Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:15 - Sindhi Bible

15 مگر تون هيٺ دوزخ ۾، پاتال جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾ لاٿو ويندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 مگر انهيءَ جي بجاءِ تون تہ قبر ۾، بلڪ پاتال جي تمام هيٺاهين ڀاڱي ۾ لاٿو ويو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:15
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي توکي ڏسندا سي توتي غور سان نظر ڪندا، ۽ توتي ويچار ڪندا، ۽ چوندا تہ هي اهو ماڻهو آهي ڇا جنهن زمين کي ٿي ڏڪايو، ۽ بادشاهتن کي لوڏي ٿي ڇڏيو؛


انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو.


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو:


انهي لاءِ تہ پاڻي جي ڀرسان بيٺل سڀني وڻن مان ڪوبہ پاڻ کي قد ۾ نہ وڌائي، ۽ نہ پنهنجي چوٽي ٿلهن ڏارن ۾ رکي، ۽ انهن ۾ جيڪي زور وارا آهن، يعني جي پاڻي پيئن ٿا، سي سڀ ڊگها ٿي نہ بيهي رهن: ڇالاءِ جو اُهي سڀ موت جي حوالي ڪيا ويا آهن، ۽ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾، ماڻهن جي وچ ۾ انهن سان گڏ مري کڏ ۾ ٿا وڃن.


مون هن جي ڪِرڻ جي دٻڪي تي قومن کي ڏڪائي ڇڏيو، يعني جڏهن مون هن کي کڏ ۾ هيٺ ويندڙن سان گڏ دوزخ ۾ اُڇلائي ڇڏيو: ۽ عدن جا سڀ وڻ جي لبنان جا چونڊيل ۽ تمام چڱا وڻ هئا، ۽ جي پاڻي پيئن ٿا، تن کي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ تسلي ملي.


جن جيئرن جي زمين ۾ خوف وڌو هو، انهن جون قبرون پاتال جي تري ۾ آهن، ۽ سندن سڄي جماعت سندن آس پاس آهي: اُهي سڀ قتل ٿيل آهن ۽ ترار سان ماريا ويا آهن.


تون جو ٽڪرن جي چرن ۾ رهين ٿو، جنهن جي رهڻ جو مڪان مٿانهون آهي، توکي تنهنجي دل جي مغروريءَ ٺڳيو آهي، جو پنهنجي دل ۾ چوين ٿو تہ ڪير مون کي زمين تي ڪيرائي وجهندو؟


اي ڪفرناحوم، تون آسمان تائين چاڙهيو ويندين ڇا؟ تون هيٺ مئلن جي عالم ۾ لهي اچي پوندين، ڇالاءِ جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم ۾ ڪيا وڃن ها تہ جيڪر اڄ تائين اُهو قائم رهي ها.


۽ اي ڪفرناحوم، ڇا تون ڀانئين ٿو تہ توکي آسمان تائين چاڙهيندا؟ نہ، اُٽلندو توکي لاهي هيٺ عالم ارواح ۾ وجهندا.


۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ