Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:18 - Sindhi Bible

18 قومن جي سڀني بادشاهن مان سڀڪو پنهنجي پنهنجي گهر عزت آبرو سان سمهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ڌرتيءَ جا سمورا بادشاهہ، هائو، انهن مان سڀڪو پنهنجيءَ وفات بعد عزت سان پنهنجي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو هن کي دفن ڪرڻ لاءِ ويا: پر ڏٺائون تہ سندس بدن مان سواءِ ميڄالي، ۽ پيرن ۽ هٿن جي ترين جي، ٻيو ڪي ڪين بچيو آهي.


۽ هنن انهي کي دائود جي شهر ۾ بادشاهن سان گڏ دفن ڪيو، ڇالاءِ جو هن اسرائيل ۾ خدا ۽ سندس گهر لاءِ چڱا ڪم ڪيا هئا.


۽ جڏهن هو انهن کي ڇڏي هليا ويا، (ڇالاءِ جو هو انهن کي وڏين بيمارين ۾ ڇڏي ويا،) تڏهن خود هن جي نوڪرن سندس برخلاف منصوبو ڪيو، ۽ هن کان يهويدع ڪاهن جي پٽن جي خون جو وير ورتو، ۽ هن کي سندس بستري تي ڪُهي ڇڏيائون ۽ هو مري ويو: ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون، پر نہ بادشاهن واري قبرستان ۾.


زمين جي بادشاهن ۽ مشيرن سان گڏ، جن پنهنجي لاءِ ويران جايون اڏايون؛


ڇالاءِ جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، ۽ جيڪو گهر سڀني جيئرن جي لاءِ ٺهرايل آهي اتي آڻيندين.


هائو جيڪو مٿي آهي تنهن کان هو ڊڄنديون، ۽ رستي ۾ خوف هوندا؛ ۽ بادام جو وڻ ٻور ڪندو، مڪڙ بار ٿي پوندا، ۽ ڪرڙ ۾ ڏونئرا نہ ٿيندا: ڇالاءِ جو ماڻهو پنهنجي مدامي گهر ڏانهن هليو ويندو، ۽ ماتم ڪندڙ گهٽين ۾ هيڏي هوڏي پيا گهمندا.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ سؤ ٻار کڻي ڄڻي، ۽ گهڻا ورهيہ جيئي، جنهن ڪري هن جي حياتيءَ جا ڏينهن گهڻا ٿين، پر هن جو روح خوش نہ رهي، ۽ نہ هو دفن ڪيو وڃي؛ تہ آءٌ چوان ٿو تہ وقت کان اڳي جو ڪريل ٻار آهي سو انهي کان چڱو آهي:


جنهن دنيا کي ويران ڪري ڇڏيو، ۽ ان جي شهرن کي اونڌو ڪري ڦٽو ڪيو؛ جنهن قيدين کي ڇڏي نہ ڏنو تہ پنهنجي گهر وڃن؟


پر تون پنهنجي قبر مان ائين اُڇلايو ويو آهين، جيئن ڪا ڪراهت جهڙي ٽاري هجي، يا جيئن ڪا ڪُٺلن جي پوشاڪ هجي، جنهن کي ترار سان قتل ڪيو هجين، تہ هيٺ کڏ جي پٿرن ۾ وڃي ڪرن؛ جيئن ڪو ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙبو آهي.


تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟ ۽ تو وٽ هتي ڪير آهي جو تو پنهنجي لاءِ ٽڪي قبر ٺاهي آهي؟ تون جو مٿانهينءَ تي پنهنجي لاءِ قبر ٿو ٽڪين، ۽ ٽڪريءَ تي پنهنجي لاءِ رهڻ جي جاءِ ٿو کوٽين!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ