Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:3 - Sindhi Bible

3 پر مصيبت جي ڏينهن ۽ جيڪا خرابي پري کان ايندي تنهن ۾ اوهين ڇا ڪندا؟ ڪنهن ڏي مدد لاءِ ڊوڙندا؟ ۽ پنهنجي وڏائي ڪٿي ڇڏيندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سو اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين پنهنجي سزا واري ڏينهن ڇا ڪندا؟ هائو، جڏهن ڪنهن ڏورانهين ملڪ جو لشڪر اچي اوهان تي ڪڙڪندو، تڏهن اوهين ڪيڏانهن ڀڄي سگھندا؟ اوهين پنهنجو شان وَ شوڪت ڪيئن بچائي رکندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:3
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن لابن جي پٽن جون ڳالهيون ٻڌيون، جو چيائون ٿي تہ يعقوب اسان جي پيءُ جو سڀ ڪجهہ کڻي ويو آهي، ۽ اسان جي پيءُ جي مال مان هيترو شان حاصل ڪيو اٿس.


۽ هو اُنهن جي پٺيان يردن تائين ويا: ۽ ڏس، سارو رستو ڪپڙن ۽ ٿانوَن سان ڀريو پيو هو جي ارامين تڪڙ ۾ اُڇلائي ڇڏيا هئا. ۽ قاصدن موٽي اچي بادشاهہ کي ٻڌايو.


تہ جڏهن خدا اُٿي بيهندو تڏهن آءٌ ڇا ڪندس؟ ۽ جڏهن هو روبرو اچي پڇا ڪندو تڏهن هن کي ڪهڙو جواب ڏيندس؟


دولت غضب جي ڏينهن ڪنهن بہ ڪم نہ ٿي اچي: پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي.


اوهين ووءِ ووءِ ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن نزديڪ آهي؛ اهو قادر مطلق وٽان موت وانگي ايندو.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يعقوب جي وڏائي گهٽ ڪئي ويندي، ۽ سندس چرٻي ۽ بدن ڏٻرا ٿي ويندا.


۽ انهيءَ ڪناري واري زمين جو رهاڪو چوندو تہ ڏسو جنهن زمين کي اسين اميد گاهہ سمجهي مدد لاءِ ان ڏي ڀڳاسين، تہ اسان کي اسور جي بادشاهہ کان ڇڏائي. تنهنجو هي حال آهي: پوءِ اسين ڪيئن ڀڄي ڇُٽنداسين؟


هو مئل آهن، ۽ وري جيئرا نہ ٿيندا؛ هو فوت ٿي ويا آهن، ۽ وري نہ اُٿندا: تنهن ڪري تو هنن کي سزا ڏني، ۽ ناس ڪيو، ۽ سندن يادگيري بہ مٽائي ڇڏي.


ڇالاءِ جو، ڏس، خداوند پنهنجي مڪان مان زمين جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ اچي ٿو: زمين بہ اُنهي رت کي ظاهر ڪندي جو منجهس آهي، ۽ جيڪي مٿس قتل ٿيا آهن تن کي نہ لڪائيندي.


ڇالاءِ جو کٽولو اهڙو ننڍو آهي جو ان تي ماڻهو ٽنگون ڊگهيون ڪري نہ سگهي، ۽ سوَڙ اهڙي سوڙهي آهي جو ان ۾ ماڻهو پاڻ کي ويڙهي نہ سگهي.


لشڪرن جو خداوند، گجگوڙ سان، ۽ زلزلي سان، ۽ وڏي آواز سان، واچوڙي سان، ۽ طوفان سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، توکي سزا ڏيڻ ايندو.


اوهان چيو تہ نہ، اسين گهوڙن تي چڙهي ڀڄي وينداسين؛ اوهين ڀڄندا: بلڪ اسين تکن گهوڙن تي سوار ٿينداسين؛ تنهن ڪري جيڪي اوهان جي پٺيان پوندا سي تکا ٿيندا.


اهي سڀيئي انهي قوم کان شرمندا ٿيندا، جا انهن کي ڪوبہ فائدو نٿي پهچائي، جنهن ۾ ڪابہ مدد ۽ قاعدو ڪونهي؛ پر فقط شرمندگي ۽ خواري آهي.


ڇالاءِ جو مصر جي مدد اجائي ۽ بي فائدي آهي: تنهن ڪري مون انهيءَ کي رهب سڏيو آهي، جا ماٺ ڪري ٿي ويهي.


صيون ۾ جيڪي گنهگار آهن، سي ڊڄي ويا آهن؛ بي دينن کي اوچتو ڏڪڻي وٺي وئي آهي. اسان مان ڪير تباهہ ڪندڙ باهہ سان رهندو؟ اسان مان ڪير هميشہ جي کورن سان رهندو؟


تڏهن يسعياہ نبي حزقياہ بادشاهہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ هنن ماڻهن ڇا چيو، ۽ اهي تو وٽ ڪٿان آيا هئا؟ حزقياہ چيو تہ اهي هڪڙي ڏورانهين ملڪ يعني بابل مان مون وٽ آيا هئا.


تنهن ڪري دوزخ پنهنجي خواهش وڌائي آهي، ۽ پنهنجو وات انداز کان ٻاهر پٽيو آهي: ۽ سندس شريف ۽ انهن جا رذيل، ۽ انهن جو تجمل، ۽ جيڪو بہ خوش ٿو رهي، سو انهيءَ ۾ پوي ٿو.


۽ هو قومن جي لاءِ پري کان جهنڊو کڙو ڪندو، ۽ زمين جي ڪناري کان هنن کي سينڍ وڄائي سڏيندو: ۽ ڏسو، هو جلد هليا ايندا.


۽ آءٌ تنهنجي تباهہ ڪرڻ وارا تيار ڪندس، جن مان هر ڪنهن کي پنهنجا هٿيار هوندا: ۽ اُهي تنهنجا عمدا عمدا ديودار وڍي باهہ ۾ اُڇلائي وجهندا.


۽ تون جڏهن لٽجي ويئي آهين تڏهن ڇا ڪنديئن؟ جيتوڻيڪ تون کهنبا ڪپڙا ٿي ڍڪين، جيتوڻيڪ تون پاڻ کي سونن زيورن سان ٿي سينگارين، جيتوڻيڪ ڪجل سان پنهنجون اکيون وڏيون ٿي ڪرين، تہ بہ اجايو پاڻ کي خوبصورت ٿي ٺاهين؛ تنهنجا عاشق توکي ڌڪارين ٿا، اُهي تنهنجي حياتيءَ پٺيان آهن.


نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟


خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ هنن کي سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


جڏهن افرائيم پنهنجي بيماري ڏٺي، ۽ يهوداہ پنهنجو ڦٽ ڏٺو، تڏهن افرائيم اسور وٽ ويو، ۽ ياريب جي بادشاهہ کي قاصد موڪلي گهرايائين: پر هو اوهان کي شفا ڏيئي نٿو سگهي، نڪي هو اوهان جو ڦٽ ڇُٽائيندو.


پاڪ جماعت واري ڏينهن، ۽ خداوند جي عيد واري ڏينهن، اوهين ڇا ڪندا؟


سزا جا ڏينهن آيا آهن، بدلي وٺڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن؛ اسرائيل پاڻهي ڄاڻندو: نبي بي عقل آهي، جنهن ماڻهوءَ ۾ روح آهي سو چريو آهي، اهو تنهنجي بدڪاريءَ جي گهڻائيءَ ڪري ٿيو آهي، ۽ هن ڪري جو دشمني وڏي آهي.


جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڳو ۽ رڇ منهن ۾ مليس؛ يا گهر ۾ ويو ۽ ڀت تي هٿ رکي ٽيڪ ڏيئي بيٺو ۽ نانگ ڏنگي ويس.


انهن مان جيڪو تمام چڱو آهي سو ڪانڊيري جهڙو آهي ۽ جيڪو تمام سچو آهي سو ڪنڊن جي لوڙهي کان بہ خراب آهي: تنهنجي پهري وارن جو ڏينهن يعني تنهنجي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي: هاڻي هنن ۾ حيراني پريشاني پوندي.


خداوند جي غضب جي ڏينهن هنن جو سون يا روپو هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ پر سڄي زمين کي هن جي غيرت جي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ڇالاءِ جو هو انهي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي پڄاڻي، بلڪ خوفناڪ پڄاڻي ڪندو.


۽ اُهي توکي، ۽ تو ۾ جيڪي تنهنجا ٻار آهن تن کي، وٺي پَٽ سان هڻندا، ۽ تو ۾ پهڻ پهڻ تي بہ نہ ڇڏيندا، ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تو تي نظر ٿي، تنهن ڏينهن کي تو نہ سڃاتو.


خداوند پري کان يعني زمين جي ڇيڙي کان، هڪڙي قوم عقاب وانگر تنهنجي مٿان چاڙهي آڻيندو؛ تون انهيءَ جي ٻولي بہ ڪين سمجهندين؛


۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ