Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 10:13 - Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو هن چيو آهي تہ مون پنهنجي هٿ جي زور سان ۽ پنهنجي ڏاهپ سان ائين ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ سياڻو آهيان: ۽ مون قومن جون حدون پاسي ڪيون آهن، ۽ انهن جا خزانا ڦريا اٿم، ۽ جيڪي تختن تي ويٺا آهن، تن کي بهادر مرد وانگي هيٺ لاٿو اٿم:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اشور جو شهنشاهہ هي ٻٽاڪون ٿو هڻي تہ ”مون هي سڀ پنهنجي طاقت ۽ ڏاهپ سان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سياڻو ۽ چالاڪ آهيان. مون قومن کي شڪست ڏيئي سندن سرحدون مِٽائي ڇڏيون آهن، ۽ انهن جا خزانا لٽي هٿ ڪيا اٿم. مون جھنگلي سانَهہ جيان اتي جي رهاڪن کي، پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 10:13
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


۽ آخز جيڪو سون ۽ چاندي خداوند جي گهر ۾، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ هو، سو کڻي تحفو ڪري اسور جي بادشاهہ ڏانهن ڏياري موڪليو.


۽ اسور جي بادشاهہ بابل مان، ۽ ڪوتہ مان، ۽ عوا مان، ۽ حمات ۽ سفروائم مان ماڻهو آڻي بني اسرائيل بدران سامريہ جي شهرن ۾ ويهاريا: ۽ هو سامريہ هٿ ڪري انهيءَ جي شهرن ۾ رهڻ لڳا.


هوسيع جي نائين ورهيہ ۾ اسور جي بادشاهہ سامريہ ورتو، ۽ اسرائيلين کي قيد ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو، ۽ انهن کي جوزان نديءَ تي، خلحہ ۽ خابور شهرن ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ رکيائين.


۽ اسور جو بادشاهہ اسرائيل کي قيد ڪري اسور ۾ وٺي ويو ۽ اُتي جوزان نديءَ جي ڪناري تي، خلح ۽ خابور ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ هنن کي رکيائين:


۽ حزقياہ هن کي جيڪا چاندي خداوند جي گهر ۾، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ لڌي سا سڀ ڏني.


جيسين آءٌ اچي اوهان کي انهيءَ ملڪ ڏانهن وٺي وڃان جو اوهان جي پنهنجي ملڪ جهڙو آهي، جو اَن ۽ شراب جو ملڪ آهي، ماني ۽ ڊاک جي منهہ جو ملڪ آهي، زيتون جي تيل ۽ ماکيءَ جو ملڪ آهي: تہ اوهين زندہ رهو ۽ مري نہ وڃو: ۽ جڏهن حزقياہ اوهان کي ٺڳاري چوي تہ خداوند اسان کي ڇڏائيندو، تڏهن هن جي ڳالهہ متان ٻڌو.


۽ اسرائيل جي خدا، اسور جي بادشاهہ پول، ۽ اسور جي بادشاهہ تلگات پلناصر جي دل ۾ وڌو، ۽ اهو هنن کي قيد ڪري وٺي ويو، يعني روبين ۽ جدين کي، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي، ۽ انهن کي خلح، ۽ خابور، ۽ هارا، ۽ جوزان نديءَ تائين آندائين، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.


دولتمند ماڻهو پنهنجي سمجهہ موجب ڏاهو آهي، پر سمجهہ وارو غريب اُن کي جانچي وٺي ٿو.


ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ منهنجا سڀ سردار بادشاهہ ناهن ڇا؟


افسوس انهن تي جي پنهنجي نظر ۾ ڏاها آهن ۽ پنهنجي نگاهہ ۾ سياڻا آهن!


مصر نيل نديءَ وانگي چڙهي ٿو، ۽ ان جو پاڻي ندين وانگي اُٿلي ٿو: ۽ اُهو چوي ٿو تہ آءٌ چڙهندس، ۽ زمين کي ڍڪي ڇڏيندس؛ آءٌ شهر کي ۽ ان جي ماڻهن کي ناس ڪندس.


اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين بهادر مرد ۽ جنگ جي لاءِ پهلوان آهيون؟


۽ بني عمون کي چئُہ تہ خداوند خدا جو ڪلام ٻڌو؛ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن منهنجو پاڪ مڪان ناپاڪ ٿيو، ۽ جڏهن اسرائيل جي زمين ويران ڪئي ويئي، ۽ جڏهن يهوداہ جو گهراڻو قيد ٿي ويو، تڏهن اوهان خوشي ڪئي:


اي آدمزاد، صور يروشلم جي بابت چيو آهي تہ واهہ واهہ، جيڪو قومن جو دروازو هو سو ڀڄي پيو آهي؛ هاڻي هن مون ڏانهن رخ رکيو آهي، هاڻي جڏهن هو پاڻ ويران ٿي ويو آهي تڏهن آءٌ ڀرجي ويندس.


ڳالهاءِ ۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي مصر جا بادشاهہ فرعون، تون جو وڏو ازدها آهين، جو پنهنجين ندين جي وچ ۾ پيو آهين، ۽ جو چوين ٿو تہ منهنجي ندي منهنجي ملڪيت آهي ۽ اُها مون پنهنجي لاءِ جوڙي آهي، سو آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان.


۽ اوهان پنهنجي وات سان منهنجي مقابلي ۾ پنهنجي وڏائي ڪئي آهي، ۽ منهنجي برخلاف گهڻيون ڳالهيون ڪيون اٿوَ: اهي سڀ مون ٻڌيون آهن.


تنهنڪري، اي بادشاهہ، تون منهنجي نصيحت قبول ڪر، ۽ پنهنجن گناهن کي سچائي سان، ۽ پنهنجن خطائن کي غريبن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪر، شايد انهي ڪري تنهنجو سک ۽ آرام گهڻي تائين هلي.


تڏهن بادشاهہ چيو، تہ هي اُهو وڏو بابل ناهي ڇا، جو مون بادشاهہ جي رهڻ لاءِ پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان، ۽ پنهنجي وڏائيءَ جي شان ۽ شوڪت سان جوڙايو آهي؟


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خدا آهي، تہ آءٌ اوهان کي قيد ڪري دمشق جي پريان موڪليندس.


اوهين جي نڪمي شيءِ تي خوشي ٿا ڪريو ۽ چئو ٿا تہ اسان پنهنجي طاقت سان پنهنجي لاءِ سڱ هٿ نہ ڪيا آهن ڇا؟


تڏهن هو واءُ وانگي گذري ٿا وڃن، ۽ قصور ڪري ڏوهاري ٿا ٿين، ڇالاءِ جو هنن جو زور سندن خدا آهي.


تنهنڪري هو پنهنجي ڄار جي لاءِ قرباني ۽ پنهنجي وڏيءَ ڄار جي لاءِ لوبان ٿو ساڙي؛ ڇالاءِ جو انهن جي وسيلي هن جو حصو وڏو ۽ هن جو کاڌو ججهو ٿئي ٿو.


هي سڀ هن جي برخلاف هڪڙو مثال ۽ هڪڙي ملامت جهڙو پهاڪو نہ کڻندا ڇا، ۽ چوندا تہ ويل هجي انهي سان، جو ٻين جي مال تي پاڻ کي ٿو وڌائي! پر اِهو ڪيستائين ٿيندو؟ ۽ جو پاڻ کي گروي ڏنل شين سان ڀري ٿو!


۽ ائين نہ ٿئي جو تون پنهنجيءَ دل ۾ چوين، تہ مون پنهنجيءَ طاقت، ۽ پنهنجي هٿ جي زور سان هيءَ دولت حاصل ڪئي آهي.


۽ خداوند جدعون کي چيو تہ جيڪي ماڻهو تو ساڻ آهن، سي ايترا گهڻا آهن، جو آءٌ مديانين کي انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ نٿو گهران، تہ متان اسرائيلي منهنجي اڳيان ٻٽاڪ هڻي چون تہ اسان جي پنهنجي هٿ اسان کي بچايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ