Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 1:31 - Sindhi Bible

31 ۽ زور وارو اهڙو ٿيندو جهڙو مڙهہ، ۽ ان جو ڪم اهڙو جهڙي چڻنگ؛ ۽ اهي ٻئي گڏ سڙندا، ۽ ڪوبہ انهن کي اُجهائڻ وارو ڪونہ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 اوهان جا زورآور بہ ڪکن ڪانن جهڙا ڪمزور ٿي ويندا، ۽ انهن جا ڪم چڻنگ مثل ٿيندا. اهي پنهنجن ڪمن سان گڏ باهہ ۾ پيا سڙندا، ۽ ڪوبہ انهيءَ کي اجھائڻ وارو ڪونہ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 1:31
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري لعنت زمين کي ڳهي وئي آهي، ۽ جيڪي ان تي رهن ٿا سي ڏوهاري سمجهيا ويا آهن: انهيءَ ڪري زمين جا رهاڪو سڙي ويا آهن، ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن.


اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.


مون ۾ ڪاوڙ ڪانهي، جنگ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا منهنجي برخلاف هجن ها تہ آءٌ انهن تي ڪاهہ ڪريان ها، ۽ سڀني کي گڏ ساڙي ڇڏيان ها.


اوهان کي بهہ جو حمل رهندو، ۽ اوهين ٻٿ ڄڻيندا: اوهان جو پساهہ باهہ آهي، جا اوهان کي کائي ويندي.


صيون ۾ جيڪي گنهگار آهن، سي ڊڄي ويا آهن؛ بي دينن کي اوچتو ڏڪڻي وٺي وئي آهي. اسان مان ڪير تباهہ ڪندڙ باهہ سان رهندو؟ اسان مان ڪير هميشہ جي کورن سان رهندو؟


يعني تہ جڏهن خداوند عدالت جي روح ۽ باهہ جي روح سان صيون جي ڌيئن جي گندگي ڌوئي ڇڏيندو، ۽ يروشلم جو رت صاف ڪري ڇڏيندو.


۽ جيڪو جنگي گاڏين ۽ گهوڙن، لشڪرن ۽ بهادرن کي ڪڍي ٿو اچي، سو هيئن ٿو فرمائي تہ اهي سڀ گڏ سمهندا، اهي نہ اُٿندا؛ اُهي معدوم ٿي ويا آهن، اهي سڻيءَ وانگي اُجهامي ويا آهن.


تنهن ڪري جيئن باهہ جو شعلو بت کي کائي وڃي ٿو، ۽ جيئن سڪل گاهہ شعلي ۾ ڳيسجي وڃي ٿو، تيئن هنن جي پاڙ سڙي ڪِني ٿي ويندي، ۽ انهن جو ٻُور مٽيءَ وانگر اُڏامي ويندو: ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي شريعت رد ڪئي آهي، ۽ اسرائيل جي پاڪ وجود جو ڪلام ڌڪاريو آهي.


ڏسو، اوهين سڀ جي باهہ ٻاريو ٿا، ۽ اُماڙيون چيلهہ سان ٻڌو ٿا: سي پنهنجي باهہ جي شعلي ۾، ۽ جيڪي اُماڙيون ٻاريون اٿوَ تن منجهہ هلو. اهو ئي منهنجي هٿان اوهان کي ملندو ۽ اوهين ڏک ۾ ليٽي رهندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ جيڪي پاڻ کي انهي لاءِ پاڪ صاف ٿا ڪن تہ باغن جي وچ ۾ وڃي ڪنهن جي پٺيان بيهي سوئر جو گوشت، ۽ ڪراهت جهڙيون شيون، ۽ ڪوئو کائين؛ سي سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.


۽ اهي ٻاهر نڪري انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا جن منهنجو گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهن جو ڪينئون نہ مرندو، ۽ نڪي انهن جي باهہ وسامندي؛ ۽ اُهي سڀني ماڻهن اڳيان ڪراهت جهڙي شيءِ ٿيندا.


لشڪرن جي خداوند جي ڪاوڙ ڪري زمين سڙي وئي آهي: ماڻهو بہ باهہ جي ڪاٺين وانگر آهن؛ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رعايت نٿو رکي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اي دائود جا گهراڻا صبح جي وقت عدالت ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي نڪري، ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳي جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.


زور وارن مان جيڪي زبردست آهن سي دوزخ جي وچ مان، هن سان ۽ هن جي مدد ڪندڙن سان ڳالهائيندا: هو هيٺ هليا ويا آهن، هو ماٺ ڪيو پيا آهن، يعني اُهي اڻ طهريل ماڻهو جي ترار سان قتل ڪيا ويا آهن.


ڇالاءِ جو ڏس اُهو ڏينهن اچي ٿو جو کوري وانگر ٻرندڙ آهي؛ تڏهن سڀ هٺيلا، ۽ سڀ بڇڙائي ڪندڙ بهہ وانگي ٿيندا: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو ڏينهن هنن کي اهڙو ساڙيندو جو نڪي ٽاري نڪي پاڙ بچندي.


بلڪ هينئر ئي وڻن جي پاڙ تي ڪهاڙي رکي ويئي آهي، تنهنڪري جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، سو وڍي باهہ ۾ وجهبو.


جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، ۽ اُهو پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو، ۽ پنهنجي ڪڻڪ ڀانڊي ۾ گڏ ڪري رکندو؛ پر بهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙيندو جا وسامڻ جي ئي ڪانهي.


۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا:


۽ شيطان جنهن کين گمراهہ ڪيو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اُڇلايو ويندو، جتي اهو حيوان ۽ ڪوڙو نبي بہ آهي؛ ۽ اهي رات ڏينهن اتي هميشہ تائين عذاب پيا سهندا.


جڏهن هو لحيءَ ۾ آيو، تڏهن فلستي هن کي ڏسڻ شرط رڙيون ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن تي هئا، سي انهيءَ سڻيءَ جهڙا ٿي پيا جا باهہ سان سڙي ويندي آهي، ۽ هن جا بند سندس هٿن تان ڪري پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ