن خداوند هي بار هن تي رکيو هو.


جيڪو بہ لڀندو تنهن کي ونڌيندا؛ ۽ جيڪو بہ گرفتار ٿيندو سو ترار سان ماريو ويندو.


قومن جي سڀني بادشاهن مان سڀڪو پنهنجي پنهنجي گهر عزت آبرو سان سمهي ٿو.


انهن جا ڪُٺل ٻاهر اُڇلايا ويندا، ۽ انهن جي لاشن مان ڪِني بانس نڪرندي، ۽ انهن جي رت سان جبل وهڻ لڳندا.


تنهن ڪري خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ڀڙڪي آهي، ۽ هن پنهنجو هٿ انهن تي کنيو آهي ۽ انهن کي ماريو اٿس، ۽ انهن جا مڙهہ گهٽين جي وچ ۾ ڪچري وانگر هئا، ۽ ٽڪر ڏڪي ويا، ڇالاءِ جو هن جي ڪاوڙ ڦري نہ ويئي آهي پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


وڏا توڙي ننڍا هن زمين ۾ مرندا: اُهي دفن نہ ڪيا ويندا، ۽ نہ ماڻهو انهن جي لاءِ ماتم ڪندا، ۽ نہ پاڻ کي زخمي ڪندا، ۽ نہ انهن جي لاءِ پاڻ کي مُنڊائيندا:


هو گڏهہ وانگي دفن ڪيو ويندو ۽ يروشلم جي دروازن مان گهلي اُڇلايو ويندو.


۽ هيئن ٿيو جو جڏهن هو شهر جي وچ ۾ آيا تڏهن اسماعيل بن نتنياہ ۽ جيڪي ماڻهو هن سان هئا تن انهن کي ڪهي هڪڙي کڏ ۾ اُڇلائي ڇڏيو.


هاڻي اُها کڏ جنهن ۾ اسماعيل اُنهن ماڻهن جا لاش اُڇلايا هئا جن کي جدلياہ سان گڏ ڪُٺو هئائين، (يعني اُها ساڳي کڏ جا آسا بادشاهہ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي ڊپ کان کوٽائي هئي،) تنهن کي اسماعيل بن نتنياہ انهن ڪُٺلن جي لاشن سان ڀري ڇڏيو.


۽ هو ڪسدين جي ملڪ ۾ قتل ٿي ڪرندا، ۽ اُن جي گهٽين ۾ گهايل ٿيندا.


جن جيئرن جي زمين ۾ خوف وڌو هو، انهن جون قبرون پاتال جي تري ۾ آهن، ۽ سندن سڄي جماعت سندن آس پاس آهي: اُهي سڀ قتل ٿيل آهن ۽ ترار سان ماريا ويا آهن.


۽ هو انهن زوراورن سان گڏ نہ سمهندا، جي اڻ طهريل ڪِريا آهن، جي پنهنجن جنگي هٿيارن سان هيٺ دوزخ ۾ ويا آهن، ۽ پنهنجون تراريون پنهنجي مٿن هيٺان رکيون اٿن، ۽ سندن بدڪاريون سندن هڏن تي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي جيئرن جي زمين ۾ زوراورن جو خوف هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ