تڏهن ياهو پنهنجي لشڪر جي سردار بدقر کي چيو تہ هن کي کڻي نبوت يزرعيليءَ جي ٻنيءَ ۾ اُڇلائي ڇڏ: ڇالاءِ جو ياد هوندءِ تہ جڏهن آءٌ ۽ تون هن جي پيءُ اخي آب جي پٺيان گڏ چڙهيا پئي وياسين، تڏهن خداوند هي بار هن تي رکيو هو.
خداوند اوهان جو نجات ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جي خاطر مون بابل ڏانهن موڪليو آهي، ۽ انهن سڀني کي، يعني ڪسدين کي سندن خوشين جي جهازن تي چاڙهي ڀڄائي آڻيندس.
بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم، ۽ يهوداہ جي اميرن کي، واڍن ۽ لوهارن سميت، يروشلم مان قيد ڪري وٺي ويو ۽ انهن کي بابل ۾ آندائين، تنهن کان پوءِ ڏسو خداوند مون کي انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏيکاريون.
اسرائيل جي بابت خداوند جي طرفان نبوت جو ڪلام. خداوند جنهن آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ زمين جو بنياد وڌو اٿس، ۽ اسان جي اندر پنهنجو روح پيدا ڪيو اٿس، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ