Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 1:8 - Sindhi Bible

8 ۽ صيون جي ڌيءَ ائين ڇڏي ويئي آهي جيئن ڪا ڀُونگي ڊاک جي منهہ ۾، يا جيئن ڪا جهوپڙي ونگن جي واڙي ۾، يا جيئن ڪو گهيري ڪيل شهر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 رڳو يروشلم شهر ئي باقي وڃي بچيو آهي، جيڪو دشمنن جي گھيري هيٺ آيل لاچار شهر جيان آهي، جيئن انگورن جي باغ ۾ ڪا جھوپڙي، يا جيئن ونگن جي واڙيءَ ۾ ڪا جھُڳي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 1:8
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو پتنگ وانگر پنهنجو گهر جوڙي ٿو، ۽ انهيءَ ڀُونگيءَ جهڙو، جا نگهباني ڪندڙ جوڙي ٿو.


تہ آءٌ صيون جي ڌيءَ جي دروازن ۾ تنهنجي سڀ تعريف ظاهر ڪريان؛ آءٌ تنهنجيءَ نجات جي ڪري سرهو ٿيندس.


اوهان جو ملڪ ويران آهي؛ اوهان جا شهر باهہ سان سڙي ويا آهن؛ اوهان جي زمين کي ڌاريا ماڻهو اوهان جي روبرو ڳهيو ٿا وڃن، ۽ اها سڃي آهي، ۽ ڌارين ماڻهن انهي کي ويران ڪري ڇڏيو آهي.


جي لشڪرن جو خداوند اسان جي لاءِ ڪي ٿورا ماڻهو باقي نہ بچائي ها، تہ اسين جيڪر سدوم جهڙا ٿيون ها، اسين جيڪر عموراہ جهڙا ٿيون ها.


اڄوڪي ڏينهن هو نوب ۾ منزل ڪندو: صيون جي ڌيءَ جي جبل تي، ۽ يروشلم جي ٽڪريءَ تي هو پنهنجو هٿ اُلاري ٿو.


۽ آءٌ تنهنجي برخلاف چوڌاري منزل ڪندس، ۽ دمدمو اڏي توکي گهيريندس، ۽ تنهنجي برخلاف مورچا کڙا ڪندس.


هڪڙي جي ڌمڪيءَ سان هڪ هزار ڀڄندا؛ پنجن جي ڌمڪيءَ سان اوهين سڀ ڀڄي ويندا؛ ۽ اوهين جبل جي چوٽيءَ تي روشنيءَ جي مينار وانگر ۽ ٽڪريءَ تي نشان وانگي رهجي ويندا.


تڏهن خداوند انهي جي بابت هيئن ٿو فرمائي: تہ صيون جي ڪنواري ڌيءَ تنهنجي حقارت ڪئي آهي ۽ توتي کل ٺٺولي ڪئي اٿس؛ يروشلم جي ڌيءَ توتي پنهنجو مٿو لوڏيو آهي.


شايد خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس مالڪ اسور جي بادشاهہ، جيئري خدا جي گلا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌايون آهن، تن لاءِ هو ملامت ڪري: تنهن ڪري جيڪي باقي بچيا آهن، تن لاءِ تون دعا گهر.


يعني تہ جڏهن خداوند عدالت جي روح ۽ باهہ جي روح سان صيون جي ڌيئن جي گندگي ڌوئي ڇڏيندو، ۽ يروشلم جو رت صاف ڪري ڇڏيندو.


تڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندين، تہ ڪنهن مون لاءِ هنن کي ڄڻيو آهي؟ منهنجا ٻار مون کان کسيا ويا هئا، آءٌ تہ اڪيلي ۽ جلاوطن هيس، ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيئي ڀٽڪيس: ڪنهن هنن کي پالي وڏو ڪيو؟ ڏس، آءٌ تہ اڪيلي ڇڏيل هيس، هي سڀ ڪٿي هئا؟


ڏسو، خداوند زمين جي ڇيڙي تائين اهو ظاهر ڪيو آهي، اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجي نجات اچي ٿي؛ ڏس هن جو انعام انهي سان آهي، ۽ هن جو عيوضو هنن جي اڳيان آهي.


۽ اهو وهندو اڳتي يهوداہ ۾ هليو ويندو؛ اهو اُٿلي پوندو ۽ لنگهيو هليو ويندو اهو ڳچيءَ تائين بہ وڃي پهچندو؛ اي عمانوايل. ان جي کنڀن جي پکڙجڻ سان تنهنجي زمين جو شڪم ڀرجي ويندو.


ٻنيءَ جي راکن وانگي هو انهي کي چوڌاري وڪوڙيو بيٺا آهن؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو مون کان باغي ٿي آهي.


آءٌ صيون جي ڌيءَ کي وڍي ڇڏيندس، جا خوبصورت نازنين آهي.


خداوند صيون جي ڌيءَ کي پنهنجي ڪاوڙ جي بادل سان ڪيئن نہ ڍڪي ڇڏيو آهي! هن اسرائيل جي سونهن آسمان مان هيٺ زمين تي اُڇلائي وڌي آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن پنهنجي پيرن جي صندليءَ کي ياد نہ ڪيو اٿس.


۽ هو زور زبردستيءَ سان پنهنجو شاميانو کڻي ويو آهي، ڄڻ تہ اهو ڪنهن باغ جو هو؛ ۽ هن پنهنجي جماعت جي جاءِ ناس ڪئي آهي: خداوند صيون ۾ سڳوري جماعت ۽ سبت وسارائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ بادشاهہ ۽ ڪاهن ڏانهن نفرت ظاهر ڪئي اٿس.


اي صيون جي ڌيءَ، ڳاءِ ۽ خوشي ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اچان ٿو، ۽ تنهنجي وچ ۾ رهندس.


اي صيون جي ڌيءَ خوشي ڪر؛ ۽ يروشلم جي ڌيءَ خوشيءَ وچان واڪا ڪر: ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ اچي ٿو: هو سچار آهي ۽ هن وٽ نجات آهي؛ هو حليم آهي، ۽ گڏهہ تي، بلڪ کودڙي تي سوار آهي.


”اي صيون جي ڌيءَ، ڊڄ نہ: ڏس، تنهنجو بادشاهہ کودڙي تي چڙهيو پيو اچي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ