Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 11:3 - Sindhi Bible

3 ۽ هو خداوند جي ڊپ ڪري خوش ٿيندو: ۽ هو نہ پنهنجن اکين جي نظر موجب انصاف ڪندو، ۽ نہ پنهنجن ڪنن جي ٻڌڻ موجب ملامت ڪندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 خداوند جي تابع رهڻ مان ئي کيس خوشي حاصل ٿيندي. هن جون اکيون کيس انصاف واري رستي کان هٽائي ڪين سگھنديون، نڪي سندس ڪن کيس بي‌انصافيءَ ڏانهن مائل ڪري سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 11:3
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن تنهنجي ٻانهيءَ چيو تہ آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ ڀلي منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي ڳالهہ تسلي جهڙي هجي: ڇالاءِ جو منهنجو ڌڻي بادشاهہ چڱي ۽ بڇڙي جي سڃاڻڻ ۾ خدا جي فرشتي جهڙو آهي.


۽ بادشاهہ انهيءَ زال کي چيو تہ تون پنهنجي گهر وڃ، ۽ آءٌ تنهنجي بابت حڪم ڏيندس.


۽ اها جيڪا عدالت بادشاهہ ڪئي سا سڄي اسرائيل قوم ٻڌي؛ ۽ هو بادشاهہ کان ڊڄڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي ڏاهپ آهي.


تنهنڪري پنهنجي ٻانهي کي اهڙي سمجهہ ڀري دل ڏي تہ تنهنجي قوم جي عدالت ڪري، جنهنڪري آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان؛ ڇالاءِ جو ڪير هن تنهنجي وڏيءَ قوم جي عدالت ڪري سگهندو؟


ڪَن لفظن جي آزمائش نٿو وٺي ڇا، جهڙيءَ طرح تارون پنهنجو کاڌو چکي ٿو؟


ڇالاءِ جو ڪن ڪلام کي پرکي ٿو، جيئن تارون طعام کي چکي ڏسندو آهي.


تہ پوءِ تون خدا جو خوف سمجهندين، ۽ خدا جي سياڻپ حاصل ڪندين.


تڏهن تون سچائي ۽ عدالت ۽ انصاف،، هائو سڀڪا چڱي واٽ سمجهندين.


تنهنجي زماني ۾ پائيداري ٿيندي، نجات، دانائي ۽ علم ججهو ٿيندو: خداوند جو خوف هن جو خزانو آهي.


اُنهي زمين ۾، اُها اسرائيل ۾ سندس موروثي ملڪيت ٿيندي، ۽ منهنجا بادشاهہ وري اڳتي منهنجي قوم تي ظلم نہ ڪندا، پر هو اها زمين اسرائيل جي گهراڻي کي سندن فرقن موجب ڏيندا.


۽ هو گهڻين قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، ۽ زور وارين قومن کي ملامت ڪندو؛ هو پنهنجين ترارن کي ڪٽي انهن مان هرن جا ڦار ٺاهيندا، ۽ پنهنجن ڀالن مان ڏاٽا ٺاهيندا: قوم، قوم تي ترار نہ کڻندي، نڪي اڳتي وري هو جنگ ڪرڻ سکندا.


۽ يسوع سياڻپ ۽ قد، ۽ خدا ۽ انسان جي مقبوليت ۾ وڌندو ويو.


۽ هن کي ضرورت ڪانہ هئي تہ انسان بابت ڪوبہ شاهدي ڀري؛ ڪيئن جو هن ڄاتو ٿي تہ انسان ۾ ڇا ڇا آهي.


منهن ڏسي انصاف نہ ڪريو، پر حقي انصاف ڪريو.


پر سخت کاڌو بالغن جي لاءِ آهي، يعني اُهي جن جا حواس استعمال ڪرڻ ڪري هو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو امتياز ڪري سگهن ٿا.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ