3 تنهن ڪري خوشيءَ سان اوهين نجات جي کوهن مان پاڻي ڪڍندا.
3 جهڙيءَ طرح تازو پاڻي اڃايل کي خوشي ٿو بخشي، تهڙيءَ طرح خدا جي قوم کي خوشي حاصل ٿيندي جڏهن هو کين بچائيندو.
ڇو جو تو وٽ زندگيءَ جو چشمو آهي: ۽ اسين تنهنجي سوجهري ۾ سوجهرو ڏسنداسين.
ڳائيندڙ ۽ ناچ ڪندڙ چوندا تہ منهنجا سڀ چشما تو منجهہ آهن.
جيئن جهنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن منهنجو محبوب نوجوانن ۾ آهي. آءٌ ڏاڍي خوشيءَ سان هن جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيس، ۽ هن جو ميوو مون کي مٺو لڳو.
آءٌ اُگهاڙين ٽڪرين تي نديون وهائيندس، ۽ وادين جي وچ ۾ چشما کوليندس: آءٌ بيابان کي پاڻيءَ جي ڍنڍ، ۽ سڪيءَ زمين کي پاڻيءَ جون نهرون ڪندس.
انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو.
ڇالاءِ جو منهنجي قوم ٻہ خرابيون ڪيون آهن؛ مون جيئري پاڻيءَ جي چشمي کي هنن ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ حوض، بلڪ ڀڳل حوض ٽڪي ٺاهيا اٿن جي پاڻي جهلي نٿا سگهن.
۽ هيئن ٿيندو تہ جتي نديون اينديون اُتي سڀ ساهہ وارا جيئرا رهندا ۽ تمام گهڻيون مڇيون ٿينديون: ڇالاءِ جو اُهي پاڻي اتي آيا آهن تہ سڀ شيون شفا حاصل ڪن، ۽ جتي جتي ندي ايندي اُتي سڀڪا شيءِ جيئري رهندي.
انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.
۽ هن جي ڀرپورائيءَ مان اسان سڀني کي مليو آهي، يعني فضل تي فضل.
۽ هن مون کي آبِ حيات جي هڪڙي ندي ڏيکاري، جا بلور وانگر پئي چمڪي، ۽ انهي شهر جي سڙڪ جي وچ ۾ خدا ۽ گهيٽي جي تخت مان ٿي نڪتي.
۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.
ڇالاءِ جو گهيٽو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار ٿيندو، ۽ کين آبِ حيات جي چشمن تي وٺي ويندو: ۽ خدا سندن اکين مان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو.
۽ حنہ دعا گهري، ۽ چيائين: تہ منهنجي دل خداوند ۾ نهايت خوش آهي، منهنجو سڱ خداوند ۾ مٿي ڪيل آهي: منهنجو وات منهنجن دشمنن تي ڪشادو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي ڇوٽڪاري ۾ خوش آهيان.