Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:12 - Sindhi Bible

12 اي ڏينهن جا تارا، اي صبح جا فرزند، تون ڪيئن آسمان مان ڪري پيو آهين!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 واہ! اي بابل جا بادشاهہ! تون جيڪو صبح جو روشن ستارو هئين، هاڻي ڏس، ڪيئن نہ آسمان مان هيٺ اچي ڪريو آهين! اي قومن کي پست ڪرڻ وارا! تو کي ڪيئن نہ هاڻي زمين تي اڇلائي پست ڪيو ويو آهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:12
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو آسمان جا تارا ۽ ان جا برج پنهنجي روشنائي نہ ڏيندا: سج پنهنجي دوري ۾ ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي نہ چمڪائيندو.


۽ آسمان جو سارو لشڪر ڳري ويندو، ۽ آسمان ڪاغذ جي ويڙهيءَ وانگيان ويڙهجي ويندا: ۽ انهن جو سارو لشڪر ائين ڪومائجي ڪري پوندو جيئن ڊاک ۽ انجير جو پن ڪومائجي ڪري پوندو آهي.


ڪيئن نہ سڄي زمين جو مترڪو وڍجي ڀڄي ڌار ٿي پيو آهي! ڪيئن نہ بابل قومن ۾ ويران ٿي ويو آهي!


خداوند ٿو فرمائي تہ جيتوڻيڪ بابل چڙهي آسمان تائين وڃي، ۽ جيتوڻيڪ هو پنهنجي زور جو قلعو مضبوط ڪري، تہ بہ مون وٽان ڦرلٽ ڪرڻ وارا هن تي ڪاهي ايندا.


خداوند صيون جي ڌيءَ کي پنهنجي ڪاوڙ جي بادل سان ڪيئن نہ ڍڪي ڇڏيو آهي! هن اسرائيل جي سونهن آسمان مان هيٺ زمين تي اُڇلائي وڌي آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن پنهنجي پيرن جي صندليءَ کي ياد نہ ڪيو اٿس.


۽ تو لاءِ هو هڪڙو مرثيو کڻندا ۽ توکي چوندا تہ تون، جنهن ۾ سمنڊ تي سفر ڪندڙ ماڻهو رهندا هئا، يعني مشهور شهر جو سمنڊ ۾ مضبوط هو، ۽ انهي جا رهاڪو، جن منجهس آمدرفت پئي ڪئي! ۽ جن پنهنجو خوف سڀني تي ٿي وڌو، تون ڪيئن نہ ناس ٿي وئين!


خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون عقاب وانگي مٿي چڙهندين، ۽ جيتوڻيڪ تنهنجو آکيرو کڻي تارن منجهہ ٺاهيل هجي، تہ بہ آءٌ اُتان توکي لاهي هيٺ آڻيندس؛


تڏهن پاڻ انهن کي چيائين، تہ مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪِرندو ڏٺو.


۽ اسان وٽ نبين جو ڪلام آهي، جو زيادہ اعتقاد جوڳو آهي؛ ۽ اوهين چڱو ٿا ڪريو جو انهي تي ايترو غور ٿا ڪريو جو ڄڻ تہ هڪڙو ڏيئو آهي، جو اونداهيءَ جاءِ ۾ تيستائين سوجهرو پيو ڏئي، جيستائين ڪ پرهہ ڦٽي، ۽ صبح جو ستارو اوهان جي دلين ۾ اُڀري.


ڇالاءِ تہ جڏهن گناهہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ خدا نہ ڇڏيو، پر دوزخ ۾ اُڇلائي وڌائين ۽ اونداهين کڏن ۾ بند ڪيائين، انهي لاءِ تہ عدالت ٿيڻ تائين اتي نظربند رهن:


۽ آئون هن کي صبح جو چمڪندڙ تارو سڏيندس.


مون يسوع، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو آهي، تہ ڪليسيائن کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آئون دائود جي پاڙ ۽ نسل ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.


۽ ٽئين ملائڪ تري وڄائي تہ هڪڙو وڏو تارو، مشعل وانگر ٻرندڙ، آسمان مان ڪِري پيو، ۽ ندين جي ٽئين حصي مٿان ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان اچي پيو.


۽ پنجين ملائڪ تري وڄائي ۽ مون آسمان مان زمين تي هڪڙو تارو ڪِريل ڏٺو: ۽ انهي کي اوڙاهہ واري کڏ جي ڪنجي ڏني ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ