Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:8 - Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ منهنجا سڀ سردار بادشاهہ ناهن ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اهو ئي سبب آهي جو هو ٻٽاڪ هڻي چوي ٿو تہ ”منهنجي لشڪر جو هر هڪ سالار بادشاهہ مثل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن توکان ڪيئن ٿي سگهندو تہ منهنجي ڌڻيءَ جي خسيس نوڪرن مان هڪڙي سردار جو منهن ڦيرائين، ۽ رٿن ۽ گهوڙي سوارن لاءِ مصر تي ڀروسو رکين؟


اوهين يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ کي هيئن چئجو تہ جنهن خدا ۾ تون ڀروسو ٿو رکين سو توکي ائين چئي نہ ٺڳي تہ يروشلم اسور جي بادشاهہ جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندو.


خدا انهن کي ايترو ڏئي ٿو جو هو صحيح سلامت رهن ٿا، ۽ انهن تي ڀروسو رکن ٿا؛ ۽ هن جون اکيون هنن جي راهن تي آهن.


انهيءَ هوندي بہ هن جو مطلب اهو ناهي، نڪي هن جي دل جو اهو خيال آهي؛ پر هن جي دل ۾ آهي تہ ناس ڪري گهڻين قومن کي وڍي ڇڏي.


ڪلنو، ڪرڪميس جهڙو ناهي ڇا؟ حمات، ارفاد جهڙو ناهي ڇا؟ سامريہ، دمشق جهڙو ناهي ڇا؟


تنهن ڪري هاڻي آءٌ توکي چوان ٿو تہ تون منهنجي مالڪ اسور جي بادشاهہ سان شرط ٻڌ، آءٌ توکي ٻہ هزار گهوڙا ڏيان ٿو، ۽ تون پنهنجي طرفان انهن تي سوار چاڙهي ڏيکار.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نڪي زور وارو ماڻهو پنهنجي زور تي فخر ڪري، نڪي دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري:


ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ صور تي، اُتر کان بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، جو شهنشاهہ آهي، تنهن کي گهوڙن سان، ۽ گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ هڪڙي لشڪر ۽ گهڻن ماڻهن سان آڻيندس.


تنهنڪري هن جو قد وڏو ٿيندو ويو، ۽ ميدان جي سڀني وڻن کان مٿي چڙهي ويو؛ ۽ ان جا ڏار گهڻا ٿيا، ۽ ان جون ٽاريون ڊگهيون ٿيون، جو انهن جي نڪرڻ مهل ججهو پاڻي ٿي مليس.


اي بادشاهہ تون شهنشاهہ آهين، جنهن کي آسمان جي خدا بادشاهي ۽ اختياري ۽ زور ۽ وڏائي ڏني آهي؛


هائو جيتوڻيڪ هو قومن مان ڀاڙي پيا ڪن، تہ بہ آءٌ هن کي گڏ ڪندس؛ ۽ هو بادشاهہ جي ۽ اميرن جي بار جي سببان گهٽجڻ لڳندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ