Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 13:2 - Sindhi Bible

2 اُگهاڙي جبل تي هڪڙو جهنڊو کڙو ڪر، هنن جي لاءِ پنهنجو آواز مٿي ڪر، هٿ لوڏي اشارو ڪر تہ هو اميرن جي درن ۾ گهڙي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خداوند بابل تي حملو ڪندڙن کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين ويران جبل جي چوٽيءَ تان جنگ جو جھنڊو بلند ڪريو. اوهين وڏي آواز سان حڪم جاري ڪريو، ۽ پنهنجو هٿ بلند ڪري اشارو ڏيو تہ جنگي جوڌا مغرورن جي شهر بابل جي دروازن تي حملو ڪري منجھس گھڙي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 13:2
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي توکان ڊڄن ٿا تن کي، هڪڙو جهنڊو ڏنو اٿيئي، تہ اهو سچائيءَ جي خاطر مٿي ڪيو وڃي.


اڄوڪي ڏينهن هو نوب ۾ منزل ڪندو: صيون جي ڌيءَ جي جبل تي، ۽ يروشلم جي ٽڪريءَ تي هو پنهنجو هٿ اُلاري ٿو.


۽ هو قومن لاءِ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪندو، ۽ اسرائيل جا هڪالي ڪڍيل گڏ ڪندو، ۽ يهوداہ جا نڪتل ۽ پکيڙي پيل زمين جي چئني ڪنڊن کان آڻي گڏ ڪندو.


۽ خداوند مصر واري سمنڊ جي ڄڀ اصل ناس ڪري ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان پنهنجو هٿ نديءَ جي مٿان اُلاريندو، ۽ انهي کي ستن نهرن ۾ ورهائيندو، ۽ اتان ماڻهو سڪي جُتيءَ سان پار لنگهائيندو.


اي جهان جا رهندڙ، ۽ زمين جا رهاڪو، جڏهن جبلن تي ڪو جهنڊو کڙو ڪيو وڃي، تڏهن اوهين ڏسو؛ ۽ جڏهن قرناءِ وڄائي وڃي تڏهن اوهين ٻڌو.


انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند جيڪو پنهنجو هٿ ان جي مٿان لوڏي ٿو تنهن جي ڊپ کان، مصر جا رهاڪو زالن جهڙا ٿي پوندا.


هن جو ٽڪر خوف جي ڪري پنهنجيءَ جاءِ تان لنگهي ويندو، ۽ هن جا سردار جهنڊي کان ڊڄي ويندا؛ خداوند فرمايو آهي، جنهن جي باهہ صيون ۾، ۽ کورو يروشلم ۾ آهي.


۽ هو قومن جي لاءِ پري کان جهنڊو کڙو ڪندو، ۽ زمين جي ڪناري کان هنن کي سينڍ وڄائي سڏيندو: ۽ ڏسو، هو جلد هليا ايندا.


اوهين قومن منجهہ ظاهر ڪريو ۽ پڌرائي ڪرايو هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو ۽ مشهوري ڪرايو ۽ لڪايو نہ: چئو تہ بابل وٺجي ويو آهي، بيل شرمندو ڪيو ويو آهي، مردوڪ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو آهي؛ اُن جا بت شرمندا ڪيا ويا آهن، انهن جون مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون ويون آهن.


ڏس، هڪڙي قوم اُتر مان اچي ٿي؛ ۽ هڪڙي وڏي اُمت ۽ گهڻا بادشاهہ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن کان اُٿاريا ويندا.


بابل جي ڀتين جي سامهون هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، پهرو مضبوط ڪريو، پهري وارا مقرر ڪريو، لڪي ويهڻ جون جايون تيار ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند بابل جي رهاڪن جي نسبت ۾ جيڪي چيو هو، اُن موجب رٿيو بہ آهي، ۽ ڪيو بہ آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ اي ناس ڪندڙ جبل، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، جو تون سڄي زمين کي ناس ٿو ڪرين: ۽ آءٌ پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريندس ۽ ٽڪرن مان توکي ليٽائيندس ۽ توکي هڪڙو سڙيل جبل ڪندس.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جون ويڪريون ڀتيون اصل ڊهي پونديون، ۽ ان جا وڏا دروازا باهہ سان سڙي ويندا؛ ۽ ماڻهو اجاين ڪمن لاءِ پورهيو ڪندا ۽ قومون باهہ لاءِ؛ ۽ اُهي ٿڪجي پوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ