Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 13:11 - Sindhi Bible

11 ۽ آءٌ جهان کي سندس خرابيءَ جي لاءِ، ۽ شريرن کي سندن بدڪاريءَ لاءِ سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ مغرورن جي مغروري بند ڪرائيندس، ۽ خوفناڪ ماڻهن جي وڏائي هيٺ ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دنيا تي تباهي آڻيندس، ۽ سڀني بدڪارن کي سندن گناهن جي ڪري سزا ڏيندس. آءٌ مغرورن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏيندس، ۽ ظالمن جي تڪبر کي ناس ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 13:11
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو مغرور آهي تنهن ڏي نظر ڪر ۽ انهيءَ کي لاهي هيٺ ڪر؛ ۽ جتي شرير بيٺا آهن اُتي هنن کي لتاڙي ڇڏ.


ڏس، سچي کي زمين تي بدلو ڏنو ويندو: تڏهن شرير ۽ گنهگار کي ڪيترو نہ زيادہ ڏنو ويندو:


خدا جو خوف بديءَ کي ڌڪارڻ ۾ آهي: مغروريءَ، هٺ، ۽ بڇڙي واٽ، ۽ بيهودي وات کي آءٌ ڌڪاريان ٿي.


پر سچائيءَ سان هو غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ زمين جي مسڪينن جي خاطر عدالت سان ملامت ڪندو، ۽ هو زمين کي پنهنجي وات جي لٺ سان ماريندو، ۽ پنهنجن چپن جي دم سان شريرن کي ڪهي ڇڏيندو.


هنن جي ابن ڏاڏن جي گناهن ڪري، هن جي اولاد جي لاءِ اوهين ڪوس تيار ڪريو؛ تہ نہ هو اُٿن، ۽ نہ زمين هٿ ڪن، ۽ نہ دنيا جي سطح شهرن سان ڀري ڇڏين.


خداوند شريرن جي لٺ ۽ حاڪمن جي عصا ڀڃي ڇڏي آهي


انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو.


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو:


۽ انسان جي مغروري جهڪائي ويندي، ۽ ماڻهن جو هٺ هيٺ ڪيو ويندو: ۽ رڳو خداوند ئي انهي ڏينهن مٿانهون ٿيندو.


۽ لشڪرن جي خداوند پاڻ کي منهنجن ڪنن ۾ ظاهر ڪيو، تہ پڪ آهي تہ جيسين اوهين جيئرا آهيو تيسين هي گناهہ ڌوپي صاف ٿي نہ ويندو؛ خداوند، لشڪرن جو خداوند، ائين ٿو فرمائي.


لشڪرن جي خداوند اها رٿ رٿي آهي، انهي لاءِ تہ ساري شان شوڪت جي مغروريءَ کي چٽ ڪري ۽ زمين جي سڀني عزت وارن کي ذليل ڪري.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند مٿي، مٿانهن جي لشڪر کي، ۽ هيٺ زمين تي، زمين جي بادشاهن کي سزا ڏيندو.


تنهن ڪري زوراور ماڻهو تنهنجي تعريف ڪندا، خوفناڪ قومن جو شهر تو کان ڊڄندو.


تون پرديسين جي هل کي خشڪ جاءِ جي گرميءَ وانگي هيٺ آڻيندين؛ جيئن ڪڪر جي ڇانوَ هيٺ گرمي گهٽجي وڃي، تيئن خوفناڪ ماڻهن جي راڳ جو آواز گهٽايو ويندو.


ڇالاءِ جو، ڏس، خداوند پنهنجي مڪان مان زمين جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ اچي ٿو: زمين بہ اُنهي رت کي ظاهر ڪندي جو منجهس آهي، ۽ جيڪي مٿس قتل ٿيا آهن تن کي نہ لڪائيندي.


ڇالاءِ جو خوفناڪ ماڻهو نابود ٿي ويندو، ۽ ٺٺولي ڪندڙ فنا ٿي ويندو، ۽ جيڪي بدڪاري ڪرڻ لاءِ اکيون وجهيو ويٺا آهن سي تباهہ ٿي ويندا.


پر تنهنجي دشمن جو ڪٽڪ سنهيءَ مٽي وانگر ٿيندو، ۽ انهن خوفناڪ ماڻهن جو ڪٽڪ اُڏامندڙ تُهہ وانگي هوندو: هائو، اهو هڪ لحظي ۾ اوچتو ٿيندو.


ٻرحال شرير جا! هن سان برائي ٿيندي: ڇالاءِ جو هن جي ڪمن جو بدلو هن کي ڏنو ويندو.


۽ گهٽ درجي وارو ماڻهو جهڪي ويو آهي، ۽ وڏي درجي وارو ماڻهو حقير ڪيو ويو آهي، ۽ مٿانهين جاءِ وارن جون اکيون هيٺ ڪيون ويون آهن:


خود اوهان جين بدڪارين ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو، جن جبلن تي لوبان ساڙيو آهي، ۽ ٽڪرين تي منهنجي لاءِ ڪفر پئي بڪيو اٿن: تنهن ڪري آءٌ پهرين انهن جا ڪم سندس هنج ۾ ماپي ڏيندس.


اسان موآب جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي تہ اهو ڏاڍو مغرور آهي؛ يعني انهي جي وڏائي ۽ انهي جي مغروري ۽ انهي جي گستاخي ۽ ان جي دل جو هٺ.


۽ اُنهن ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ مون نبوڪدنضر پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏي کنيون ۽ منهنجي سمجهہ موٽي مون ۾ آئي، ۽ مون خدا تعاليٰ جو شڪر ڪيو ۽ سندس تعريف ڪيم، ۽ تعظيم ڏنم، جو هو هميشہ لاءِ جيئرو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ هن جي حڪومت پيڙهي بہ پيڙهي هلي ٿي:


ڏس، هن جو روح مغرور ٿي ويو آهي، اُهو منجهس سچو ناهي، پر راستباز پنهنجي ايمان جي ڪري جيئرو رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ