Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 13:21 - Sindhi Bible

21 پر جهنگلي جانور اتي سمهندا، ۽ انهن جا گهر هلاک ڪندڙ جانورن سان ڀرجي ويندا: ۽ اتي اٺ پکي رهندا ۽ غول نچندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 بلڪ اهو جھنگلي جانورن جي جُوءِ بڻجي ويندو، ۽ انهيءَ جا گھر اُلو پکين جي آکيرن سان ڀرجي ويندا. اتي شتر مرغ اچي آباد ٿيندا، ۽ بدروح اتي پيا نچندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 13:21
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ انهيءَ کي سيڙهہ جو ورثو، ۽ پاڻيءَ جون ڍنڍون بہ ڪندس ۽ آءٌ انهي کي موت جي ٻهاريءَ سان ٻهاريندس؛ لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.


ڪسدين جي زمين ڏس هيءَ قوم نابود ٿي وئي؛ اسورين انهيءَ کي جهنگ جي مرن لاءِ مقرر ڪيو آهي: هنن پنهنجا ٺلهہ کڙا ڪيا، پر هنن محلاتون ڪيرائي وڌيون: هن انهيءَ کي ويران ڪري ڇڏيو.


ڇالاءِ جو تو شهر کي ڍير ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪوٽ واري شهر کي ويران بنائي ڇڏيو اٿيئي: ۽ ڌارين جو محلات بہ شهر نہ رهيو آهي، اهو ڪڏهن بہ اڏڻ ۾ نہ ايندو.


ڇالاءِ جو محلات سڃيو ڪيو ويندو؛ آباد شهر ويران ٿي ويندو؛ ٽڪر ۽ پهري وارو ٺلهہ هميشہ غارن وانگي ڪم ايندو، ۽ گورخرن جي خوشي ۽ ڌڻن جو چراگاهہ ٿيندو؛


تنهن ڪري بر پٽ جا جانور، بگهڙن سان گڏ اُتي رهندا، ۽ اُن ۾ شترمرغ رهندا: ۽ اُهو وري ڪڏهن بہ نہ وسندو؛ نڪي پيڙهي بہ پيڙهي انهي ۾ ڪو ماڻهو رهندو.


شترمرغ، رات شِڪرو، بحري باز، ۽ بازن جا سڀ قسم؛


انهي لاءِ آءٌ روئندس ۽ رڙندس، ۽ آءٌ اُگهاڙو گهمندس: آءٌ گدڙن وانگي ڪوڪون ۽ اُٺ پکين وانگي ماتم ڪندس.


سڀني قسمن جا جانور ۽ ڌڻ انهي ۾ اچي ليٽندا: ان جي ٿنڀن جي چوٽين تي پيڻ پکي ۽ سيڙهہ اچي آکيرا ٺاهيندا، ۽ سندن آواز درين ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو؛ ويراني چانئٺن تي پوندي، ڇالاءِ جو هن ديودار جي ڪاٺ جو ڪم اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي.


۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ ڪِري پيو، وڏو شهر بابل ڪِري پيو، ۽ ڀوتن جي رهڻ جو مڪان ٿي پيو، ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ روح ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ ۽ ڪراهت جهڙي پکيءَ جي رهڻ جي جاءِ ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ