Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:14 - Sindhi Bible

14 ۽ منهنجي هٿ قومن جي دولت کي آکيري وانگي لڌو آهي؛ ۽ جيئن ڪو ڇڏي ڏنل آنا گڏ ڪري، تيئن مون ساري زمين گڏ ڪئي آهي: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو کنڀ چوري، يا وات پٽي، يا چون بہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 دنيا جون قومون مون لاءِ پکين جي آکيري مثل هيون، ۽ جيئن ڪو آسانيءَ سان انهيءَ ۾ پيل انڊا کڻي ٿو وٺي، تيئن مون سندن سڄي زمين ۽ پوري ملڪيت قبضي ڪئي آهي. انهن مان ڪنهن کي اها بہ جرئت نہ ٿي جو ڪو کنڀ چوري سگھي يا وات پٽي چُون بہ ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان کي اها خبر نہ آهي ڇا تہ مون ۽ منهنجي ابن ڏاڏن ملڪن جي ماڻهن سان ڪهڙو حال ڪيو آهي؟ انهن ملڪن جي ماڻهن جا معبود ڪو انهن جي زمين کي منهنجن هٿن مان ڪنهن بہ طرح ڇڏائي سگهيا ڇا؟


جيڪڏهن گهڻي دولت هئڻ ڪري مون خوشي ڪئي هوندي، ۽ انهيءَ ڪري تہ منهنجي هٿ ۾ گهڻو ئي ڪي هو؛


ناس ٿيڻ کان اڳي ماڻهوءَ جي دل مغرور ٿي ٿئي، پر عزت جي اڳيان نماڻائي هلي ٿي.


جي ڪاوڙ ۾ غريبن کي پيا ڌڪ هڻندا هئا، جي غصي ۾ قومن تي حڪومت ڪندا هئا، ۽ اهڙا ظلم ڪندا هئا جو ڪوبہ روڪي نہ سگهندو هون.


مون کوٽيو آهي ۽ پاڻي پيتو اٿم، ۽ آءٌ پنهنجن پيرن جي ترين سان مصر جون سڀ نديون سڪائي ڇڏيندس.


افسوس انهن تي جي گهر سان گهر ٿا ملائين ۽ ٻنيءَ سان ٻني، تان جو ڪابہ جاءِ نٿي بچي، تہ هو ملڪ ۾ اڪيلا رهن:


باقي تنهنجي دهشت بابت، تون جا ٽڪر جي چرن ۾ رهين ٿي، ۽ ٽڪريءَ جي چوٽي جهلين ٿي، تنهنجي دل جي مغروريءَ توکي ٺڳيو آهي: خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجو آکيرو ايترو مٿي کڻي جوڙين جيترو عقاب جوڙيندو آهي تہ بہ آءٌ توکي اُتان هيٺ آڻيندس.


۽ اوهان پنهنجي وات سان منهنجي مقابلي ۾ پنهنجي وڏائي ڪئي آهي، ۽ منهنجي برخلاف گهڻيون ڳالهيون ڪيون اٿوَ: اهي سڀ مون ٻڌيون آهن.


خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون عقاب وانگي مٿي چڙهندين، ۽ جيتوڻيڪ تنهنجو آکيرو کڻي تارن منجهہ ٺاهيل هجي، تہ بہ آءٌ اُتان توکي لاهي هيٺ آڻيندس؛


اوهين چاندي لُٽيو، ۽ سون لُٽيو، ڇالاءِ جو خزانو کُٽڻ جو ڪونهي ۽ عمدي سامان جي پڄاڻي ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ