Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 13:14 - Sindhi Bible

14 ۽ هيئن ٿيندو جو ڀڄايل هرڻ وانگي، ۽ انهن رڍن وانگي جن کي ڪوبہ گڏ نٿو ڪري، هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي قوم ڏي ورائيندا، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ ڏي ڀڄائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 انهيءَ ڏينهن بابل ۾ رهندڙ سڀيئي ڌاريا ماڻهو پنهنجين قومن ۽ پنهنجن ملڪن ڏانهن ائين ڀڄي نڪرندا، جيئن ڪا هرڻي شڪاريءَ کان ڀڄي نڪري. هائو، اهي نڌڻڪين رڍن وانگر ٽڙي پکڙي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 13:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ مون ساري اسرائيل کي جبلن جي مٿان ائين پکڙيل ڏٺو جيئن ڌنار کانسواءِ رڍون ٿينديون آهن: ۽ خداوند چيو تہ هنن جو ڌڻي ڪونهي؛ هنن مان هرڪو صحيح سلامت پنهنجي گهر هليو وڃي.


۽ سج لهڻ ڌاري ساري لشڪر مان اها دانهن نڪتي تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي شهر ڏانهن ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃي.


قومون گهڻي پاڻيءَ جي وهڪري وانگي ڪاهي اينديون: پر هو انهن کي عتاب ڏيندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون، جيئن بُهہ واءُ جي اڳيان جبلن تي ۽ جيئن طوفان واچوڙي ۾ مٽيءَ کي اُڏائي.


ڇالاءِ جو هو ترارين کان، اُگهاڙين ترارين کان، ۽ موڙيل ڪمان کان، ۽ جنگ جي سختيءَ کان اُٿي ڀڳا هئا.


جن ڳالهين لاءِ تو محنت ڪئي آهي سي تنهنجي لاءِ اهڙيون ٿينديون: جن سان تو ننڍپڻ کان واپار پئي ڪيو آهي تن مان هرڪو پنهنجي جاءِ تي هليو ويندو؛ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ رهندو.


۽ جڏهن ستر ورهيہ پورا ٿيندا تڏهن خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو جو آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ انهي قوم ۽ ڪسدين جي ملڪ کي سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهي زمين کي هميشہ لاءِ ويران ڪندس.


بابل مان هاريءَ کي وڍي ڇڏيو، ۽ انهي کي بہ جو فصل لهڻ وقت ڏاٽو کڻي لابارو ڪري ٿو: ظلم ڪندڙ ترار جي ڊپ کان هنن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي قوم ڏي ڦرندو، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي زمين ڏانهن ڀڄندو.


اسين جيڪر بابل کي ڇُٽايون ها، پر هو نہ ڇُٽو: اُن کي ڇڏي ڏيو، هلو تہ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏي هليو هلي: ڇالاءِ جو اُن جي سزا آسمان تائين پهتي آهي، بلڪ آسمانن تائين چڙهي ويئي آهي.


اي اسور جا بادشاهہ، تنهنجا ڌنار سمهيا پيا آهن، تنهنجا امير آرام ۾ آهن، تنهنجي رعيت جبلن تي پکڙي پيئي آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي گڏ ڪرڻ وارو ڪونهي.


پر جڏهن هن ميڙاڪا ڏٺا، تڏهن مٿن رحم آيس، ڇالاءِ جو هو نڌڻڪين رڍن وانگر رليل ۽ پريشان هئا.


پوءِ هو لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو ڏٺائين، ۽ هن کي مٿن رحم آيو، ڇالاءِ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا؛ ۽ هو کين گهڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.


ڇالاءِ جو پهرين اوهين رڍن وانگر رُلي ويا هئا؛ پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان (بشپ) وٽ موٽي آيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ