Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 11:15 - Sindhi Bible

15 ۽ خداوند مصر واري سمنڊ جي ڄڀ اصل ناس ڪري ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان پنهنجو هٿ نديءَ جي مٿان اُلاريندو، ۽ انهي کي ستن نهرن ۾ ورهائيندو، ۽ اتان ماڻهو سڪي جُتيءَ سان پار لنگهائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 خداوند مصر واري ڳاڙهي سمنڊ کي سڪائي خشڪ ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان فرات نديءَ تي اُلر ڪندو، ۽ انهيءَ کي ستن ننڍڙين واهين ۾ ورهائي ڇڏيندو، جن مان ماڻهو جتيءَ سان پار لنگھي سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 11:15
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهيريو تہ خداوند ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳايو، ۽ سمنڊ کي هٽائي سڪائي ڇڏيائين، ۽ پاڻي وچ مان چيرجي پيو.


۽ بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگهي ويا، ۽ انهن جي ساڄي هٿ پاسي کان ۽ کاٻي هٿ پاسي کان پاڻي سندن لاءِ ڀت وانگر ٿي پيو.


پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ بہ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪيو، ۽ پاڻي هنن جي ساڄي هٿ پاسي توڙي کٻي پاسي، سندن لاءِ ڀت وانگر بيٺو هو.


انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند جيڪو پنهنجو هٿ ان جي مٿان لوڏي ٿو تنهن جي ڊپ کان، مصر جا رهاڪو زالن جهڙا ٿي پوندا.


خداوند، جو سمنڊ ۾ رستو ۽ وڏن پاڻين ۾ واٽ ٿو جوڙي،


جو اونهي سمنڊ کي چوي ٿو تہ سڪي وڃ، آءٌ تنهنجون نديون سڪائي ڇڏيندس:


جڏهن آءٌ آيس تڏهن ڇو ڪو ماڻهو ڪونہ هو؟ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڇو ڪنهن بہ جواب نہ ڏنو؟ منهنجو هٿ اهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ڇا جو ڇڏائي نٿو سگهي؟ يا مون کي ڇڏائڻ جي سگهہ ڪانهي ڇا؟ ڏسو، آءٌ پنهنجيءَ ڌمڪيءَ سان سمنڊ کي سڪايان ٿو، ۽ ندين کي بيابان ڪري ٿو ڇڏيان: انهن جي مڇي پاڻي نہ هئڻ جي ڪري ڪِني بانس ڪري ٿي، ۽ اُڃ جي ڪري مري ٿي.


اهي خداوند جا ڇڏايل موٽندا، ۽ ڳائيندي صيون ۾ ايندا؛ ۽ انهن جي مٿان هميشہ جي خوشي ٿيندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، غم ۽ رنج ڪونہ رهندا.


جنهن پنهنجيءَ جلال واريءَ ٻانهن سان موسيٰ جي ساڄي هٿ جي مدد ڪئي؟ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ، انهن جي اڳيان پاڻيءَ جا ٻہ ڀاڱا ڪيا.


انهي ڏينهن جيڪا ڀاڙي ڪيل پاڪي نديءَ جي هن ڀر وارن ڀاڱن ۾ آهي، يعني اسور جي بادشاهہ وٽ، تنهن سان خداوند مٿي ۽ پيرن جا وار ڪوڙيندو: ۽ اها پاڪي ڏاڙهي بہ چٽ ڪري ڇڏيندي.


تنهن ڪري هاڻي ڏس، خداوند انهن تي فرات نديءَ جو زور وارو پاڻي آڻي ٿو، يعني اسور جو بادشاهہ ۽ ان جو سارو جلال، ۽ اهو ان جي سڀني نهرن تي، ۽ ان جي سڀني ڪنڌين تي چڙهي ايندو:


تنهنڪري ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف ۽ تنهنجين ندين جي برخلاف آهيان، ۽ آءٌ مصر جي زمين کي مجدال کان اسوان تائين، يعني حبش جي سرحد تائين بلڪل سُڃو ۽ ويران ڪري ڇڏيندس.


آءٌ نديون سُڪائي ڇڏيندس ۽ اُها زمين خراب ماڻهن جي هٿ ۾ وڪڻندس؛ آءٌ اُها زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، سو ڌارين جي هٿان ويران ڪرائيندس؛ مون خداوند خدا ائين فرمايو آهي.


۽ هو مصيبت جي سمنڊ مان لنگهي ويندو، ۽ سمنڊ جي لهرن کي ڪٽيندو، ۽ نيل ندي تري تائين سُڪي ويندي: ۽ اسور جو هٺ ڀڄي پوندو، ۽ مصر جي لٺ لڙهي ويندي.


۽ ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏيءَ نديءَ فرات تي اوتيو ۽ ان جو پاڻي سُڪي ويو، تان تہ جيڪي بادشاهہ اُڀرندي کان اچن، تن جي لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ