Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 14:11 - Sindhi Bible

11 تنهنجو تجمل ۽ تنهنجي سازن جي وڄڻ جو آواز آڻي دوزخ ۾ وڌو اٿن: ڪينئون تنهنجي هيٺان پکڙي پيو آهي ۽ ڪينئن توکي ڍڪي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تو کي تنهنجي شان وَ شوڪت ۽ تنهنجي واکاڻ ۾ وڄندڙ سارنگين سميت آڻي پاتال جي تري ۾ اڇلايو اٿن. هتي تہ ڪينئان ئي تنهنجو بسترو ٿيندا، ۽ ڪيڙا ئي تنهنجي چادر بڻبا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 14:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي ٻئي هڪ جهڙا مٽيءَ ۾ سمهن ٿا، ۽ ڪينئان هنن کي ڍڪيو ڇڏين.


اڙي تون جا رڙين سان ڀريل، ۽ گوڙ وارو شهر، ۽ خوشي ڪندڙ شهر آهين؛ تنهنجا ڪُٺل ترار سان ڪُٺل ناهن نڪي اهي جنگ ۾ مئا آهن.


تنهن ڪري دوزخ پنهنجي خواهش وڌائي آهي، ۽ پنهنجو وات انداز کان ٻاهر پٽيو آهي: ۽ سندس شريف ۽ انهن جا رذيل، ۽ انهن جو تجمل، ۽ جيڪو بہ خوش ٿو رهي، سو انهيءَ ۾ پوي ٿو.


ڇالاءِ جو اڏوهي انهن کي ڪپڙي وانگي کائي ويندي، ۽ ڪينئون انهن کي اُن وانگي کائي ويندو. پر منهنجي راستبازي هميشہ تائين، ۽ منهنجي نجات پيڙهين تائين قائم رهندي.


۽ اهي ٻاهر نڪري انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا جن منهنجو گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهن جو ڪينئون نہ مرندو، ۽ نڪي انهن جي باهہ وسامندي؛ ۽ اُهي سڀني ماڻهن اڳيان ڪراهت جهڙي شيءِ ٿيندا.


۽ آءٌ تنهنجي راڳن جو هُل بند ڪرائي ڇڏيندس؛ ۽ تنهنجن بربطن جو آواز وري اڳتي ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ