Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:15 - Sindhi Bible

15 ڪهاڙي، انهيءَ جي اڳيان جيڪو ڪهاڙيءَ سان وڍي ٿو، ٻٽاڪ هڻندي ڇا؟ جيڪو ڪارائي هلائي ٿو تنهن سان ڪارائي ڪا وڏائي بہ ڪندي ڇا؟ ڄڻ تہ ڪو لڪڻ انهيءَ کي لوڏي جو اهو کڻي ٿو، ڄڻ تہ ڪاٺ انهيءَ کي کڻي جو ڪاٺ نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پر خداوند هن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڇا ڪهاڙي انهيءَ ماڻهوءَ اڳيان ٻٽاڪ هڻي ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي استعمال ٿو ڪري؟ يا ڪارائي انهيءَ سان وڏائي ڪري ٿي سگھي، جيڪو ان کي هٿ ۾ کڻي هلائي ٿو؟ ڀلا لٺ پنهنجي کڻڻ واري کي ڪيئن ٿي لوڏي سگھي؟ يا لڪڻ ماڻهوءَ کي ڪيئن ٿو کڻي سگھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:15
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسور جو منهنجي ڪاوڙ جو لڪڻ، ۽ اها لٺ آهي جنهن جي هٿ ۾ منهنجو عصو آهي،


اوهين سنئين شين کي اونڌو ٿا ڪريو! ڇا ڪنڀر مٽيءَ جهڙو ليکيو ويندو؛ ڇا جوڙيل شيءِ پنهنجي جوڙيندڙ بابت چوندي تہ هن مون کي نہ جوڙيو؛ ڇا ٺاهيل شيءِ پنهنجي ٺاهيندڙ بابت چوندي تہ هن کي سمجهہ ڪانهي؟


تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف!


افسوس آهي انهي تي جو زمين جي ٺڪرن مان هڪڙو ٺڪر آهي ۽ پنهنجي خالق سان تڪرار ٿو ڪري! مٽي ڪنڀر کي چوندي ڇا تہ تون ڇا ٿو جوڙين؟ يا تنهنجي هٿ جو ڪم چوي تہ هن کي هٿ نہ آهن؟


انهي ڏينهن جيڪا ڀاڙي ڪيل پاڪي نديءَ جي هن ڀر وارن ڀاڱن ۾ آهي، يعني اسور جي بادشاهہ وٽ، تنهن سان خداوند مٿي ۽ پيرن جا وار ڪوڙيندو: ۽ اها پاڪي ڏاڙهي بہ چٽ ڪري ڇڏيندي.


پوءِ بہ تون پنهنجي قتل ڪرڻ واري جي اڳيان چوندين ڇا تہ آءٌ خدا آهيان؟ پر تون انسان آهين، نہ خدا؛ ۽ اُنهي جي هٿ ۾ آهين جو توکي زخمي ڪري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ