خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ هو حشمت سان پهريل آهي؛ خداوند طاقت سان ڍڪيل آهي، جا هن پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌي آهي: جهان بہ اهڙو قائم ڪيل آهي جو ڪوبہ انهي کي مٽائي نٿو سگهي.
ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.
انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.