Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:24 - Sindhi Bible

24 تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي قوم، اوهين جي صيون ۾ ٿا رهو، سي اسور کان ڊڄو: جيتوڻيڪ هو اوهان کي جيئن مصر ۾ دستور هو لڪڻ سان ماريندو ۽ اوهان تي لٺ کڻندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 هاڻي خداوند، قادرِمطلق خدا يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! جيڪي صيئون جبل تي رهو ٿا، اوهين اشور وارن کان نہ ڊڄو، توڙي جو اهي لڪڻ يا لٺ سان اوهان تي ظلم ڪن، جيئن مصر وارا ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:24
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يسعياہ انهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي ڌڻيءَ کي وڃي چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي ڳالهيون تو ٻڌيون آهن، جن ۾ اسور جي بادشاهہ جي نوڪرن منهنجي نسبت ۾ ڪفر بڪيو آهي، تن کان تون نہ ڊڄ.


۽ مصرين اُنهن جي پٺ ورتي، يعني فرعون جا سڀيئي گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ سندس سوار، ۽ لشڪر، کين اتي وڃي پهتا، جتي سمنڊ جي ڪناري تي في هخيروت وٽ، بعل صفون جي سامهون هنن منزل ڪئي هئي.


۽ جن عملدارن کي فرعون جي مقدمن بني اسرائيل جي مٿان مقرر ڪيو هو، تن کي مار ڏيئي چوڻ لڳا تہ ڇو اوهان سرن جوڙڻ جو ڪم، ڪالهہ ۽ اڄ ايترو نہ ڪيو آهي، جيترو اڳي ڪندا هئا؟


اسور جو منهنجي ڪاوڙ جو لڪڻ، ۽ اها لٺ آهي جنهن جي هٿ ۾ منهنجو عصو آهي،


ڏسو، خداوند منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ويساهہ ڪندس ۽ ڪين ڊڄندس: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهي؛ ۽ اهو منهنجي نجات ٿيو آهي.


اي صيون جا رهاڪو وڏي سڏ پڪار ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو تنهنجي وچ ۾ اسرائيل جو پاڪ خدا عظيم آهي.


اي فلستين تون سڄي ساري انهيءَ ڪري خوشي نہ ڪر، تہ جنهن لٺ توکي ڌڪ هنيو هو، سا ڀڄي پيئي آهي: ڇالاءِ جو نانگ جي نسل مان هڪڙو سپ نڪرندو، جنهن مان هڪڙو باهہ ڪڍندڙ اُڏامندڙ ازدها پيدا ٿيندو.


جيئن هن پنهنجي ماريندڙن کي ماريو هو تيئن انهي کين ماريو آهي ڇا؟ يا جيئن هن قتل ڪيو هو تيئن هو قتل ٿيو آهي ڇا؟


اي يروشلم ۾ صيون تي رهندڙ اُمت، تون اڳتي نہ رئندينءَ؛ هو تنهنجي دانهن جو آواز ٻڌي ضرور توتي رحم ڪندو؛ هو ٻڌندو ۽ توکي جواب ڏيندو.


جيڪا مقرر ڪيل لٺ خداوند هن کي هڻندو، تنهنجي هر هڪ ڌڪ سان دف ۽ بربط وڄندا: ۽ سخت لڙاين سان هو انهن سان وڙهندو.


جيڪي ڊڄڻيءَ دل وارا آهن، تن کي چئو تہ مضبوط ٿيو، ۽ ڊڄو نہ: ڏسو، اوهان جو خدا وير وٺڻ لاءِ ۽ بدلو ڏيڻ لاءِ ايندو؛ هو اچي اوهان کي بچائيندو.


تڏهن خداوند انهي جي بابت هيئن ٿو فرمائي: تہ صيون جي ڪنواري ڌيءَ تنهنجي حقارت ڪئي آهي ۽ توتي کل ٺٺولي ڪئي اٿس؛ يروشلم جي ڌيءَ توتي پنهنجو مٿو لوڏيو آهي.


۽ يسعياہ انهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي مالڪ کي چئجو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي ڳالهيون تو ٻڌيون آهن، ۽ جن سان اسور جي بادشاهہ جي نوڪرن مون لاءِ ڪفر بڪيو آهي، تن کان تون متان ڊڄين.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو صيون ۾ بچي ويو هوندو، ۽ جيڪو يروشلم ۾ رهجي ويو هوندو، مطلب تہ جيڪو بہ يروشلم ۾ جيئرن ۾ لکيو ويو هوندو سو پاڪ سڏبو:


آءٌ پنهنجي راستبازي ويجهي ٿو آڻيان، اها پري نہ ٿيندي، ۽ منهنجي نجات کي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي؛ آءٌ صيون ۾ نجات موڪليندس ۽ اسرائيل کي پنهنجو جلال بخشيندس.


تو خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي؛ جنهن آسمان کي پکيڙيو ۽ زمين جو بنياد وڌو؛ ڇالاءِ جو تون سارو ڏينهن انهيءَ ظالم کان، جو برباد ڪرڻ لاءِ تياري ٿو ڪري، ڊڄندو ٿو رهين؟ انهيءَ ظالم جي ڪاوڙ ڪٿي آهي؟


جيڪي صيون ۾ ماتم ٿا ڪن تن لاءِ اهو ٺهرايان تہ انهن کي رک جي بدران گلن جو ڇٽ، ۽ ماتم جي بدران خوشيءَ جو تيل، ۽ دل جي ڏک جي بدران تعريف جي پوشاڪ ڏيان؛ تہ اهي راستبازيءَ جا وڻ، ۽ خداوند جا پوکيل سڏجن، جنهن ڪري هن جو جلال ظاهر ٿئي.


۽ چئوس تہ سنڀال ڪج ۽ صبر ۾ رهج؛ ۽ هنن ٻن دونهين ڪندڙن اماڙين جي پڇڙين جي سبب متان ڊڄين، ۽ رضين، ۽ ارام، ۽ رملياہ جي پٽ جي ڪاوڙ ڪري پنهنجي دل کي بي آرام ٿيڻ نہ ڏي.


ڇالاءِ جو تو مديان جي ڏينهن ۾، هن جي بار جي پاڃاري، ۽ هن جي ڪلهن جي لٺ، ۽ هن تي ظلم ڪندڙ جو لڪڻ ڀڃي ڇڏيو آهي.


۽ هو اسان جي سلامتي ٿيندو: جڏهن اسوري اسان جي زمين ۾ ايندا، ۽ جڏهن هو اسانجن محلاتن ۾ پير گهمائيندا، تڏهن اسين ست ڌنار بلڪ اٺ سردار مٿن چاڙهي آڻينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ