Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 13:13 - Sindhi Bible

13 تنهن ڪري آءٌ آسمانن کي ڏڪائيندس، ۽ لشڪرن جي خداوند جي ڪاوڙ ڪري، ۽ سندس خوفناڪ غضب جي ڏينهن ۾، زمين پنهنجي جاءِ تان لوڏي ڪڍندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 آءٌ قادرِمطلق خداوند جنهن ڏينهن پنهنجو غضب ۽ خوفناڪ قهر نازل ڪندس، تنهن ڏينهن آسمان ڏڪي ويندا، ۽ ڌرتي ڌُڏي ويندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 13:13
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جو زمين کي پنهنجي جاءِ تان لوڏيو ڇڏي، ۽ ان جا ٿنڀ ڏڪن ٿا.


تڏهن زمين ڌڏي ۽ ڏڪي ويئي، ۽ جبلن جون پاڙون چُرڻ ۽ لڏڻ لڳيون ڇو جو هو ڪاوڙيو هو.


تنهنجي سخت ڪاوڙ مون تي آئي آهي: تنهنجي خوف مون کي تباهہ ڪري ڇڏيو آهي.


۽ ماڻهو ٽڪرن جي غارن ۾، ۽ زمين جي چرن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائيءَ جي جلال کان وڃي لڪندا، جنهن وقت هو زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو.


سمنڊ جي بيابان بابت ڪلام. جيئن ڏکن ۾ واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگهندا وڃن، تيئن هو بيابان مان، ۽ خوفناڪ زمين مان اچي ٿو.


هن پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگهيريو آهي. هن بادشاهتن کي لوڏي ڇڏيو آهي: خداوند ڪنعان جي نسبت ۾ حڪم جاري ڪيو آهي تہ انهيءَ جا مضبوط قلعا ڊاهي ڇڏجن.


ڏسو، خداوند زمين خالي ٿو ڪري، ۽ انهيءَ کي ويران ٿو ڪري، ۽ اُٿلائي اونڌو ٿو ڪريس، ۽ ان جي رهاڪن کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏي ٿو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو ڊپ جي آواز کان ڀڄندو سو پاتال ۾ پوندو؛ ۽ جيڪو پاتال منجهان نڪري ٻاهر ايندو سو ڦندي ۾ ڦاسايو ويندو: ڇالاءِ جو مٿان جون دريون کليون آهن، ۽ زمين جا بنياد لڏن ٿا.


زمين بلڪل ڀڄي پئي آهي، زمين اصل زبون ٿي وئي آهي، زمين تمام گهڻي ڏڪي وئي آهي.


۽ آسمان جو سارو لشڪر ڳري ويندو، ۽ آسمان ڪاغذ جي ويڙهيءَ وانگيان ويڙهجي ويندا: ۽ انهن جو سارو لشڪر ائين ڪومائجي ڪري پوندو جيئن ڊاک ۽ انجير جو پن ڪومائجي ڪري پوندو آهي.


اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ، هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ؛ اي ڪسدين جي ڌيءَ، تخت تان لهي پٽ تي ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي نازنين ۽ نازڪ نہ سڏبينءَ.


اوهين پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو، ۽ هيٺ زمين ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو آسمان دونهين وانگي گم ٿي ويندا، ۽ زمين ڪپڙي وانگي پراڻي ٿي ويندي، ۽ جيڪي انهي تي رهن ٿا سي بہ ساڳيءَ طرح مري ويندا: پر منهنجي نجات سدائين رهندي، ۽ منهنجي راستبازي بند نہ ٿيندي.


لشڪرن جي خداوند جي ڪاوڙ ڪري زمين سڙي وئي آهي: ماڻهو بہ باهہ جي ڪاٺين وانگر آهن؛ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رعايت نٿو رکي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بابل تي ۽ ليپ ڪمائي جي رهاڪن تي ناس ڪندڙ واچ اُٿاريندس.


اڙي اوهين سڀ، جي هتان لنگهو ٿا، تن جي لاءِ هي ڪجهہ بہ نہ آهي ڇا؟ نظر ڪريو ۽ ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ڏک آهي ڇا؟ جو ڏک خداوند پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ جي ڏينهن مون کي رسايو آهي.


۽ خداوند صيون مان گجگار ڪندو ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ۽ آسمان ۽ زمين ڏڪي ويندا: پر خداوند پنهنجي قوم جي پناهہ ٿيندو ۽ بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ٿيندو.


پر انهن ڏينهن جي مصيبت کانپوءِ هڪدم سج اونداهو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشني نہ ڏيندو، ۽ تارا آسمان مان ڪِري پوندا، ۽ آسمان جون طاقتون لُڏي وينديون.


آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪڏهن ڪين ٽرندو.


پر خداوند جو ڏينهن چور وانگر اچي نڪرندو؛ انهي ۾ آسمان ڏاڍي ڪڙڪي سان هليا ويندا، ۽ عناصر سخت گرميءَ جي ڪري ڳري ويندا، ۽ زمين ۽ جيڪي مٿس آهي، سو سڙي ويندو.


۽ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ڏٺو، ۽ انهي کي بہ، جو مٿس ويٺو هو، جنهن جي منهن تان زمين ۽ آسمان ٽري ويا؛ ۽ کين ڪابہ جاءِ ڪانہ ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ