Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 13:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هو ڊڄي ويندا؛ عذاب ۽ درد هنن کي وڪوڙي ويندا، سورن واري زال وانگي هنن کي سور ٿيندا: هو هڪ ٻئي جي حال تي حيران ٿيندا؛ هنن جا منهن باهہ جي شعلي جهڙا ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي، ۽ عذاب ۽ درد کين وڪوڙي ويندا. هائو، کين ويم واري عورت جهڙا سور اچي لڳندا. هو خوف وچان هڪٻئي جو منهن پيا ڏسندا، ۽ سندن چهرا دهشت ۾ وڪوڙيل هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 13:8
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري انهن جا رهاڪو ٿوريءَ طاقت وارا هئا، ۽ اُهي ڊڄي منجهي ويا؛ اُهي اهڙا هئا جهڙو ٻنيءَ جو گاهہ، جهڙي جهنگ جي ساوڪ، ۽ گهرن جي ڇتين تي گاهہ، جهڙو اُهو اَن، جو اُڀرڻ کان اڳي سڙي وڃي.


تون اڀرندي جي هوا سان ترسيس جي جهازن کي ڀڃيو ڇڏين.


جيئن ڪنهن پيٽ واري زال جي ويم جو وقت ويجهو اچي، ۽ اُن کي سور ٿين ۽ سورن ۾ دانهون ڪري؛ انهيءَ طرح اسين بہ، اي خداوند، تنهنجي اڳيان آهيون.


جڏهن هو تنهنجن دوستن کي حڪمران ڪندو تڏهن تون ڇا چوندين، جنهن صورت ۾ تو پاڻ هنن کي پنهنجي برخلاف سيکاريو آهي؟ ڇا تون انهيءَ زال وانگر جنهن کي سور لڳا هجن، سور ۾ نہ پوندين؟


هاڻي اوهين پڇو ۽ ڏسو تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ويم جا سور ٿيندا آهن ڇا: ڪهڙو سبب آهي جو آءٌ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو ڏسان تہ پنهنجا هٿ چيلهہ تي رکيو گهمي، جيئن ڪا سورن واري زال ڪندي آهي، ۽ سڀ منهن ڦري ڦڪا ٿي پيا آهن؟


ڇالاءِ جو مون هڪڙو آواز ٻڌو آهي جو انهي زال جهڙو آهي جا سورن ۾ هجي، انهي زال جهڙي دانهن جا پهريون ٻار ڄڻيندي آهي، صيون جي ڌيءَ جو آواز، جا پيئي سهڪي ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ هاڻ مون سان ويل آهي! ڇالاءِ جو منهنجي جان هنن خونين جي اڳيان ماندي ٿي ٿئي.


ڇو مون اهو ڏٺو آهي؟ هو ڊڄي پٺ تي موٽي ويا آهن؛ ۽ هنن جا بهادر مرد شڪست کائي ويا آهن، ۽ اهڙا جلد ڀڄي ويا آهن جو پٺ تي ئي نٿا نهارين: خداوند ٿو فرمائي، تہ هر طرف خوف آهي.


قريوت وٺجي ويو آهي، ۽ مضبوط قلعا اوچتا هٿ ڪيا ويا آهن، ۽ موآب جي بهادر مردن جي دل انهي ڏينهن اهڙي ٿيندي جهڙي سورن واري زال جي دل.


ڏس هو چڙهي ايندو، ۽ عقاب وانگي اُڏامي پنهنجا پر بصرہ جي برخلاف پکيڙيندو؛ ۽ اُنهي ڏينهن ادوم جي بهادر مرد جي دل سورن واري زال جي دل جهڙي ٿيندي.


دمشق ضعيف ٿي ويو آهي، هو ڀڄڻ جي لاءِ ڦري ٿو ۽ ڏڪڻي وٺي ويئي اٿس: رنج ۽ ڏکن ان کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.


بابل جي بادشاهہ هنن جي ناموس ٻڌي آهي ۽ انهي جا هٿ ڍرا ٿا ٿين: ڏکن ۽ سورن انهي کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.


بابل جي بهادرن جنگ ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي، اُهي پنهنجن قلعن ۾ رهيا پيا آهن: هن جي همت هارجي ويئي آهي؛ اُهي زالن جهڙا ٿي پيا آهن: اُن جي رهڻ جي جاين کي باهہ ڏيئي ساڙيو اٿن؛ اُن جي درن جا گز ڀڃي ڇڏيا اٿن.


۽ ڏکڻ واري ٻيلي کي چئُہ، تہ خداوند جو ڪلام ٻڌ؛ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تو ۾ باهہ ٻاريندس ۽ اُها تو ۾ جيڪو سائو وڻ توڙي سُڪو وڻ آهي، سو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ٻرندڙ شعلو ڪين اُجهامندو، ۽ انهي سان ڏکڻ کان وٺي اُتر تائين سڀ منهن سڙي ويندا.


سورن واري زال جا درد هن تي ايندا: هو هڪڙو نادان پٽ آهي؛ مناسب آهي تہ هاڻي هو ڄمڻ ۾ دير نہ ڪري.


هنن جي روبرو قومون مصيبت ۾ آهن: سڀ منهن ڦڪا ٿي ويا آهن.


هو خالي، سکڻي، ۽ ويران آهي، هنن جي دل پاڻي ٿي وڃي ٿي ۽ گوڏا پاڻ ۾ پيا ٽهڪن، ۽ چيلهہ چڪي ٿي وڃين، ۽ سڀني جا منهن ڦڪا ٿي ويا آهن.


زال کي جڏهن سور ٿيندا آهن، تڏهن تڪليف ٿيندي اٿس، ڇالاءِ جو سندس گهڙي اچي پهتي آهي، پر جڏهن ٻار ڄڻي ٿي وٺي، تڏهن جا خوشي ٿي ٿئيس، تہ هڪڙو انسان دنيا ۾ ڄائو آهي، تنهنڪري اُهو اهنج ياد ئي ڪونہ ٿو پويس.


جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ