7 تنهن ڪري سڀ هٿ ضعيف ٿيندا، هر ڪنهن ماڻهوءَ جي دل پگهري ويندي؛
7 تنهنڪري هر ڪنهن جا ڍڍر ڍرا ٿي ويندا، ۽ همت پاڻيءَ جيان وهي ويندن.
ڀلي تہ اهي وهندڙ پاڻيءَ وانگر هليو وڃن: جڏهن هو تير هڻڻ لاءِ ڪمان ڪشي، تڏهن اُهي مردارن وانگر ٿي پون.
انهيءَ وقت ادوم جا سردار حيران ٿيا: موآب جي پهلوانن کي ڏڪڻي وٺي ويئي: ۽ ڪنعان جا سڀ رهاڪو پاڻي پاڻي ٿي ويا آهن.
مصر بابت ڪلام. ڏسو خداوند هڪڙي تکي بادل تي سوار ٿي مصر ۾ اچي ٿو: ۽ اُن جي حضور ۾ مصر جا بت بيحال ٿي ويندا ۽ مصر جي دل پگهرجي ويندي.
تنهن ڪري انهن جا رهاڪو ڪمزور ٿيا، اهي ڊڄي ۽ منجهي ويا؛ جهنگ جي گاهہ جهڙا، ۽ ساون ٻوٽن جهڙا، ۽ ڇتين تي بيٺل گاهہ جهڙا، ۽ اُڀرڻ کان اڳي (ڪومايل) پوک جهڙا ٿيا.
تنهنجا پٽ سڀني گهٽين جي منهن تي ائين بيهوش پيا آهن جيئن هرڻ ڄار ۾ ڦاسندو آهي؛ اهي خداوند جي ڪاوڙ، ۽ تنهنجي خدا جي ملامت سان ڀريل آهن.
بابل جي بادشاهہ هنن جي ناموس ٻڌي آهي ۽ انهي جا هٿ ڍرا ٿا ٿين: ڏکن ۽ سورن انهي کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.
بابل جي بهادرن جنگ ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي، اُهي پنهنجن قلعن ۾ رهيا پيا آهن: هن جي همت هارجي ويئي آهي؛ اُهي زالن جهڙا ٿي پيا آهن: اُن جي رهڻ جي جاين کي باهہ ڏيئي ساڙيو اٿن؛ اُن جي درن جا گز ڀڃي ڇڏيا اٿن.
اي آدمزاد، دانهون ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو اُها منهنجي قوم تي آئي آهي، اُها اسرائيل جي سڀني سردارن تي آهي: اُهي منهنجي قوم سان گڏ ترار جي حوالي ڪيا ويا آهن: تنهنڪري واويلا ڪر.
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو توکي چوندا تہ تون ڇو ٿو آهون ڪرين؟ تڏهن تون چئج تہ انهي خبر جي ڪري، ڇالاءِ جو اُها اچي ٿي: ۽ سڀ ڪا دل پگهرجي ويندي، ۽ سڀ هٿ ضعيف ٿي ويندا ۽ سڀ ڪو روح ماندو ٿي ويندو، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا نستا ٿي ويندا: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُها اچي ٿي ۽ ائين ڪيو ويندو.
سڀ هٿ سست ٿيندا، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا ضعيف ٿيندا.
هن جي غصي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟ ۽ هن جي ڪاوڙ جي جوش مهل ڪير بيهي سگهندو! هن جو قهر باهہ وانگي ڦاٽي ٿو نڪري، ۽ ٽڪرن کي هو چيري ٿو ڇڏي.
هو خالي، سکڻي، ۽ ويران آهي، هنن جي دل پاڻي ٿي وڃي ٿي ۽ گوڏا پاڻ ۾ پيا ٽهڪن، ۽ چيلهہ چڪي ٿي وڃين، ۽ سڀني جا منهن ڦڪا ٿي ويا آهن.
شينهن جو غار، ۽ ننڍي شينهن جي کارائڻ جي جاءِ ڪٿي آهي، جتي شينهن ۽ شينهڻ ۽ سندن ٻچڙا گهمندا هئا، ۽ ڪنهن بہ انهن کي نٿي ڊيڄاريو؟
۽ جنهن وقت اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون تنهن وقت اسان جون دليون پگهرجي ويون، ۽ اوهان جي ڊپ کان ڪنهن بہ ماڻهوءَ ۾ وڌيڪ همت ڪانہ رهي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا مٿي آسمان جو، ۽ هيٺ زمين جو، خدا آهي.