Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 1:7 - Sindhi Bible

7 اوهان جو ملڪ ويران آهي؛ اوهان جا شهر باهہ سان سڙي ويا آهن؛ اوهان جي زمين کي ڌاريا ماڻهو اوهان جي روبرو ڳهيو ٿا وڃن، ۽ اها سڃي آهي، ۽ ڌارين ماڻهن انهي کي ويران ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اوهان جا شهر ساڙيا ويا آهن، بلڪ اوهان جي ملڪ کي ويران ڪيو ويو آهي. اوهان جي هوندي ڌارين ماڻهن اوهان جي ملڪ کي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. بلڪ اوهان جي ملڪ کي انهن اجاڙي ويران ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 1:7
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري خداوند سندس خدا هن کي ارام جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو؛ ۽ انهن هن کي شڪست ڏيئي، ۽ سندس ماڻهن مان تمام گهڻا قيدي کڻي دمشق ۾ آندا. ۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ بہ ڏنو ويو، جنهن ڏاڍي ڪوس سان هن کي شڪست ڏني.


هو ماڻهن جي بڇڙائيءَ ڪري، آباد زمين کي ڪلر بنايو ڇڏي.


وري اهي ظلم، ۽ غم، ۽ تڪليف، جي ڪري گهٽجيو وڃن، ۽ ڪري ٿا پون.


شل انهي جو قرض خواہ سندس سمورو مال ڦري وٺي؛ ۽ ڌاريا ماڻهو سندس ڪمائي لٽين.


۽ صيون جي ڌيءَ ائين ڇڏي ويئي آهي جيئن ڪا ڀُونگي ڊاک جي منهہ ۾، يا جيئن ڪا جهوپڙي ونگن جي واڙي ۾، يا جيئن ڪو گهيري ڪيل شهر.


ڇالاءِ جو يروشلم فنا ٿي ويو آهي، ۽ يهوداهہ ڪري پيو آهي، ڇالاءِ جو سندن زبان ۽ سندس ڪم خداوند جي برخلاف آهن، ۽ هو هن جي جلال جي اکين کي ڪاوڙائين ٿا.


۽ انهي جون نهرون رال ٿي پونديون، ۽ انهي جي مٽي گندرف، ۽ انهي جي زمين سڙندڙ رال ٿي پوندي.


ڇالاءِ جو تنهنجون ويران ۽ سڃيون جايون، ۽ تنهنجو برباد ٿيل ملڪ، هاڻي رهاڪن جي گهڻائيءَ ڪري تنگ ٿيندو، ۽ جي توکي ڳهي ٿي ويا سي پري ٿي ويندا.


تڏهن گهيٽا ڄڻ تہ پنهنجي چراگاهہ ۾ چرندا، ۽ دولتمندن جي ويران ٻنين ۾ ڌارين جا ڌڻ چرندا.


لشڪرن جي خدا منهنجي ڪن ۾ چيو تہ يقيناً گهڻا گهر ويران ٿيندا، بلڪ وڏا ۽ عمدا گهر خالي رهندا.


تڏهن مون چيو تہ اي خداوند، ڪيستائين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيستائين ڪ شهر بنا ڪنهن رهاڪوءَ جي، ۽ گهر بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي ويران ٿين؛ ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿئي.


جيئن تہ توکي ڇڏي ڏنو اٿن ۽ تو کان نفرت ڪئي اٿن، ايتري قدر جو ڪوبہ ماڻهو تو منجهان نٿي لنگهيو، تيئن آءٌ توکي هميشہ لاءِ اقبالمندي بخشيندس ۽ گهڻين پيڙهين لاءِ خوشي بنائيندس.


خداوند پنهنجي ساڄي هٿ جو، ۽ پنهنجيءَ زور واريءَ ٻانهن جو قسم کنيو آهي، تہ تنهنجو اَن تنهنجي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس؛ نڪي تنهنجو شراب، جنهن لاءِ تو محنت ڪئي آهي، سو ڌاريا پيئندا.


تنهنجا پاڪ شهر بيابان ٿي ويا آهن، صيون بيابان ٿيو آهي، ۽ يروشلم ويران آهي.


ڇالاءِ جو شرارت باهہ وانگي ساڙي ٿي، اها ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا کايو وڃي؛ هائو اها ٻيلي جي گهاٽن ٻوڙن کي ڀڙڪائي ٿي، ۽ اهي دونهين جي گهاٽن ڪڪرن ۾ ڦرندا مٿي چڙهي وڃن ٿا.


ڇالاءِ جو جنگ ۾ هٿيارن ٻڌل ماڻهوءَ جا سڀ هٿيار ۽ رت ۾ ڀريل ڪپڙا، ساڙڻ جي لاءِ باهہ جي ڪاٺين جهڙا ٿيندا.


جوان شينهن اُنهي تي گوڙ ڪيو آهي، ۽ اُهي گجيا آهن: ۽ انهن هن جي زمين سڃي ڪري ڇڏي آهي؛ هن جا شهر سڙي ويا آهن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونهي.


هڪڙو شينهن پنهنجي گهاٽي جهنگ مان نڪتو آهي، يعني هڪڙو قومن کي ناس ڪندڙ: اهو پنڌ ۾ آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تان هليو آهي؛ انهي لاءِ تہ ملڪ کي ويران ڪري، ۽ تنهنجا شهر سڃا ٿي وڃن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونہ بچي.


جنهن ڪري منهنجو غضب ۽ منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪي نڪتي، ۽ يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ٻرڻ لڳي؛ ۽ هو زبون ۽ ويران ٿي ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


اي يروشلم، تون ڪي سمجهہ، متان منهنجو روح تو کان ڇڄي ڌار ٿئي؛ متان آءٌ توکي ويران ڪري ڇڏيان، ۽ اهڙي زمين ڪريان جنهن ۾ ڪوبہ ڪونہ رهي.


تڏهن آءٌ يهوداہ جي شهرن مان ۽ يروشلم جي گهٽين مان خوشيءَ جو آواز، ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز، ۽ ڪنوار جو آواز، بند ڪرائي ڇڏيندس: ڇالاءِ جو زمين ويران ٿي ويندي.


اسان جو ورثو ڦيرائي ڌارين کي ڏنو ويو آهي، ۽ اسان جا گهر بيگانن کي.


تنهنڪري ڏس، آءٌ توکي اُڀرندي جي ماڻهن جي حوالي ڪندس تہ تون انهن جي ملڪيت ٿين، ۽ اُهي قوم ۾ منزلگاهہ ڪندا، ۽ تو ۾ پنهنجي رهڻ جون جايون جوڙيندا؛ هو تنهنجا ميوا کائيندا، ۽ تنهنجو کير پيئندا.


آءٌ نديون سُڪائي ڇڏيندس ۽ اُها زمين خراب ماڻهن جي هٿ ۾ وڪڻندس؛ آءٌ اُها زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، سو ڌارين جي هٿان ويران ڪرائيندس؛ مون خداوند خدا ائين فرمايو آهي.


ڌاريا هن جي طاقت ڳهي ويا آهن، ۽ انهي جي هن کي ڪابہ خبر ڪانهي: هائو، هن تي ڪجهہ اڇا وار بہ اچي ويا آهن؛ پر انهن جي بہ هن کي خبر ڪانهي.


ڇالاءِ جو هو واءُ پوکين ٿا ۽ واچوڙو لڻندا: هن وٽ ڪو بيٺل اَن ڪونهي؛ سٽن مان کاڌو پيدا نہ ٿيندو؛ جي کڻي ٿيندو تہ بہ ڌاريا اُهو ڳهي ويندا.


۽ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ دربدر ڪندس، ۽ اوهان جي پٺيان ترار ڪڍندس: ۽ اوهان جو ملڪ ويران، ۽ اوهان جا شهر غير آباد ٿي ويندا.


۽ جنهن عرصي ۾ ملڪ غير آباد هوندو، ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ رهندا، انهي عرصي ۾ اوهان جو ملڪ سبت وانگر آرام وٺندو؛ تڏهن زمين پنهنجن سبتن جو آرام وٺندي.


۽ آءٌ تنهنجي ملڪ جا شهر چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ تنهنجا سڀ مضبوط قلعا ڊاهي ڇڏيندس:


تنهنڪري مون بہ توکي سخت زخمي ڪيو آهي: مون توکي تنهنجن گناهن جي ڪري ويران ڪيو آهي.


تنهنجيءَ زمين جي پيداوار، ۽ تنهنجي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي جنهن کي تون نٿو سڃاڻين؛ تون سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندين:


جيڪو ڌاريو ماڻهو تنهنجي وچ ۾ هوندو سو توکان وڌندو ويندو؛ ۽ تون گهٽبو ويندين.


۽ هي بہ ڏسندا تہ انهي جي ساري زمين کي گندرف، ۽ شورو لڳو پيو آهي، ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي، جو منجهس نڪا پوک ٿي ٿئي، نڪا پيداوار ٿي ٿئي، نڪو گاهہ ٿو اُڀري: اهو ملڪ سدوم، ۽ عمورہ، ۽ ادمہ، ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جنهن کي خداوند پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ نابود ڪري ڇڏيو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ