Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:32 - Sindhi Bible

32 اڄوڪي ڏينهن هو نوب ۾ منزل ڪندو: صيون جي ڌيءَ جي جبل تي، ۽ يروشلم جي ٽڪريءَ تي هو پنهنجو هٿ اُلاري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 اڄ دشمن نوب شهر ۾ اچي خيما کوڙيا آهن، ۽ اتان هو صيئون جبل، يعني يروشلم شهر تي پنهنجو هٿ اُلاري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:32
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن ڳالهين ۽ اهڙيءَ ايمانداريءَ کانپوءِ اسور جو بادشاهہ سنحيرب آيو ۽ يهوداہ ۾ گهڙيو، ۽ قلعن وارن شهرن جي سامهون منزل ڪيائين، ۽ ارادو هوس تہ اهي پنهنجي لاءِ فتح ڪري وٺي.


۽ جڏهن حزقياہ ڏٺو تہ سنحيرب آيو آهي ۽ يروشلم سان وڙهڻ جي رٿ ڪئي اٿس،


۽ صيون جي ڌيءَ ائين ڇڏي ويئي آهي جيئن ڪا ڀُونگي ڊاک جي منهہ ۾، يا جيئن ڪا جهوپڙي ونگن جي واڙي ۾، يا جيئن ڪو گهيري ڪيل شهر.


تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي قوم، اوهين جي صيون ۾ ٿا رهو، سي اسور کان ڊڄو: جيتوڻيڪ هو اوهان کي جيئن مصر ۾ دستور هو لڪڻ سان ماريندو ۽ اوهان تي لٺ کڻندو.


مدمينہ ڀڳو وتي: جيبيم جا رهاڪو ڀڄڻ لاءِ پيا گڏ ٿين.


۽ خداوند مصر واري سمنڊ جي ڄڀ اصل ناس ڪري ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان پنهنجو هٿ نديءَ جي مٿان اُلاريندو، ۽ انهي کي ستن نهرن ۾ ورهائيندو، ۽ اتان ماڻهو سڪي جُتيءَ سان پار لنگهائيندو.


اُگهاڙي جبل تي هڪڙو جهنڊو کڙو ڪر، هنن جي لاءِ پنهنجو آواز مٿي ڪر، هٿ لوڏي اشارو ڪر تہ هو اميرن جي درن ۾ گهڙي وڃن.


سلع، جو بيابان جي پاسي آهي، تنهن کان وٺي صيون جي ڌيءَ جي جبل تائين اوهين انهيءَ زمين جي حاڪم لاءِ گهيٽا موڪليو.


انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند جيڪو پنهنجو هٿ ان جي مٿان لوڏي ٿو تنهن جي ڊپ کان، مصر جا رهاڪو زالن جهڙا ٿي پوندا.


۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ خداوند جي گهر وارو جبل، جبلن جي چوٽيءَ تي قائم ٿيندو، ۽ ٽڪرين کان مٿي ڪيو ويندو، ۽ سڀ قومون ڏانهس ڊوڙنديون.


پوءِ آءٌ اريئيل کي ڏک ڏيندس، ۽ اتي ماتم ۽ نوحو ٿيندو: پوءِ هو منهنجي لاءِ اريئيل جهڙو ٿيندو.


تڏهن خداوند انهي جي بابت هيئن ٿو فرمائي: تہ صيون جي ڪنواري ڌيءَ تنهنجي حقارت ڪئي آهي ۽ توتي کل ٺٺولي ڪئي اٿس؛ يروشلم جي ڌيءَ توتي پنهنجو مٿو لوڏيو آهي.


۽ اهو وهندو اڳتي يهوداہ ۾ هليو ويندو؛ اهو اُٿلي پوندو ۽ لنگهيو هليو ويندو اهو ڳچيءَ تائين بہ وڃي پهچندو؛ اي عمانوايل. ان جي کنڀن جي پکڙجڻ سان تنهنجي زمين جو شڪم ڀرجي ويندو.


هو ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ هو ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم نہ اٿن؛ هنن جو آواز سمنڊ وانگي گجي ٿو، ۽ هو گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي صيون جي ڌيءَ، سڀيئي صف ٻڌي تو سان جنگ جي لاءِ تيار ٿيا آهن.


ڇالاءِ جو هن جا ڦٽ ڇُٽڻ جا ناهن: ۽ اُهو يهوداہ تائين، بلڪ منهنجي قوم جي دروازي تائين، يعني يروشلم تائين، اچي پهتو آهي.


ڏس، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ ٿو لوڏيان، ۽ هو انهن لاءِ لٽ ٿي پوندا جن سندن ٻانهپ ٿي ڪئي، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي موڪليو آهي.


پوءِ دائود نوب ۾ اخيملڪ ڪاهن وٽ آيو: ۽ اخيملڪ ڏڪندو دائود کي گڏجڻ آيو، ۽ انهي کي چوڻ لڳو تہ ڇو تون اڪيلو آهين ۽ ٻيو ڪو ماڻهو تو وٽ ڪونهي؟


تڏهن دائود اخيملڪ ڪاهن کي چيو تہ بادشاهہ مون تي هڪڙو ڪم رکيو آهي ۽ مون کي چيو اٿس تہ جنهن ڪم جي پٺيان آءٌ توکي موڪليان ٿو، ۽ جيڪو حڪم مون توکي ڏنو آهي، سو ٻئي ڪنهن کي متان ٻڌائين: ۽ جوان ماڻهن کي مون ٻئي پاسي مقرر ڪري ويهاريو آهي.


۽ ڪاهنن جي شهر نوب جي مردن توڙي زالن کي، ٻارن توڙي کير پياڪ معصومن کي، ۽ ڏاندن، ۽ گڏهن، ۽ رڍن کي هن ترار جي ڌار سان قتل ڪيو.


تڏهن دوئيگ ادوميءَ جو سائول جي نوڪرن وٽ بيٺو هو، ورندي ڏيئي چيو تہ مون يسيءَ جي پٽ کي نوب ۾ اخيملڪ پٽ اخيطوب وٽ ايندو ڏٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ