Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 13:22 - Sindhi Bible

22 ۽ انهن جي قلعن ۾ بگهڙ رڙيون ڪندا، ۽ انهن جي فرحت جهڙن محلاتن ۾ گدڙ اونائيندا: ۽ اُن جو وقت ويجهو آيو آهي ۽ ان جا ڏينهن گهڻا نہ ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 انهيءَ جي قلعن ۾ بگھڙ پيا روڙان ڪندا، ۽ انهيءَ جي خوبصورت محلن ۾ گدڙ پيا اونائيندا. بيشڪ بابل جي تباهيءَ جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. انهيءَ جي ڏينهن پوري ٿيڻ ۾ هاڻي ڪا دير ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 13:22
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بہ تو اسان کي گدڙن جي جاءِ ۾ ڀڃي ڀوري ڇڏيو آهي، ۽ موت جي پاڇي ۾ اسان کي ڍڪي ڇڏيو اٿيئي.


آءٌ انهيءَ کي سيڙهہ جو ورثو، ۽ پاڻيءَ جون ڍنڍون بہ ڪندس ۽ آءٌ انهي کي موت جي ٻهاريءَ سان ٻهاريندس؛ لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.


ڇالاءِ جو تو شهر کي ڍير ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪوٽ واري شهر کي ويران بنائي ڇڏيو اٿيئي: ۽ ڌارين جو محلات بہ شهر نہ رهيو آهي، اهو ڪڏهن بہ اڏڻ ۾ نہ ايندو.


ڇالاءِ جو محلات سڃيو ڪيو ويندو؛ آباد شهر ويران ٿي ويندو؛ ٽڪر ۽ پهري وارو ٺلهہ هميشہ غارن وانگي ڪم ايندو، ۽ گورخرن جي خوشي ۽ ڌڻن جو چراگاهہ ٿيندو؛


انهيءَ جي محلاتن ۾ ڪنڊا، ۽ انهيءَ جي قلعن ۾ ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا اُڀرندا: ۽ اُها گدڙن جي رهڻ جي جاءِ، ۽ اُٺ پکين جو اڱڻ ٿيندي.


رڻ پٽ جا جهنگلي جانور اچي بگهڙن سان گڏبا، ۽ جهنگلي ٻڪر هڪ ٻئي کي سڏيندا: هائو، رات جو راڪاس اتي رهندو، ۽ پنهنجي لاءِ اتي آرام جي جاءِ لهندو.


۽ رڃ بدلجي ڍنڍ ٿي پوندي، ۽ اُڃايل زمين پاڻيءَ جا چشما ٿيندي، ۽ گدڙن جي سمهڻ جي جاءِ ۾ گاهہ سان گڏ ڪانا ۽ ڪنگور اُڀرندا.


جهنگلي جانور، گدڙ ۽ اٺ پکي بہ منهنجي عزت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي اُمت، پنهنجي چونڊيلن کي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ پاڻي ۽ رڻ پٽ ۾ نديون ٿو ڏيان.


موآب جي مصيبت اچي ويجهي پئي آهي، ۽ ان جي ڪمبختي تڪڙي تڪڙي پئي اچي.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جي ڌيءَ انهي ڳاهڻ جي پڙ وانگي آهي جنهن ۾ لتڙ ٿيندي آهي؛ اڃا ٿوري وقت کان پوءِ ان جي فصل جي لاباري جو وقت ايندو.


۽ آءٌ يروشلم کي ڍير، ۽ گدڙن جي جوءِ ڪندس؛ ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


گدڙ بہ پنهنجا ٿڻ ڪڍي پنهنجن ٻچن کي کير پيارين ٿا: منهنجي قوم جي ڌيءَ بيابان جي اٺ پکين وانگر بي رحم ٿي پئي آهي.


انهي لاءِ آءٌ روئندس ۽ رڙندس، ۽ آءٌ اُگهاڙو گهمندس: آءٌ گدڙن وانگي ڪوڪون ۽ اُٺ پکين وانگي ماتم ڪندس.


ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو.


سڀني قسمن جا جانور ۽ ڌڻ انهي ۾ اچي ليٽندا: ان جي ٿنڀن جي چوٽين تي پيڻ پکي ۽ سيڙهہ اچي آکيرا ٺاهيندا، ۽ سندن آواز درين ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو؛ ويراني چانئٺن تي پوندي، ڇالاءِ جو هن ديودار جي ڪاٺ جو ڪم اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي.


وير وٺڻ، ۽ بدلو ڏيڻ منهنجو ڪم آهي، جڏهن انهن جو پير ترڪندو؛ ڇالاءِ جو انهن جي مصيبت جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ جيڪي حادثا انهن تي اچڻا آهن سي جلد ايندا.


۽ اهي لالچ جي ڪري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي اوهان مان فائدو حاصل ڪندا. ۽ انهن جي بابت قديم زماني کان وٺي جيڪا سزا جي فتويٰ مليل آهي، سا وڌيڪ مهمل نہ رهندي، ۽ سندن بربادي ويجهي آئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ