Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:22 - Sindhi Bible

22 ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تنهنجي قوم اسرائيل سمنڊ جي واريءَ جيتري هوندي تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا موٽندا: پوريءَ سچائي سان بربادي ٺهرائي ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن اي بني اسرائيل! توڙي جو اوهين هاڻي سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترا گھڻا آهيو، تڏهن بہ اوهان مان ڪي ٿورا ئي جلاوطنيءَ مان موٽي پنهنجي وطن ايندا. بيشڪ اوهان لاءِ جيڪا بربادي مقرر ڪئي ويئي آهي، سا پوري انصاف تي ٻڌل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:22
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل توکان ائين نہ ٿئي، جو بدڪارن سان گڏ راستبازن کي بہ برباد ڪرين، ۽ راستباز بدڪارن جهڙا ليکجن. ساريءَ دنيا جو منصف انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


يهوداہ ۽ اسرائيل جي قوم ايتري گهڻي هئي جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري، ۽ اُهي ماڻهو کائيندا پيئندا ۽ مزا ماڻيندا ٿي وتيا.


ڇالاءِ جو يروشلم مان باقي رهيل ۽ صيون جبل مان ڀڄي نڪتل ٻاهر نڪري ويندا: خداوند جي غيرت اهو سڀ ڪم ڪندي.


۽ يهوداہ جي گهراڻي مان جيڪي باقي بچندا سي وري هيٺ پاڙ هڻندا ۽ مٿي ڦر جهليندا.


اي يعقوب جا گهراڻا، ۽ اسرائيل جي گهراڻي مان جيڪي بچيا آهيو، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، مون اوهان کي ماءُ جي پيٽ کان ئي سنڀاليو آهي، اوهان کي ننڍپڻ کان ئي هنج ۾ کنيو اٿم:


تنهنجو اولاد واريءَ وانگي هجي ها، ۽ تنهنجي پيٽ جو اولاد ان جي ذرن جيترو: انهي جو نالو منهنجي اڳيان تباهہ نہ ٿئي ها، نڪي برباد ٿئي ها.


خداوند فرمائي ٿو تہ صيون ڏانهن، ۽ يعقوب ۾ جيڪي پنهنجن گناهن کان پشيمان آهن، تن ڏانهن هڪڙو نجات ڏيندڙ ايندو.


تڏهن مون چيو تہ اي خداوند، ڪيستائين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيستائين ڪ شهر بنا ڪنهن رهاڪوءَ جي، ۽ گهر بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي ويران ٿين؛ ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿئي.


۽ جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڏهين حصي جيترو رهجي ويندو هوندو، تہ اهو بہ وري کاڄي ويندو: جيئن ڪو تارپين ۽ شاهہ بلوط جو وڻ وڍجي جنهن کي وڍڻ کان پوءِ هن جو ٿُڙ بچيل هجي تيئن پاڪ نسل هن جو ٿُڙ آهي.


هڪڙي ننڍڙي مان هزار ٿيندا، ۽ ٿوري مان زبردست قوم ٿيندي: آءٌ خداوند پوري وقت تي جلد اهو ڪندس.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيئن انگور جي ڇڳي ۾ رس هوندي آهي، ۽ ڪو چوي تہ هن کي برباد نہ ڪر ڇو تہ هن ۾ برڪت آهي، تيئن آءٌ پنهنجي بندن جي خاطر ڪندس، تہ آءٌ هنن سڀني کي برباد نہ ڪريان.


۽ اهو وهندو اڳتي يهوداہ ۾ هليو ويندو؛ اهو اُٿلي پوندو ۽ لنگهيو هليو ويندو اهو ڳچيءَ تائين بہ وڃي پهچندو؛ اي عمانوايل. ان جي کنڀن جي پکڙجڻ سان تنهنجي زمين جو شڪم ڀرجي ويندو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بي وفا ٻار، موٽي اچو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي مڙس وانگي آهيان: ۽ آءٌ اوهان کي شهر مان هڪ هڪ، ۽ قبيلي مان ٻہ ٻہ ڪري وٺندس، ۽ اوهان کي صيون ۾ وٺي ايندس.


۽ جيڪي ترار کان بچندا، سي ٿورا ٿي مصر جي ملڪ مان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي ايندا؛ ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر ۾ رهڻ جي لاءِ اوڏي ويا آهن، سي پاڻهين ڄاڻندا تہ ڪنهن جي ڳالهہ ٿي بيهي، منهنجي يا هنن جي.


۽ هو هڪڙي هفتي لاءِ هڪڙو مضبوط عهد اقرار ڪندو؛ ۽ اڌ هفتي لاءِ هو قرباني ۽ نذرانو بند ڪرائي ڇڏيندو؛ ۽ ڪراهت جهڙين شين جي کنڀ تي هڪڙو اهڙو ايندو جو ويران ڪري ڇڏيندو؛ ۽ جيڪي ٺهرايو ويو آهي، تنهن جي پوري ٿيڻ تائين اُنهي ويران ڪندڙ تي غضب نازل ٿيندو رهندو.


انهي هوندي بہ بني اسرائيل جو شمار سمنڊ جي واريءَ جيترو ٿيندو، جا نہ ماپي ٿي سگهجي، ۽ نہ ڳڻي ٿي سگهجي؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن هنڌ هنن کي چيو ويو آهي تہ اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، انهي هنڌ هنن کي چيو ويندو تہ اوهين جيئري خدا جا پٽ آهيو.


ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.


پر تون جو سخت دل ٿيو آهين، ۽ توبهہ نٿو ڪرين، سو اُنهي غضب جي ڏينهن لاءِ پنهنجي واسطي غضب ميڙي پيو گڏ ڪرين، جنهن ۾ خدا جي سچي عدالت ظاهر ٿيندي؛


۽ ٻاهر وڃي جيڪي قومون زمين جي چئن ئي ڪنڊن ۾ آهن، تن کي يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو، ۽ جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو: انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ