Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 1:29 - Sindhi Bible

29 ڇالاءِ جو جيڪي شاهہ بلوط اوهان کي پسند آهن تن کان هو شرمندا ٿيندا، ۽ جيڪي باغ اوهان پسند ڪيا آهن تن جي لاءِ اوهين لڄي ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 اي يروشلم وارؤ! اوهين نهايت خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان شاهہ‌بلوط وڻن کي خوشيءَ سان پئي پوڄيو آهي، ۽ ديوتائن جي پوڄا لاءِ اوهان باغ پئي لڳايا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 1:29
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اها چاندي جا اوهانجين اُڪريل مورتن تي چڙهيل آهي، ۽ اهو سون جو اوهانجين پلٽيل مورتن تي چڙهيل آهي، تنهن کي اوهين پليت ڪندا؛ تون انهن کي ناپاڪ شيءِ ڄاڻي اُڇلائي ڇڏيندين؛ تون هنن کي چوندين تہ هتان نڪري وڃو.


ڇالاءِ جو انهي ڏينهن سڀڪو ماڻهو پنهنجون چانديءَ ۽ سون جون مورتون، جي اوهان جن هٿن گناهہ ڪرڻ لاءِ جوڙيون آهن، سي اُڇلائي ڇڏيندو.


اهي جي اُڪريل مورتن تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ جي پلٽيل مورتن کي چون ٿا تہ اوهين خدا آهيو، سي پٺ تي ڦيريا ويندا، ۽ اهي ڏاڍا شرمندا ٿيندا.


اهي شرمندا ٿيندا، هائو، اهي سڀ پشيمان ٿيندا: جيڪي بتن جوڙڻ وارا آهن، سي سڀ منجهي پوندا.


اوهين، جي شاهہ بلوطن وٽ هر ڪنهن سائي وڻ هيٺ عيش عشرت ۾ گرم ٿا ٿيو؛ جي ماٿرين ۾، ۽ ٽڪرين جي ڦاٽن ۾ ٻار ٿا ڪهو؟


بلڪ اهڙي اُمت جا هميشہ منهنجي روبرو مون کي چڙ ٿي ڏياري، جا باغن ۾ قربانيون ٿي چاڙهي، ۽ سرن تي لوبان ٿي ساڙي؛


خداوند فرمائي ٿو تہ جيڪي پاڻ کي انهي لاءِ پاڪ صاف ٿا ڪن تہ باغن جي وچ ۾ وڃي ڪنهن جي پٺيان بيهي سوئر جو گوشت، ۽ ڪراهت جهڙيون شيون، ۽ ڪوئو کائين؛ سي سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.


ڇالاءِ جو قديم وقت کان مون تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، ۽ تنهنجا بند خلاص ڪري ڇڏيا اٿم؛ ۽ تو چيو تہ آءٌ خدمت نہ ڪنديس؛ ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ تو ڪنڃريءَ وانگي پاڻ کي جهڪايو آهي.


يوسياہ بادشاهہ جي ڏينهن ۾ خداوند مون کي هيترو وڌيڪ بہ فرمايو تہ، جيڪي بي وفا اسرائيل ڪيو آهي سو ڪي تو ڏٺو آهي؟ هوءَ سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ ويٺي آهي، ۽ اُتي زناڪاري ڪئي اٿس.


۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون توکي معاف ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون ياد ڪرين ۽ لڄي ٿين، ۽ شرم جي ڪري وري اڳتي پنهنجو وات نہ پٽين؛ خداوند خدا ٿو فرمائي.


تڏهن اوهين پنهنجا خراب رستا ياد ڪندا، ۽ پنهنجا ڪم جي چڱا نہ هئا، ۽ پنهنجي ڪراهت جهڙن ڪمن، ۽ پنهنجين بدڪارين جي ڪري خود پنهنجي نظر ۾ اوهين پاڻ کي ڌڪاريندا.


۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن هنن جا ڪُٺل ماڻهو، سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي، سڀني جبلن جي چوٽين تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ، ۽ سڀ ڪنهن شاهہ بلوط جي وڻ هيٺ، جتي هو پنهنجن سڀني بُتن لاءِ خوشبودار نذرانا چاڙهيندا هئا، اُتي سندن قربانگاهن جي چوڌاري، سندن بُتن جي وچ ۾، پيا رهندا.


اسور اسان کي ڪين بچائيندو؛ اسين گهوڙن تي نہ چڙهنداسين، نڪي وري اڳتي اسين پنهنجن هٿن جي ڪم کي چونداسين تہ اوهين اسان جا خدا آهيو، ڇالاءِ جو تون ئي يتيمن تي رحم ٿو ڪرين.


افرائيم چوندو تہ اڳتي وري بُتن سان منهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ مون خداوند هن کي جواب ڏنو آهي، ۽ آءٌ مٿس نگاهہ ڪندس: آءٌ صنوبر جي سائي وڻ جهڙو آهيان؛ مون کان توکي پنهنجو ميوو حاصل ٿيندو.


هو جبلن جي چوٽين تي قربانيون ٿا ڪن، ۽ ٽڪرين تي شاهہ بلوط ۽ ديودارن، ۽ تارپين جي وڻ هيٺ لوبان ٿا ساڙين، ڇالاءِ جو انهن جي ڇانوَ چڱي آهي: تنهنڪري اوهان جون ڌيئون ڪسب ٿيون ڪمائين، ۽ اوهان جون ننهون زناڪاريون ٿيون ڪن.


هوا ان کي پنهنجن کنڀن ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجين قربانين جي ڪري شرمندا ٿيندا.


پوءِ جن ڪمن جي ڪري اوهان کي هاڻي شرم ٿو اچي، تن مان اُنهي وقت اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڇالاءِ جو انهن ڪمن جو نتيجو آخر موت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ