Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:9 - Sindhi Bible

9 ڪلنو، ڪرڪميس جهڙو ناهي ڇا؟ حمات، ارفاد جهڙو ناهي ڇا؟ سامريہ، دمشق جهڙو ناهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 مون اڳ ۾ ئي ڪلنہ توڙي ڪرڪميس شهر، ۽ حمات توڙي ارفاد شهر فتح ڪري ورتا آهن. انهن کان علاوہ سامريہ توڙي دمشق پڻ فتح ڪيو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:9
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي بادشاهت جي شروعات سنعار ملڪ جي بابل، ارڪ، اڪاد ۽ ڪلنہ مان ٿي.


۽ جڏهن حمات جي بادشاهہ توغيءَ ٻڌو تہ دائود هدد عزر جي ساريءَ فوج کي ماريو آهي؛


۽ اسور جي بادشاهہ هن جي ڳالهہ مڃي: ۽ اسور جو بادشاهہ دمشق تي چڙهي ويو ۽ اُهو ورتائين، ۽ اُنهيءَ جا ماڻهو قيد ڪري قير ڏانهن وٺي ويو، ۽ رضين کي قتل ڪيائين.


۽ اسور جي بادشاهہ بابل مان، ۽ ڪوتہ مان، ۽ عوا مان، ۽ حمات ۽ سفروائم مان ماڻهو آڻي بني اسرائيل بدران سامريہ جي شهرن ۾ ويهاريا: ۽ هو سامريہ هٿ ڪري انهيءَ جي شهرن ۾ رهڻ لڳا.


حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفروائم ۽ هينع ۽ عواہ جا معبود ڪٿي آهن؟ اُنهن سامريہ کي ڪو منهنجن هٿن کان بچايو آهي ڇا؟


جن قومن کي منهنجي ابن ڏاڏن بلڪل چٽ ڪري ڇڏيو، تن جي سڀني معبودن مان ڪير هو، جو پنهنجي قوم کي منهنجي هٿان ڇڏائي سگهيو، جو اوهان جو خدا اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي سگهندو؟


۽ انهن ڳالهين کانپوءِ جڏهن يوسياہ هيڪل کي تيار ڪيو، تڏهن مصر جو بادشاهہ نڪوہ چڙهي آيو، انهيءَ لاءِ تہ ڪرڪمس سان فرات جي نزديڪ جنگ ڪري: ۽ يوسياہ انهيءَ سان وڙهڻ لاءِ نڪري ويو.


ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ منهنجا سڀ سردار بادشاهہ ناهن ڇا؟


دمشق بابت ڪلام. ڏسو، دمشق شهر نہ رهندو پر سڃو ڦٽل ڍير ٿيندو.


افرائيم ۾ ڪو ڪوٽ نہ رهندو، ۽ دمشق ۽ ارام جي باقي بچلين وٽ بہ بادشاهت نہ رهندي؛ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهن جو حال بہ اهڙو ٿيندو جهڙو بني اسرائيل جي جلال جو.


شاهي رستا ويران آهن، مٿن لنگهڻ وارو ئي ڪونهي: هن عهد ڀڳو آهي، هو شهرن سان نفرت ٿو ڪري، ۽ انسان جي ڪابہ پرواهہ نٿو ڪري.


حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفرائيم جو معبود ڪٿي آهي؟ انهن سامريہ کي منهنجي هٿان ڇڏايو آهي ڇا؟


ڏس، تو ٻڌو آهي تہ اسور جي بادشاهن سڀني ملڪن کي بلڪل برباد ڪري انهن جو ڪهڙو حال ڪيو آهي: سو تون ڪو ڇڏايو ويندين ڇا؟


حمات جو بادشاهہ، ۽ ارفاد جو بادشاهہ، سفروائيم شهر جو بادشاهہ، ۽ هينع ۽ عواہ جا بادشاهہ ڪٿي آهن؟


ڇالاءِ جو ارام جي گادي جو هنڌ دمشق آهي، ۽ دمشق جو سردار رضين آهي: ۽ پنجهٺ ورهين اندر افرائيم اهڙو ڀڄي پرزا پرزا ٿي ويندو جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندو:


مصر بابت: فرعون نڪوہ، مصر جي بادشاهہ جي لشڪر جي نسبت ۾، جو ڪرڪميس ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هو، جنهن کي يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر شڪست ڏني.


دمشق بابت: حمات شرمندو ٿيو آهي، ۽ ارفاد بہ؛ ڇالاءِ جو انهن بري خبر ٻڌي آهي، اُهي پگهري ويا آهن: سمنڊ تي ڏک آهي؛ اُهو آرام ۾ رهي نٿو سگهي.


حمات، بيروت، سبريم جو دمشق جي سرحد ۽ حمات جي سرحد جي وچ ۾ آهي؛ وچ وارو مصر، جو حوران جي سرحد جي پاسي ۾ آهي.


هو بادشاهن تي ٺٺوليون ٿا ڪن. ۽ شهزادا هنن جي اڳيان کل چرچو آهن: هو سڀ ڪنهن مضبوط قلعي تي کلن ٿا؛ ڇالاءِ جو هو دمدما ٻڌي انهي کي فتح ٿا ڪن.


۽ حور جبل کان اوهين حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ تائين نشان ڪجو؛ ۽ اتان نڪري سرحد ضداد تائين ويندي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ