Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 1:6 - Sindhi Bible

6 پير جي تريءَ کان وٺي مٿي تائين انهي ۾ ڪابہ تندرستي ڪانهي، پر زخم ۽ گهاءَ، ۽ ڪنا ٿيندڙ ڦٽ آهن: اهي نہ بند ٿيا آهن، نہ پٽيءَ سان ٻڌل آهن ۽ نہ تيل سان نرم ڪيا ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پيرن جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين اوهان جي بدن ۾ ڪا تندرستي ڪانهي، بلڪ رڳو زخم، گھاءَ ۽ رت ڳاڙيندڙ ڦٽ آهن، جن کي نہ زور ڏيئي صاف ڪيو ويو آهي، نہ پٽي ٻڌي ويئي اٿن، ۽ نہ وري مٿن ڪا ملم ئي لڳائي ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 1:6
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي سڄي اسرائيل ۾ ابي سلوم جهڙو ٻيو ڪوبہ ماڻهو خوبصورتيءَ جي ڪري تعريف جوڳو ڪونہ هو: پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين هن ۾ ڪوبہ عيب ڪونہ هو.


ڇالاءِ جو هو زخمي ڪري ٿو، ۽ پٽي ٻڌي ٿو، هو ڦٽي ٿو، ۽ هن جا هٿ ڇُٽائي چڱو ڀلو ٿا ڪن.


مون پنهنجي مصيبت جي ڏينهن خداوند کي ڳوليو: مون رات جو پنهنجا هٿ ڊگهيريا ۽ ڍرا ڪين ڪيم؛ پر منهنجيءَ جان کي تسلي ڪانہ آئي.


انهي ڏينهن، جڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت جي ڦٽ تي پٽي ٻڌندو، ۽ انهيءَ جي زخم جو ڌڪ ڇُٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائي جهڙي ٿيندي، ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي.


دل سڀني شين کان وڌيڪ دغاباز آهي، ۽ اُها حد کان وڌيڪ بيمار آهي: انهي کي ڪير معلوم ڪري سگهي ٿو؟


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ تنهنجو درد لا علاج آهي، ۽ تنهنجو زخم سخت آهي.


پنهنجي ايذاءُ کان دانهون ڇو ٿو ڪرين؟ تنهنجو درد لاعلاج آهي: اهي ڪم مون تو سان انهي لاءِ ڪيا آهن جو تنهنجن بيشمار گناهن جي سبب تنهنجو قصور وڏو آهي.


ڏس، آءٌ انهي جي لاءِ شفا ۽ علاج آڻيندس، ۽ انهن کي تندرستي بخشيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي گهڻي سلامتي ۽ سچائي ظاهر ڪندس.


هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي، پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.


جهڙيءَ طرح کوهہ پنهنجو پاڻي اُڇلائي ڪڍي ٿو تيئن هو پنهنجي شرارت اُڇلي ٿو: انهي ۾ زبردستي ۽ مار پئي ٻڌجي؛ منهنجي اڳيان سدائين بيماري ۽ زخم آهن.


ڪوبہ تنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي؛ تنهنجو زخم سخت آهي: جيڪي تنهنجي شڪست جو ٿا ٻڌن، سي تو تي تاڙيون ٿا وڄائين؛ ڇالاءِ جو اُهو ڪير آهي، جنهن تي سدائين تنهنجي شرارت جو بار نہ هو؟


پر اوهين جي منهنجي نالي جي تعظيم ٿا ڪريو، تن جي لاءِ صداقت جو آفتاب اُڀرندو، ۽ انهيءَ جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي، ۽ اوهين وٿاڻ جي گابن وانگي ايندا ۽ نچندا ٽپندا.


پر جڏهن هن اِها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳو، تہ جيڪي چڱا ڀلا آهن تن کي طبيب جي گهرج ڪانهي پر انهن کي جي بيمار آهن.


۽ وٽس اچي سندس ڦٽن تي تيل ۽ دارون مکي اُنهن کي پَٽِي ٻَڌائين؛ ۽ پنهنجي وهٽ تي چاڙهي مهمان سراءِ ۾ وٺي آيس، ۽ سندس خدمت ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ