Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:14 - Sindhi Bible

14 آءٌ بادلن جي اوچائيءَ کان بہ مٿي چڙهندس؛ آءٌ خدا تعاليٰ جهڙو ٿيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تو سوچيو ٿي تہ ’آءٌ بادلن جي اوچائيءَ کان بہ مٿي چڙهي ويندس، آءٌ خدا تعاليٰ جهڙو ٿيندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ خدا کي خبر آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين اهو کائيندا، تنهن ڏينهن اوهانجيون اکيون پٽجي پونديون، ۽ اوهين خدا وانگر ٿيندا، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سمجهندا.


جيتوڻيڪ هن جي وڏائي چڙهي آسمانن تائين وڃي پهچي، ۽ هن جو مٿو ڪڪرن تائين وڃي رسي؛


سمنڊ جي بيابان بابت ڪلام. جيئن ڏکن ۾ واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگهندا وڃن، تيئن هو بيابان مان، ۽ خوفناڪ زمين مان اچي ٿو.


اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ، هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ؛ اي ڪسدين جي ڌيءَ، تخت تان لهي پٽ تي ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي نازنين ۽ نازڪ نہ سڏبينءَ.


تنهن ڪري هاڻي هي ٻڌ، تون جا عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بي پرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ بيوہ ٿي ڪانہ ويهنديس، نڪو منهنجا ٻار مرندا:


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بابل تي ۽ ليپ ڪمائي جي رهاڪن تي ناس ڪندڙ واچ اُٿاريندس.


اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل مٿي چڙهي ويئي آهي، ۽ تو چيو آهي تہ آءٌ هڪڙو خدا آهيان، ۽ خدا جي جاءِ تي سمنڊ جي وچ ۾ ٿو ويهان؛ انهي هوندي بہ تون انسان آهين ۽ نہ خدا، جيتوڻيڪ تو پنهنجي دل خدا جهڙي بنائي آهي.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ هو قد ۾ وڌي ويو آهي، ۽ هن پنهنجي چوٽي ٿلهن ڏارن ۾ رکي آهي، ۽ هن جي دل سندس وڏائي ڪري مٿي چڙهي ويئي آهي؛


۽ بادشاهہ پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو؛ ۽ هو پاڻ پڏائيندو، ۽ سڀني معبودن کان پاڻ کي وڏو چوائيندو، ۽ خدائن جي خدا جي برخلاف حيرت جهڙيون ڳالهيون ڪندو: ۽ هو اقبال وارو ٿيندو، جيستائين ڪ ڪاوڙ پوري ٿيندي؛ ڇالاءِ جو جيڪي ٺهرايو ويو آهي سو ضرور ڪرڻ ۾ ايندو.


نڪي هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي معبودن ڏانهن ڪو ڌيان ڏيندو، نڪي زالن جي خواهش، يا ڪنهن معبود جو خيال ڪندو: ڇالاءِ جو هو پاڻ کي سڀني کان وڏو سمجهندو.


۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ