Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:33 - Sindhi Bible

33 ڏس، خداوند، لشڪرن جو خداوند، سخت ڪاوڙ سان ٽاريون وڍيندو: ۽ وڏي قد واريون وڍجي هيٺ ڪرنديون، ۽ مٿانهيون هيٺ آنديون وينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 پر ڏسو، اسان جو رب، قادرِمطلق خداوند، انهن دشمنن کي وڻ جي ٽارين جيان وڍي زور سان اڇلائيندو. هو هر ڊگھي قد واري وڻ کي وڍي ڪيرائيندو. هائو، هر ڪنهن مضبوط وڻ کي وڍي خداوند پٽ ڪري ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:33
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند هڪڙو ملائڪ موڪليو، جنهن اسور جي بادشاهہ جي منزلگاهہ ۾ سڀني همت وارن بهادرن ۽ منهندارن ۽ سردارن کي وڍي ڇڏيو. انهيءَ طرح هو ڦڪو منهن کڻي موٽي پنهنجي وطن ڏي ويو، ۽ جڏهن هو پنهنجي معبود جي گهر ۾ آيو، تڏهن جيڪي خود سندس آنڊن مان نڪتا هئا، تن هن کي اتي ترار سان ماري وڌو.


ڇالاءِ جو فصل لهڻ کان اڳي، جڏهن ٻوُر ڇڻي ويو ۽ گل بدلجي ڊاک ٿيا، تڏهن هو ٽاريون ڏاٽن سان وڍيندو، ۽ پکڙندڙ ڏاڙهون وڍي ڇڏيندو. ۽ اهي سڀ ڏاريون ڪپي،


پر ٻيلي جي برباديءَ وقت ڳڙا وسندا؛ ۽ شهر بلڪل ڊهي ويندو.


هنگامي جي گوڙ تي ماڻهو ڀڄي ويا آهن؛ ۽ تنهنجي اُٿڻ تي قومون پکڙجي ويون آهن.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن پنهنجي معبود نسروڪ جي مندر ۾ پوڄا پئي ڪئي، تڏهن سندس پٽن ادرملڪ ۽ شراضر کيس ترار سان قتل ڪري ڇڏيو: ۽ پاڻ اراراط جي ملڪ ۾ ڀڄي ويا. پوءِ هن جو پٽ اسرحدون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


۽ گهٽ درجي وارو ماڻهو جهڪي ويو آهي، ۽ وڏي درجي وارو ماڻهو حقير ڪيو ويو آهي، ۽ مٿانهين جاءِ وارن جون اکيون هيٺ ڪيون ويون آهن:


۽ آءٌ تنهنجي تباهہ ڪرڻ وارا تيار ڪندس، جن مان هر ڪنهن کي پنهنجا هٿيار هوندا: ۽ اُهي تنهنجا عمدا عمدا ديودار وڍي باهہ ۾ اُڇلائي وجهندا.


ڏس، اسور بہ لبنان ۾ هڪڙو ديودار جو وڻ هو، ۽ سهڻيون ٽاريون هئس، ۽ ڏاڍي ڇانوَ ڪندڙ ۽ وڏي قد جو هو؛ ۽ اُن جي چوٽي گهاٽن ڏارن ۾ هئي.


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


مون سندن آڏو انهيءَ اموريءَ کي ناس ڪيو جنهن جو قد ديودار جي قد جيڏو هو، ۽ جو شاهہ بلوطن جهڙو مضبوط هو، انهي هوندي بہ مون مٿان سندس ميوو ۽ هيٺان سندس پاڙون ناس ڪيون.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ هو نهايت زور وارا هوندا، ۽ گهڻا بہ هوندا، پر ائين ماريا ويندا جو چٽ ٿي وڃن، ۽ اُهو گم ٿي ويندو. جيتوڻيڪ مون توکي ڏکي ڪيو آهي تہ بہ وري توکي ڏکي نہ ڪندس.


ڇالاءِ تہ جيڪو پاڻ کي مٿي ٿو ڪري، سو هيٺ ڪيو ويندو، ۽ جيڪو پاڻ کي هيٺ ٿو ڪري، سو مٿي ڪيو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ