Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 11:12 - Sindhi Bible

12 ۽ هو قومن لاءِ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪندو، ۽ اسرائيل جا هڪالي ڪڍيل گڏ ڪندو، ۽ يهوداہ جا نڪتل ۽ پکيڙي پيل زمين جي چئني ڪنڊن کان آڻي گڏ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 خداوند غير قومن کي ڏيکارڻ لاءِ انهيءَ بادشاهہ جو جھنڊو کڙو ڪندو، جنهن بعد اسرائيل توڙي سڄي يهوداہ ملڪ جي جلاوطن ٿيل ماڻهن کي موٽائي آڻي گڏ ڪندو، جيڪي ڌرتيءَ جي چئني پاسن تي ٽڙيل پکڙيل هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 11:12
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن کي ملڪ ملڪ مان، يعني اُڀرندي مان، ۽ اُلهندي مان، ۽ اُتر مان، ۽ ڏکڻ مان آڻي گڏ ڪيو اٿس.


خداوند پاڻ يروشلم کي اڏيو آهي؛ هو اسرائيل جي دربدر ٿيلن کي گڏ ٿو ڪري.


جيڪي توکان ڊڄن ٿا تن کي، هڪڙو جهنڊو ڏنو اٿيئي، تہ اهو سچائيءَ جي خاطر مٿي ڪيو وڃي.


خداوند فرمايو تہ آءٌ انهن کي بسن مان وٺي ايندس، ۽ وري سمنڊ جي اونهائين مان ڪڍي ايندوسان.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.


اي جهان جا رهندڙ، ۽ زمين جا رهاڪو، جڏهن جبلن تي ڪو جهنڊو کڙو ڪيو وڃي، تڏهن اوهين ڏسو؛ ۽ جڏهن قرناءِ وڄائي وڃي تڏهن اوهين ٻڌو.


زمين جي تمام پرانهين ڀاڱي کان اسان راڳ ٻڌا آهن، سچي جي لاءِ وڏائي آهي. پر مون چيو تہ آءٌ ڳرندو وڃان، آءٌ ڳرندو وڃان، افسوس آهي منهنجي حال تي! دغابازي ڪندڙن دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي، هائو، دغابازي ڪندڙن تمام دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.


آءٌ اُتر کي چوندس تہ ڇڏي ڏي؛ ۽ ڏکڻ کي چوندس تہ رکي نہ ڇڏ؛ منهنجا پٽ پري کان آڻ ۽ منهنجون ڌيئر زمين جي ڇيڙي کان.


خداوند خدا هيئن فرمائي ٿو تہ ڏس، آءٌ قومن تي پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ اُمتن تي پنهنجو جهنڊو اُڀو ڪندس: اهي تنهنجن پٽن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي ايندا، ۽ تنهنجين ڌيئرن کي پنهنجن ڪلهن تي چاڙهي آڻيندا.


هاڻي جنهن خداوند مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي پنهنجو بندو ٿيڻ لاءِ جوڙيو آهي، سو فرمائي ٿو تہ يعقوب کي وري هن وٽ وٺي اچان، تہ اسرائيل اچي هن وٽ گڏ ٿئي: (ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي نظر ۾ معزز آهيان ۽ منهنجو خدا منهنجي طاقت آهي.)


مون توکي هڪڙي لحظي لاءِ ڇڏي ڏنو آهي؛ پر گهڻيءَ ٻاجهہ سان آءٌ توکي گڏ ڪندس.


خداوند خدا، جو اسرائيل جي نيڪالي ڏنلن کي گڏ ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ جيڪي هن جي اُمت جا اڳيئي گڏ ٿيل آهن، تن کان سواءِ ٻين کي بہ آءٌ آڻي انهن سان گڏ ڪندس،


تڏهن الهندي وارا خداوند جي نالي کان ڊڄندا، ۽ اُڀرندي وارا سندس جلال کان؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ ڇوهہ نديءَ وانگي ايندو، جنهن کي خداوند خدا جو دم ڪاهيندو اچي.


پنهنجون اکيون کڻي چوڌاري نهار: اُهي سڀ گڏ ٿين ٿا، اُهي سڀ تو ڏانهن ٿا اچن: تنهنجا پٽ پري کان ايندا، ۽ تنهنجن ڌيئرن کي هنج ۾ کڻي ايندا.


لنگهي وڃو، دروازن مان لنگهي وڃو، اوهين اُمت جو رستو تيار ڪريو؛ شاهي سڙڪ مٿانهين ڪريو، مٿانهين ڪريو؛ پهڻ ميڙي پري ڪريو؛ قومن جي لاءِ جهنڊو کڙو ڪريو.


آءٌ انهن ۾ هڪڙو نشان مقرر ڪندس، ۽ جيڪي انهن مان بچندا تن کي قومن ڏانهن موڪليندس، يعني ترسيس ۽ پول، ۽ لود ڏانهن، جي ڪمان ڪشيندڙ آهن، ۽ توبل ۽ ياوان ڏانهن، ۽ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن، جن منهنجي ناموس نہ ٻڌي آهي، ۽ نڪي منهنجو جلال ڏٺو اٿن؛ ۽ اهي قومن ۾ منهنجو جلال ظاهر ڪندا.


۽ جن جن ملڪن ۾ مون پنهنجي ڌڻ مان باقي بچيلن کي هڪالي ڇڏيو آهي، اُتان انهن کي اُڻي گڏ ڪندس، ۽ سندن واڙي ۾ موٽائي آڻيندس؛ ۽ هو ڦردار ٿيندا ۽ وڌندا ويجهندا.


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ توکي وري تندرست ڪندس ۽ تنهنجا ڦٽ ڇُٽائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن توکي رد ڪيل سڏيو آهي، ۽ چيو اٿن تہ اهو صيون آهي جنهن جي ڪوبہ ڳولا ڪانہ ٿو ڪري.


انهن ڏينهن ۾ ۽ انهي وقت خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل ايندا، اُهي ۽ بني يهوداہ ٻئي گڏجي؛ ۽ اُهي روئندي پنهنجو رستو ڏيو ويندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا.


بابل جي ڀتين جي سامهون هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، پهرو مضبوط ڪريو، پهري وارا مقرر ڪريو، لڪي ويهڻ جون جايون تيار ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند بابل جي رهاڪن جي نسبت ۾ جيڪي چيو هو، اُن موجب رٿيو بہ آهي، ۽ ڪيو بہ آهي.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جن قومن ۾ اسرائيل جو گهراڻو ڇڙوڇڙ ٿي ويو آهي، تن مان جڏهن آءٌ انهن کي گڏ ڪندس، ۽ ٻين قومن جي روبرو هو منهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪندا، تڏهن هو انهي پنهنجي زمين ۾ رهندا، جا مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني هئي.


۽ بني يهوداہ ۽ بني اسرائيل گڏ ٿيندا، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو سردار مقرر ڪندا، ۽ انهي زمين مان نڪري ويندا، ڇالاءِ جو يزرعيل جو ڏينهن وڏو ٿيندو.


اوهين پنهنجي ماءُ سان حجت دليل ڪريو، ڀلي حجت دليل ڪريو؛ ڇالاءِ جو هوءَ منهنجي زال نہ آهي، نڪي آءٌ هن جو مڙس آهيان: ۽ ڀلي تہ هوءَ پنهنجي منهن کان زناڪاريون ۽ پنهنجين ڇاتين کان حرامڪاريون پاسي ڪري؛


ڪوش جي ندين جي پريان، منهنجا سوالي، يعني منهنجي ٽڙي پکڙي ويلن جي ڌيءَ منهنجي قرباني آڻيندي.


۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي کي مضبوط ڪندس، ۽ يوسف جي گهراڻي کي بچائيندس، ۽ کين موٽائي وٺي ايندس، ڇالاءِ جو مون کي انهن تي رحم آهي؛ ۽ هو ائين ٿيندا ڄڻ تہ مون کين ڪڏهن ڪڍي نہ ڇڏيو هو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ پنهنجي قوم کي اُڀرندي ۽ اُلهندي جي ملڪن کان بچائيندس:


تڏهن يهودي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جو اسين لهي ڪين سگهنداسونس؟ يونان منجهہ جي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن، تن وٽ وڃي يونانين کي تعليم ڏيندو ڇا؟


مون چيو تہ آءٌ انهن کي پري پري پکيڙي ڇڏيندس، آءٌ انهن جي يادگيري ماڻهن منجهان ڪڍي ڇڏيندس.


خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي بندي يعقوب جي طرفان اُنهن ٻارهن قبيلن کي سلام رسن، جي جدا جدا ملڪن ۾ ٿا رهن.


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


انهي کانپوءِ زمين جي چئني ڪنڊن تي چار ملائڪ بيٺل هئا، جي زمين جي چئني هوائن کي جهليو بيٺا هئا، تہ زمين تي، يا سمنڊ تي يا ڪنهن بہ وڻ تي هوا اصل ئي نہ لڳي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ