Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 13:20 - Sindhi Bible

20 اهو وري نہ وسندو، نڪي انهيءَ ۾ پيڙهي بہ پيڙهي ڪو رهندو: نڪي ڪو عرب اتي تنبو کوڙيندو؛ نڪي ڌنار پنهنجا ڌڻ اتي ويهاريندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اهو وري ڪڏهن بہ آباد ڪين ٿيندو، ۽ نہ وري ڪو اچي اتي رهندو، نڪي ڪو خانہ‌بدوش ماڻهو اتي پنهنجو خيمو کوڙيندو، ۽ نہ وري ڪو ڌنار پنهنجو ڌڻ اتي ويهاريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 13:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڪن فلستين يهوسفط کي نذرانا ۽ چاندي ڍل طور آڻي ڏني؛ عربن بہ هن کي ڌڻ آڻي ڏنا، ست هزار ست سؤ گهٽا، ۽ ست هزار ست سؤ ٻڪر.


ڏس، ڀلي تہ اها رات سڃي سکڻي ٿئي؛ ڀلي تہ انهي ۾ ڪو خوشيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ نہ اچي.


اڙي منهنجي جان جا محبوب، مون کي ٻڌاءِ تہ تون پنهنجي ڌڻ کي ڪٿي ٿو چارين، ۽ ٻہ پهرن جو آرام لاءِ ڪٿي ٿو وهارين: ڇو جو آءٌ تنهنجن سنگتين جي گلن جي ڀرسان رلندي وتان؟


آءٌ انهيءَ کي سيڙهہ جو ورثو، ۽ پاڻيءَ جون ڍنڍون بہ ڪندس ۽ آءٌ انهي کي موت جي ٻهاريءَ سان ٻهاريندس؛ لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.


سمنڊ جي بيابان بابت ڪلام. جيئن ڏکن ۾ واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگهندا وڃن، تيئن هو بيابان مان، ۽ خوفناڪ زمين مان اچي ٿو.


ڇالاءِ جو تو شهر کي ڍير ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪوٽ واري شهر کي ويران بنائي ڇڏيو اٿيئي: ۽ ڌارين جو محلات بہ شهر نہ رهيو آهي، اهو ڪڏهن بہ اڏڻ ۾ نہ ايندو.


۽ هن انهن جي لاءِ ڪڻو وڌو آهي، ۽ هن جي هٿ انهيءَ کي سندن لاءِ ڏوريءَ سان ورهايو آهي، اهي هميشہ لاءِ انهيءَ جا مالڪ ٿيندا، ۽ پيڙهي بہ پيڙهي انهي ۾ رهندا.


۽ حصور گدڙن جي رهڻ جي جاءِ ٿيندو ۽ هميشہ ويران رهندو: ڪوبہ ماڻهو اُتي نہ رهندو، نڪو آدمزاد اُتي ٽڪندو.


خداوند جي ڪاوڙ ڪري اُها نہ وسندي، پر ويران ٿي ويندي: جيڪو بہ هن جي پاسي کان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ اُن جون سڀئي آفتون ڏسي، شوڪارا ڀريندو.


مراتايم جي زمين تي چڙهي وڃ، هائو، اُنهي تي ۽ فقود جي رهاڪن تي: خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن کي ڪُهہ، ۽ انهن کي اصل ناس ڪري ڇڏ، ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي تيئن ڪر.


ڇالاءِ جو اُتر مان اُنهي تي هڪڙي قوم ڪاهيو ٿي اچي جا ان جي ملڪ کي ويران ڪندي، ۽ ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو: اُهي ڀڄي ويا آهن، اُهي نڪري ويا آهن، جهڙا ماڻهو تهڙا مرون.


تنهن ڪري بر پٽ جا جانور، بگهڙن سان گڏ اُتي رهندا، ۽ اُن ۾ شترمرغ رهندا: ۽ اُهو وري ڪڏهن بہ نہ وسندو؛ نڪي پيڙهي بہ پيڙهي انهي ۾ ڪو ماڻهو رهندو.


تنهن ڪري جيڪا مصلحت خداوند بابل جي برخلاف ڪئي آهي سا اوهين ٻڌو؛ ۽ هن جا ارادا، جي هن ڪسدين جي ملڪ جي برخلاف ڪيا آهن؛ يقين آهي تہ هو انهن کي گهلي ويندا، يعني ڌڻ جي ٻچن کي؛ يقين آهي تہ هو انهن جي رهڻ جي جاءِ ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ اي ناس ڪندڙ جبل، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، جو تون سڄي زمين کي ناس ٿو ڪرين: ۽ آءٌ پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريندس ۽ ٽڪرن مان توکي ليٽائيندس ۽ توکي هڪڙو سڙيل جبل ڪندس.


۽ زمين ڏڪي ٿي ۽ سورن ۾ آهي: ڇالاءِ جو خداوند جون رٿون بابل جي برخلاف قائم آهن، انهي لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري جو ان ۾ ڪوبہ ماڻهو نہ رهي.


۽ بابل ڍير ٿيندو، يعني گدڙن جي رهڻ جو هنڌ، ۽ حيرت ۽ سوسٽ جو سبب ٿيندو، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


اُن جا شهر ويران ۽ خشڪ زمين ۽ برپٽ ٿي ويا آهن، يعني اهڙي زمين جنهن ۾ ڪوبہ ماڻهو نٿو رهي، ۽ نہ ڪو آدمزاد اُتان لنگهي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ