Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 12:1 - Sindhi Bible

1 ۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ وقت هر ڪو ماڻهو ڳائي چوندو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اڳ تون مون کان ناراض هئين، تہ بہ هاڻي تنهنجي ڪاوڙ مون تان لهي ويئي آهي، ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 12:1
55 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هنن انهن کي چيو تہ هليا وڃو، وڃي سڻڀا طعام کائو، ۽ مٺا پاڻي پيئو، ۽ جنهن جي لاءِ ڪجهہ بہ تيار ٿيل نہ آهي، تنهن کي بہ ڪجهہ ڏيو: ڇالاءِ جو اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند لاءِ پاڪ آهي: غمگين نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند جي خوشي اوهان جو زور آهي.


ڇالاءِ جو تون پنهنجي مصيبت کي وساري ڇڏيندين؛ تون انهيءَ کي وهي ويل پاڻيءَ وانگر ياد ڪندين:


هو منهنجو ڇوٽڪارو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو بيدين ماڻهو هن جي اڳيان نہ ايندو.


ڇو جو هن جو غصو رڳو هڪڙي پل جو آهي؛ ۽ سندس ٻاجهہ ۾ زندگي آهي: سڄي رات شايد روئڻ هجي، پر صبح جو سرهائي ٿيندي.


تون منهنجي عظمت کي وڌاءِ، ۽ موٽي مون کي تسلي ڏي.


اي اسان جي نجات جا خدا، اسان کي بحال ڪر، ۽ پنهنجو ڏمر اسان تان لاهي ڇڏ.


اي خداوند مون کي ڀلائيءَ جو ڪو نشان ڏيکار؛ تہ جن کي مون سان نفرت ۽ عداوت آهي سي اهو ڏسي شرمندا ٿين، ڇو جو تو منهنجي مدد ڪئي آهي، ۽ مون کي دلاسو ڏنو اٿيئي.


آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل سان خداوند جا ٿورا مڃيندس؛ آءٌ تنهنجي سڀني عجيب ڪمن جو بيان ڪندس.


ڇالاءِ جو اڃا بہ ٿوري وقت کان پوءِ منهنجي ڪاوڙ ۽ چڙ پوري ٿيندي، ۽ هو ناس ڪيا ويندا.


هو رڳو قيدين هيٺان ڪنڌ جهڪائيندا ۽ قتل ٿيلن هيٺان ڪرندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


۽ سندس قوم مان، جيڪي اسور مان باقي بچندا تن جي لاءِ هڪڙي شاهي سڙڪ ٿيندي جهڙي ڪ اسرائيل جي لاءِ انهيءَ ڏينهن ٿي هئي جڏهن هو مصر جي زمين مان نڪري آيا هئا.


۽ اُنهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند توکي تنهنجي ڏک، ۽ تنهنجي تڪليف، ۽ جنهن سخت پورهئي ۾ تون پيو هئين تنهن کان آرام ڏيندو،


انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو.


اي خداوند تون منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي جي تعريف؛ ڇالاءِ جو تو عجب ۽ غريب ڪم ڪيا آهن، يعني تنهنجون مصلحتون قديم کان وفاداري ۽ سچيون آهن.


۽ انهيءَ ڏينهن چوڻ ۾ ايندو تہ ڏسو، هي اسان جو خدا آهي؛ اسان هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، ۽ هو اسان کي بچائيندو: هي خداوند آهي؛ اسين هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، اسين هن جي نجات ڪري خوش ۽ سرها ٿينداسين.


اُنهي ڏينهن يهوداہ جي ملڪ ۾ هي راڳ ڳايو ويندو: اسان وٽ هڪڙو مضبوط شهر آهي، جنهن جي ڀتين ۽ ٺلهن جي بدران هو نجات مقرر ڪندو.


خداوند جا خريد ڪيل موٽندا، ۽ ڳائيندا صيون ۾ ايندا: ۽ انهن جي مٿن تي هميشہ جي خوشي هوندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، ۽ غم ۽ ماتم ڪونہ رهندو.


اي آسمانو ڳايو؛ اي زمين خوش ٿي، اي جبلو گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، ۽ پنهنجي ڏکويلن تي رحم ڪندو.


ڇالاءِ جو خداوند صيون کي تسلي ڏني آهي: ۽ هن اتي جي سڀني ويران جاين کي تسلي ڏني آهي، ۽ انهي جي بيابانن کي عدن جهڙو ڪيو اٿس، ۽ انهي جي رڻ پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪيو اٿس؛ انهي ۾ خوشي ۽ سرهائي، ۽ شڪرگذاري، ۽ ڳائڻ جو آواز موجود رهندو.


مون توکي هڪڙي لحظي لاءِ ڇڏي ڏنو آهي؛ پر گهڻيءَ ٻاجهہ سان آءٌ توکي گڏ ڪندس.


خداوند تنهنجو ڇڏائيندڙ فرمائي ٿو، تہ تمام گهڻيءَ ڪاوڙ ۾ مون هڪ لحظي واسطي پنهنجو منهن تو کان لڪايو؛ پر هميشہ واري مهربانيءَ سان آءٌ توتي رحم ڪندس،


ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ اهو نوح جي طوفان وانگي آهي: جهڙيءَ طرح مون قسم کنيو آهي تہ نوح جي طوفان وارو پاڻي وري زمين جي مٿان اُٿلي نہ پوندو، تهڙيءَ طرح مون هي بہ قسم کنيو آهي تہ آءٌ وري توتي نہ ڪاوڙبس، ۽ نڪي توکي ملامت ڪندس.


۽ ڌاريا ماڻهو تنهنجون ڀتيون اڏيندا، ۽ انهن جا بادشاهہ تنهنجي خدمت ڪندا: ڇالاءِ جو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ توکي ڌڪ هنيو، ۽ وري پنهنجيءَ مهربانيءَ ڪري توتي رحم ڪيو اٿم.


آءٌ خداوند ۾ گهڻو خوش ٿيندس، منهنجو روح منهنجي خدا ۾ راضي رهندو؛ ڇالاءِ جو هن جيئن ڪو گهوٽ پاڻ کي ڇٽ سان سينگاري، يا ڪا ڪنوار پاڻ کي جواهرن سان سينگاري، تيئن مون کي نجات جي پوشاڪ پهرائي آهي، هن مون کي راستبازيءَ جو وڳو ڍڪايو آهي.


جيڪو خوشيءَ سان انهن کي ملي ٿو جي راستبازيءَ جا ڪم ٿا ڪن، ۽ تنهنجين واٽن تي هلي توکي ياد ٿا ڪن: ڏس تون ڪاوڙئين، ڇو تہ اسان گناهہ ڪيا، انهن ۾ اسين گهڻو وقت رهياسين، تنهن ڪري اسان کي نجات ملندي ڇا؟


پر اوهين سرها ٿيو، ۽ جيڪي آءٌ پيدا ٿو ڪريان تنهن تي هميشہ خوشي ڪريو: ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ يروشلم کي خوشي، ۽ ان جي ماڻهن کي سرهائي بنائيندس.


جيئن ڪا ماءُ پٽ کي دلاسو ڏئي، تيئن آءٌ اوهان کي دلاسو ڏيندس؛ ۽ اوهان کي يروشلم ۾ دلاسو ملندو.


۽ انهن مان شڪرگذاري ۽ خوشي ڪندڙ جو آواز نڪرندو: ۽ آءٌ انهن کي وڌائيندس، ۽ اُهي ٿورا ڪونہ ٿيندا؛ آءٌ انهن کي عزت وارو بہ ڪندس ۽ هو ذليل نہ ٿيندا.


تڏهن ڪنواري ڇوڪري جوان ۽ ٻڍن ماڻهن سان گڏجي ناچ ۾ خوشي ڪندي، ڇالاءِ جو آءٌ انهن جي غم کي بدلائي خوشي ڪندس، ۽ هنن کي تسلي ڏيندس، ۽ هنن جي غمگيني مان کين خوشحال ڪندس.


اي افرائيم، آءٌ توکي ڪيئن ڇڏي ڏيان؟ اي اسرائيل، ڪيئن آءٌ توکي ڏيئي ڇڏيان؟ ڪيئن توکي ادمہ جهڙو ڪريان؟ ڪيئن توکي ضبويم جهڙو بنايان؟ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ وٽ ٿي کائي، منهنجون رحمتون ظاهر ٿيون آهن.


اچو تہ خداوند وٽ موٽي هلون: ڇالاءِ جو هن ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪندو؛ هن ضرب رسائي آهي، ۽ هو ئي اسان کي پَٽي ٻَڌندو.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يروشلم ۾ رحم سان موٽيو آهيان. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو گهر اُنهيءَ ۾ جوڙيو ويندو؛ ۽ يروشلم جي مٿان ماپڻ جي ڏوري وري ڇڪي ويندي.


انهيءَ ڏينهن گهوڙن جي گهنگهرن تي لکيل هوندو تہ خداوند جي لاءِ پاڪ آهن؛ ۽ خداوند جي گهر جا باسڻ، قربانگاهہ جي پيالن وانگر ٿيندا.


۽ خداوند سڄيءَ دنيا تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن هڪڙو ئي خداوند ٿيندو، ۽ سندس نالو واحد ٿيندو.


پر هاڻي آءٌ هن قوم جي باقي بچيلن سان اهڙو سلوڪ نہ ڪندس، جهڙو اڳين ڏينهن ۾ ڪيو هوم، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ چوٿين، ۽ پنجين، ۽ ستين، ۽ ڏهين مهيني جو روزو يهوداہ جي گهراڻي جي لاءِ خوشي ۽ خورميءَ جو ڏينهن ۽ شادمانيءَ جي عيد ٿيندي؛ تنهنڪري سچائيءَ ۽ صلح سان محبت رکو.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن هنن جي خارج ٿيڻ ڪري جهان جو ميل ميلاپ ٿيو، تہ سندن قبول پوڻ ڪري موت مان زندگيءَ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿيندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ