Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 13:9 - Sindhi Bible

9 ڏسو، خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، جو ڪاوڙ ۽ خوفناڪ غضب جي ڪري ظلم جهڙو ٿيندو؛ انهيءَ لاءِ تہ زمين کي ويران ڪري، ۽ انهيءَ منجهان گنهگار ناس ڪري ڪڍي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ڏسو، خداوند جو ڏينهن اچڻ وارو آهي، اهو غضب ۽ قهر جي ڀڙڪڻ وارو بي‌رحم ڏينهن هوندو، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ کي ويران ڪري ڇڏي، ۽ سڀني گنهگارن کي ناس ڪري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 13:9
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل گنهگار زمين تان فنا ٿي وڃن، ۽ بدڪار باقي نہ رهن. اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ. خداوند جي تعريف ڪريو.


پر شرير انهيءَ زمين تان وڍجي ويندا، ۽ جيڪي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن تن جي پاڙ انهيءَ مان پٽجي ويندي.


اوهين ووءِ ووءِ ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن نزديڪ آهي؛ اهو قادر مطلق وٽان موت وانگي ايندو.


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو:


ڇالاءِ جو اهو خداوند جو وير وٺڻ جو ڏينهن آهي، ۽ صيون سان تڪرار ڪرڻ جو ۽ بدلو وٺڻ جو سال آهي.


ڇالاءِ جو انتقام جو ڏينهن منهنجيءَ دل ۾ هو، ۽ منهنجن ڇڏايلن جو سال اچي پهتو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ جيڪي پاڻ کي انهي لاءِ پاڪ صاف ٿا ڪن تہ باغن جي وچ ۾ وڃي ڪنهن جي پٺيان بيهي سوئر جو گوشت، ۽ ڪراهت جهڙيون شيون، ۽ ڪوئو کائين؛ سي سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.


لشڪرن جي خداوند جي ڪاوڙ ڪري زمين سڙي وئي آهي: ماڻهو بہ باهہ جي ڪاٺين وانگر آهن؛ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رعايت نٿو رکي.


اوهين خندقن ۾ نہ ويا آهيو، ۽ نہ اسرائيل جي گهر جي لاءِ ڀت ڏني اٿوَ، انهي لاءِ تہ خداوند جي ڏينهن جنگ ۾ بيهي سگهو.


ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن ويجهو آهي، يعني خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، جو بادلن جو ڏينهن آهي، اهو غير قومن جو ڏينهن ٿيندو.


ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ اُهو ائين ايندو جيئن خرابيءَ جو ڏينهن قادر مطلق کان اچي، انهي ڏينهن جي لاءِ افسوس آهي!


اوهين صيون ۾ قرناءِ وڄايو، ۽ منهنجي پاڪ جبل تي خوف جي خبر ڏيو؛ ڀلي تہ ملڪ جا سڀ رهاڪو ڏڪي وڃن: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، اهو تمام ويجهو آهي؛


سج ڦري اونداهي ٿي ويندو، ۽ چنڊ بدلجي رت ٿي پوندو: اهو سڀ خداوند جي وڏي ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي ٿيندو.


خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي؛ هائو خداوند انتقام ٿو وٺي ۽ ڪاوڙ ٿو ڏيکاري؛ خداوند پنهنجن دشمنن کان وير وٺي ٿو، ۽ پنهنجي ويرين لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.


هن جي غصي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟ ۽ هن جي ڪاوڙ جي جوش مهل ڪير بيهي سگهندو! هن جو قهر باهہ وانگي ڦاٽي ٿو نڪري، ۽ ٽڪرن کي هو چيري ٿو ڇڏي.


پر هڪڙي اُٿلندڙ ٻوڏ سان هو انهي جي جاءِ کي پورو ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي ڀڄائي اونداهي ۾ آڻيندو.


اُهو ڏينهن غضب جو ڏينهن آهي، تڪليف ۽ ڏک جو ڏينهن، تباهي ۽ ويراني جو ڏينهن، اونداهي ۽ انڌاري جو ڏينهن، ڪڪرن ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛


ڏس، خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، جڏهن تنهنجو مال ڦرجي تنهنجي وچ ۾ ورهايو ويندو.


ڇالاءِ جو ڏس اُهو ڏينهن اچي ٿو جو کوري وانگر ٻرندڙ آهي؛ تڏهن سڀ هٺيلا، ۽ سڀ بڇڙائي ڪندڙ بهہ وانگي ٿيندا: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو ڏينهن هنن کي اهڙو ساڙيندو جو نڪي ٽاري نڪي پاڙ بچندي.


تنهنڪري هن جون آفتون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اينديون، يعني موت ۽ ماتم، ۽ ڏڪار؛ ۽ هوءَ باهہ سان ساڙي چٽ ڪئي ويندي؛ ڇالاءِ تہ خداوند خدا، جنهن هن جي عدالت ڪئي سو قادر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ